ayazjani
سينيئر رڪن
ملي جي موت کان پهرين،
اکين ۾ انتظاري آ،
اندر ۾ تات طاري آ،
مٿان ٻيو موت طاري آ،
جهان هن کي ته ڇڏڻو آ،
ڇڏي توکي هليو ويندس،
کڻي ڪنهن وقت هليو ويندس،
مگر من ۾ آس هڪڙي آ
ڏسي توکي وٺان جيڪر،
وري شايد ملان ٻيهر،
حياتي آ گهڙي کن لئه،
ستل آن موت بستر تي،
پرين پيار تنهنجي جون،
اچن ٿيون ڪيئي يادون،
سياري جي سرد موسم هئي،
ملي تون ائين وئي هئين آ،
کڻي چين وئي هئين آ،
لٿي سج جو چيو هو تو،
ڀري ٻانهن ۾ او سهڻي
چيو هو تو مڙي مون کي
”حياتي هاڻ تنهنجي آ،
اکيون،چپ،ڳل ته ڇا پر
جواني ساري تنهنجي آ،
چيو هو مون مٺي توکي،“
ٿوهر جهڙي حياتي ۾
ڪڏهن آئي خوشي ناهي،
رکي هٿ چپڙن تي
اکين جي اشاري سان
چيو هو تو وري مون کي
”هاڻي جيڪر ڏٺئي ڪنهن کي،
وري جيڪر چئي ڪنهن کي
اڏائي ڏور ويندي سانءِ
نه هوندي تون، نه هونديس مان،
جفا جي تو ڪئي مون سان “
مڃان ٿو ڏوهه منهنجو آ،
رلي ٿو روز راهن ۾
اهو ئي روح منهنجو آ،
ڀلا ڏوهي ته ناهيان مان
وفا جي ڏوهه آ منهنجو،
مٺي تون پاڻ مارين ها،
کسي خوشيون ۽ خواب وئين تون،
ڏئي روڳ دل ۾ ۽ اکين آب وئين تون
ٻڌائي تون وڃي ها جي،
روئي تنهنجي راهن ۾
ڪري تو لاءِ پوان ها جي
متان تون پاڻ روڪين ها،
پنهنجي پيرن کي او سهڻي
پر افسوس آ تو تي،
وئين تو ڇڏي مون کي
ڳڻيا تو لئه ڏينهن راتيون
وهائي نير تولئه
ڪٽيون اذيت ۾ ڪئي راتيون
مهينا سال ويا گذري
ويس توکان ائين وسري
جئين مليو ئي ڪو نه هيس توسان،
مڃان ٿو پيار سڀ ڪجهه ناهي
آهي سڀ ڪجهه تو لئه مايا،
اها مايا ته هئي جيڪا،
کسي مون کان وئي ”مايا“
وئي سوچ کسجي،
لڳا سمجهه تي تالا،
دل وئي،عمر وئي،
وئي کسجي جواني آ،
هليا ويا ساٿ هن سارا،
پيو آهيان تنهائي ۾
ڏئي ٿو موت لامارا،
ڀڃي ڀيرو وڃي جيڪر
رڳو هڪ ڀيرو اچي جيڪر
ٽٽي ساهه جي تند ويندي،
وري واپس نه ايندس مان
نه تون وري اچجان،
”چريو هو،مئو مون تي“
ڀلي تون وڻئي چئجان،
پيو آن موت بستر تي
لڳي ٿو ساهه ڀاري آ،
اکين ۾ انتظاري آ،
ٿين احسان او سهڻي،
ملي جي موت کان پهرين
اياز چانڊيو.
اکين ۾ انتظاري آ،
اندر ۾ تات طاري آ،
مٿان ٻيو موت طاري آ،
جهان هن کي ته ڇڏڻو آ،
ڇڏي توکي هليو ويندس،
کڻي ڪنهن وقت هليو ويندس،
مگر من ۾ آس هڪڙي آ
ڏسي توکي وٺان جيڪر،
وري شايد ملان ٻيهر،
حياتي آ گهڙي کن لئه،
ستل آن موت بستر تي،
پرين پيار تنهنجي جون،
اچن ٿيون ڪيئي يادون،
سياري جي سرد موسم هئي،
ملي تون ائين وئي هئين آ،
کڻي چين وئي هئين آ،
لٿي سج جو چيو هو تو،
ڀري ٻانهن ۾ او سهڻي
چيو هو تو مڙي مون کي
”حياتي هاڻ تنهنجي آ،
اکيون،چپ،ڳل ته ڇا پر
جواني ساري تنهنجي آ،
چيو هو مون مٺي توکي،“
ٿوهر جهڙي حياتي ۾
ڪڏهن آئي خوشي ناهي،
رکي هٿ چپڙن تي
اکين جي اشاري سان
چيو هو تو وري مون کي
”هاڻي جيڪر ڏٺئي ڪنهن کي،
وري جيڪر چئي ڪنهن کي
اڏائي ڏور ويندي سانءِ
نه هوندي تون، نه هونديس مان،
جفا جي تو ڪئي مون سان “
مڃان ٿو ڏوهه منهنجو آ،
رلي ٿو روز راهن ۾
اهو ئي روح منهنجو آ،
ڀلا ڏوهي ته ناهيان مان
وفا جي ڏوهه آ منهنجو،
مٺي تون پاڻ مارين ها،
کسي خوشيون ۽ خواب وئين تون،
ڏئي روڳ دل ۾ ۽ اکين آب وئين تون
ٻڌائي تون وڃي ها جي،
روئي تنهنجي راهن ۾
ڪري تو لاءِ پوان ها جي
متان تون پاڻ روڪين ها،
پنهنجي پيرن کي او سهڻي
پر افسوس آ تو تي،
وئين تو ڇڏي مون کي
ڳڻيا تو لئه ڏينهن راتيون
وهائي نير تولئه
ڪٽيون اذيت ۾ ڪئي راتيون
مهينا سال ويا گذري
ويس توکان ائين وسري
جئين مليو ئي ڪو نه هيس توسان،
مڃان ٿو پيار سڀ ڪجهه ناهي
آهي سڀ ڪجهه تو لئه مايا،
اها مايا ته هئي جيڪا،
کسي مون کان وئي ”مايا“
وئي سوچ کسجي،
لڳا سمجهه تي تالا،
دل وئي،عمر وئي،
وئي کسجي جواني آ،
هليا ويا ساٿ هن سارا،
پيو آهيان تنهائي ۾
ڏئي ٿو موت لامارا،
ڀڃي ڀيرو وڃي جيڪر
رڳو هڪ ڀيرو اچي جيڪر
ٽٽي ساهه جي تند ويندي،
وري واپس نه ايندس مان
نه تون وري اچجان،
”چريو هو،مئو مون تي“
ڀلي تون وڻئي چئجان،
پيو آن موت بستر تي
لڳي ٿو ساهه ڀاري آ،
اکين ۾ انتظاري آ،
ٿين احسان او سهڻي،
ملي جي موت کان پهرين
اياز چانڊيو.