جانيءَ جي جدائي
نسيم بخاري
سنڌ جي مشهور شاعر اياز جاني جي اوچتي وڇوڙي واري خبر دل تي وِڄَ جيان ڪڙڪي آهي، اياز جي جان رڳو ادبي تخلص ئي نه هو، پر هو حقيقت ۾ به جاني هو، جيڪو به هن سان مليو آهي، اُهو جهٽ ۾ جانيءَ جو ٿي ويو آهي. هن جو اخلاق، لهجو، انداز ۽ خلوص وسرڻ جهڙو ناهي، هو رڳو معصوم دل جو ئي مالڪ نه هو، پر پنهنجي ڪردار ۾ به سراپا معصوم هو. هٺ ۽ هوڏ کان ڪوهين ڪوڙ پري هو. موت اٽل ۽ اڻٽر آهي، پر اياز جانيءَ جو موت هزارين جيءَ جهوري ويو آهي، هن جي عمر وڃڻ ۽ وڇوڙي واري نه هئي. هن جو جوانيءَ وارو موت سنڌ جي ساڃاهه جي دل ۾ تڏا وڇائي ويو آهي.
اياز جاني زندگيءَ جي تلخين وارو زهر سدائين پيتو، وڇوڙا، محروميون، تنگ دستي ۽ بي رخيون هن جي حياتيءَ جو حصو هيون. دل جي تنهائيءَ جي ليکڪ پنهنجي شعري مجموعي جي اشاعت، ڇهه مهينا پوءِ هن فاني جهان کي الوداع ڪيو آهي. هن وقت سان وفائي، دوستن يارن ۽ مٽن مائٽن سان نڀايو، پر هن سان ڪنهن نڀايو؟ ڪير هن جي حال تي هليو؟ ڪنهن هن جي ڏکن سورن کي پوري سنجيدگي سان سمجهيو؟ اياز جاني لکيو هو ته:
وقت تو سان وفا ڪري ٿا وڃون،
تهمتون پاڻ تي ڌري ٿا وڃون،
زندگي موت جي سواري آ،
سا سواري اسان ڪري ٿا وڃون.
اياز جانيءَ جي موت واري سواري سنڌ کي سوڳوار ڪري وئي آهي، سنڌ پنهنجي سهڻي ۽ سيبتي شاعر جي وڇوڙي تي اداس آهي. اياز جاني پنهنجي هم عمر ۽ هم عصر شاعرن ۾ پڪو پختو شاعر هو، جنهن جي دل ۾ ديس جو درد هو ۽ ديس جي هر فرد جو درد هو، هن جي مٽيءَ سان محبت تي ڀونءَ سان بيحد پيار هو، اهو ئي سبب هو جو هن لکيو هو ته:
ڀونءَ کي ڀاڪر ڀريو، ڀاڱا نه ٿيو،
ڏاڍ جو ڏونگر ڏريو، ڀاڱا نه ٿيو.
سوچ کي ارپيو ڪشادو آسمان،
پير ڌرتيءَ تي ڌريو، ڀاڱا نه ٿيو.
ڪابه اونداهي سدا رهڻي نه آ،
ڄاڻ ڪو ڏيئو ٻريو، ڀاڱا نه ٿيو.
اياز جاني زبردستي رومانوي شاعر آهي، هن وٽ ٻيو ڪجهه باقي رهيو هجي يا نه پر عشق سلامت آهي. ان عشق جو ئي ڪمال هو، جنهن اياز کي جاني بڻايو. اياز جو ته هڪڙو جاني هوندو، پر جي تخليق سفر کي جڳ جو جاني بڻائي ڇڏيو، ان کي جاني جي پنهنجي پرينءَ لاءِ جذبن جي جهلڪ پسو،
سوا پرين جي جڏهن به گذري سڄي حياتي اداس گذري،
جڏهن به سوچيم ته سٽ اڀري، سڄي حياتي اداس گذري.
ڪڏهن جدائي جي جاڳ ساڙيو، ڪڏهن اميدن جي آڳ ساڙيو،
نه ڏينهن جهوميو نه رات اُجري، سڄي حياتي اداس گذري.
اياز جاني سنڌ پرست شاعر هو، هن وٽ پنهنجي قوم، سماج ۽ سنڌ ۾ تت نوان خواب هئا. هو ظلمن ۽ انيائن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائيندڙ ليکڪ هو، تڏهن ئي ته پنهنجي معصوم جذبن جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو اٿائين ته:
لانگ بوٽن کي کڻو، تارون کڻو، ڪي گل رکو،
سرحدن تان سڏڪندڙ سارون کڻو، ڪي گل رکو.
هرطرف وحشي روين جي اڃا اوناڙ آ،
هي ڪهاڙيون، تير تلوارون کڻو، ڪي گل رکو.
ڌرتيءَ سان دل لڳي جي شاهديءَ لاءِ اياز جاني جا اهي شعر ئي ڪافي آهن ته،
قدم قدم تي گلاب رت جا ڪي کيت کيڙي ڪيان مان صدقي،
اي سنڌ! توتي ٻنهي جهانن جي سونهن ميڙي ڪيان مان صدقي.
سڄي حياتي فضول نعرن غلام سوچن جي ور چڙهي وئي،
نون سُرن ۾ نئين حياتيءَ جا گيت ڇيڙي ڪيان مان صدقي.
اياز جاني هڪ شاعر طور جيڪا مڃتا ماڻي، اهڙو داد هر ڪنهن جي حصي ۾ ناهي ايندو، پر جنهن رياست ۾ اسان رهون ٿا، ان جي حاڪمن کي شاعرن تي ڪو جيءَ جهُٻو ناهي ايندو ۽ انهن جي روشني تي حقيقت ۾ اياز جانيءَ جي روح کي رهڙا ڏنا، ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهوءَ کي نئين ديري ۾ نوڪري ڏني وئي. هن سان گڏ جن ٻين کي آرڊر مليا، اهي پنهنجو جڳاڙ ڪري ويا، پر اياز جڳاڙي نه هو، ان ڪري هن کان جڳاڙ نه ٿيو، هو هڪ استاد هو، سڄي ڪراچي ۾ ڪٿي به هن لاءِ ڪا گنجائش نه ڪڍي وئي. ڪراچي ۽ نئين ديري جي پنڌن هن کي جيڪي پيڙائون بخشيون، انهن پيڙائن تي کيس دل جو عارضو عطا ٿيو. اياز جاني کي جڏهن پهريون هارٽ اٽيڪ ٿيو هو ته هن جي علاج جي حوالي سان ڪمشنر لاڙڪاڻي اڪبر لغاري ڪوششون ورتيون هيون، نتيجي ۾ ثقافت کاتي سندس سار لڌي هئي، هو ٻه ڏينهن اڳ شڪارپور سامي ڪل سنڌ مشاعري ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سيڪريٽري سجاد مهر جي دعوت تي آيو هو.
اياز جانيءَ جي وڇوڙي تي ان کي پنهنجا هم عمر ۽ هم عمر دوست ضرور شعري ڀيٽا پيش ڪندا. شاعرن ۾ اڪثر اها خامي ڏٺي وئي آهي ته سندن قول ۽ فعل ۾ تضاد هوندو آهي. اياز جاني ان تضاد کان آجو هو، هن جو جهڙو اندر اُجرو هو، هو ٻاهران به اهڙو ئي معصوم هو. حقيقت اها آهي ته اياز جانيءَ جي وڃڻ جي ويل نه هئي. اياز جاني جي جيون تي اسان اڄ جڏهن سوچ ويچار ڪري رهيا آهيون، تڏهن اسان کي ان جي انهن احساسن تي به نظرثاني ڪرڻ گهرجي ته جيئن وري ڪي ٻيا شاعراڻي پيڙا مان نه گذرن.
هن لکيو هو ته:
بي مزي يار ٿي ويا آهيون،
روح تي بار ٿي ويا آهيون.
هوند اڻ هوند جي پٺيان هلندي،
پاڻ تي وار ٿي ويا آهيون.
اياز جاني ان نتيجي تي پهتو هو ته انسان بي وس ۽ لاچار آهي، قسمت جي آڏو هڪ رانديڪو آهي، هو خواب ڏسي سگهي ٿو، پر انهن جي تعبيرن کان گهڻو پري آهي، هو خواهشون ڪري سگهي ٿو، پر انهن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ سولو ناهي. اياز جاني جنهن شهر ڪراچي ۾ پئي رهيو، ان جي بدلجندڙ رنگن ۽ روين کي به هن نه وساريو آهي.
اياز جاني جڏهن ماهوار رسالو ”همرچو“ ڪڍندو هو، تڏهن ان سان اڪثر رابطو رهندو هو، جيڪو بعد ۾ به برقرار رهيو. هن جي علمي، ادبي خدمتن جي خراج لاءِ هڪ زبردست مقالي لکڻ جي ضرورت آهي، هتي ته فقط هن جي وڇوڙي ۽ سار کي سمايو آهي.
اياز جاني ۾ جيڪا سڀ کان وڏي خوبي مون کي ڏسڻ ۾ آئي ته هن وٽ ڪا وڏائي نه هئي، هو پاڻ کي ٻين شاعرن جيان مٿڀرو نه سمجهندو هو، هو شهرتن جي بلندين تي هوندي به پنهنجي ڌرتي تي پير رکندو هو. هو هر ڪنهن کي عزتون ڏيندو هو. ڪنهن به ننڊ وڏائي واري ڪامپليڪس جهڙي بيماري هن ۾ نه هئي. هو سنڌ جو سدا بهار شاعر هو، هن جا شعر پنهنجي ماڻهن ۽ انهن جي دردن جي ڀرپور نشاندهي ڪن ٿا. هن پنهنجي دردن کي به ڪجهه اهڙي طرح سان اظهاريو آهي جو هر ڪنهن کي اهي پنهنجا ٿا لڳن. اهو ئي سبب آهي ته اياز عوام جو به جاني آهي، اياز جاني کي اسان جڏهن به سڏيو هو، اتي سڪ سان آيو. ادبي سنگت شڪارپور سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪوٽڏيجي ۾ ڪل سنڌ مشاعرو ڪيو هو، اتي به آيو هو، اسان سان شڪارپور ماضي ڪل سنڌ مشاعري ۾ به گڏ هو. هو يارن جو يار هو، بي وڏائي ماڻهو هو، محبت جو متلاشي انسان هو، هن کي جتان به پيار جي ڪا پڪ ملي هن اُتي پنهنجا پکا اڏيا. هو انهن سمورين انساني عظمتن سان مالامال هو، جيڪي ڪنهن به ماڻهوءَ کي مڻيادار بڻائينديون آهن. هو جن خوبين جو مالڪ هو، اهي خلق ۾ گهڻن ۾ نه هونديون آهن، هو سماج کي بهتريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ نه رڳو قلمي پورهيا ڪندو هو، پر عملي طور تي ان طرح جي اڳڀرائي به ڪندو هو. هو سماج جو سرمايو هو، هو چاهي ها ته گهر ويٺي پگهار کڻي پئي سگهيو، پر حق حلال جي روزي هن جي پهرين ترجيح هئي، هن پنهنجي ڪردار سان قرب ڪمايو، هن تاريخ ٺاهي، هن ڪڏهن ڪا درباري سٽ نه لکي، پر سدائين پنهنجي شعرن ۾ استحصالين سان اٽڪندو رهيو.
naseembukhari44@gmail.com