تيزيءَ سان ٿيندڙ ترقي جتي زندگي آسان ڪئي آهي اُتي هنرمندن کي هچا ۾ پڻ وڌو آهي. روز تبديل ٿيندڙ ٽيڪنالاجي اهو ضروري پئي بڻائيندي وڃي ته اسان مهل سان ئي پنهنجي ختم ٿيندڙ يا مدي خارجي ٿي ويل هُنر کي ڇڏي ڪُجهه ٻيو اهڙو ڪريون جنهن جي گهُرج هُجي. اڄڪلهه اُهو دؤر آهي جنهن ۾ ڪنهن به نوڪري توڙي هُنر ۾ اها پڪ ناهي ته انهي ۾ ڪم جي نوعيت ساڳي رهندي. مثال طور منهنجو ڳوٺائي مُشتاق منهنجي سانڀر کان اڳ گهڙين (واچ) جو بهترين ڪاريگر رهيو آهي. هتي جون گهڙيون ته ڇا پر سعودي يا ٻين خليج مُلڪ ڪمائڻ ويل شوقين ماڻهن جون آندل گهڙيون خراب ٿين ته به هي اُهي مرمت ڪريو ٺيڪ ڪري ڏي. پر جڏهن کان موبائل فون آئي ته هن جو دُڪان گراهڪن کان خالي ٿيڻ لڳو. نيٺ تنگ ٿي مهل سان موبائل ريپيئر جي ڪم ۾ لڳي ويو. سال کن ٿيو جو ملاقات ٿي ته پُڇيم ”مُشتاق ڏي خبر هاڻي ته روزي سُٺي ملندي هوندي“ چوڻ لڳو ”نه ڀاءُ ڪٿي. موبائل به ڪُجهه وقت مرمت لاءِ آيا پر پوءِ اهو ڪم به ختم ٿي ويو. هاڻي چائنا جا موبائل ايترا ته سستا اچن ٿا جو ڪو سؤ ٻه سؤ ڏيئي مرمت ڪرائڻ به فضول ٿو سمجهي. ڏينهون ڏينهن شيون ڊسپوزبل ٿينديون ٿيون وڃن. جيڪا شيءِ خراب ٿي ٿئي اُها ڦٽي ڪري ماڻهو نئين وٺڻ کي ترجيح ٿا ڏين“. اهو ته هو هڪ ننڍڙو مثال پر اسان ويجهي ماضي تي نظر وجهو ٿا ته ڪيترا ئي ڪم مشينري تي اچي ويا. مثال طور ڪڻڪ جو ڳاهه ڍڳن بجاءِ ٿريشر تي، زمين جي کيڙي ڍڳن بجاءِ ٽريڪٽر تي. پر ان جي رفتار هاڻي ڏينهون ڏينهن تيز پئي ٿيندي وڃي. ان بابت کوجنا ڪندي هڪ جاءِ تي ڪافي اهڙا مثال مليا جيڪي ڪم يا شيون صفا ويجهي مُستقبل ۾ نه به بدلجن پر اهو سڀ ٿيڻ ۾ گهڻي دير به ناهي ۽ انهن ڪمن جا هُنرمند پنهنجي نوڪري يا ڪاروبار کان هٿ ڌوئي ويهن. مثال طور آٽوميٽڪ ڪارن اچڻ سان ڊرائيور، پئسا ڳڻڻ جي مشينن جي عام ٿيڻ سان بئنڪن جا ڪئشير، وڏن سپر اسٽورز جو آٽوميٽڪ ٿيڻ (جيئن ڪٿي ڪٿي پئسا لڳائڻ سان عام جاين تي ريفريجريٽر مان ڪولڊ ڊرنڪ پاڻ مُرادو نڪري ٿي اچي) سان اُتي جي اسٽاف جي واندي ٿيڻ، ڪچن (خاص ڪري ناليوارن هوٽلن جا) روبوٽ سان هلڻ ڪري شيف جو فارغ ٿيڻ، ايستائين جو استادن لاءِ به هاڻ ڪم گهٽجي پيو جديد ٽيڪنالاجي (خاص ڪري وڊيو ٽيچنگ) سان استادن جو ڪم گهڻو گهٽجي ويندو ته اُنهن جي ضرورت پڻ گهٽجي ويندي. ان سڄي تناظر ۾ عام راءِ اها ئي ٿي جُڙي بلڪه فڪر ورائي ٿي وڃي ته ٽيڪنالاجي ڏينهون ڏينهن ماڻهن کي بي روزگار پئي ڪري. مشينن ماڻهن جو ڪم گهٽائڻ سان گڏ سندن روزي روٽي به گهٽائي ڇڏي آهي. پر وسيع نظري ۾ ڏسجي ته ايئن ناهي. اصل ۾ جڏهن هڪ وکر وڪجڻ بند ٿئي ته ٻي جي ڳولا ڪبي آهي. ٻي وکر جي ڳولا مُتلاش جي گهُر ڏسي ڪبي آهي ۽ جنهن کي اهو ڏانؤ اچي ويو ان جا پئون ٻارنهن باقي جيڪي هڪ ئي ڪم ۾ ڀڙ ٿي سڄي عُمر ان آسري ڪٽڻ جو سوچي پنهنجي اولاد کي به اهو ئي سيکاري ويٺا آهن ته اهڙن ماڻهن مان فقط اُهي ئي گُذارو ڪري سگهندا جن جي قسمت سُٺي هوندي ۽ سندن ڪم جي نوعيت اڃان گهڻو وقت ساڳي رهڻي آهي. پوءِ ڪم يا ڪاروبار ڪهڙو به آهي ان سان فرق نه ٿو پئي. ناقابل ماڻهو ناڪام به ٿيندا آهن. پر ڪڏهن وري قابل ماڻهن جو به قسمت ساٿ نه ڏيندي آهي ۽ ٺهيل ڪم ڊهي پوندا آهن. ان جو هڪ مثال ڏجي ته انٽرنيٽ جي دُنيا ۾ مشهور ويبسائٽ ياهو ڊاٽ ڪام تان نوڪري وڃائي ويهندڙ برائن فيس بُڪ تي نوڪري لاءِ ويو پر نه مليس. فيس بُڪ جيڪو هن وقت دُنيا ۾ سوشل ميڊيا ۾ ٽاپ تي آهي پر انهي اداري ۾ نوڪري نه ملڻ تي ڪُجهه لمحن لاءِ مايوس ٿيل برائن اهو سمجهي ورتو ته وٽس جيڪو ڏانؤ آهي اهو اجايو ناهي. هو ڪُجهه اهڙو ڪري سگهي ٿو جنهن سان نه رُڳو هُن جي گُذارو ٿئي پر سڀني جو ڀلو پڻ ٿئي. هُن ڏٺو ته فيس بُڪ هڪ کُليل پيلٽ فارم آهي. پرائيويسي لاءِ ذاتي ميسيج جو آپشن هوندي به ماڻهو هڪ الڳ ٿلڳ پرائيوٽ ۽ جديد رابطن جو ذريعو گهُرن ٿا. هُن پنهنجي ساٿي ڪوم کي آئي فون جي پاپ اپ ميسيج جي سهولت ۾ بهتري آڻيندي ڏٺو ته اُن ۾ دلچسپي وٺي ان سان گڏجي هڪ سافٽويئر تيار ڪيو جيڪو واٽس ايپ نالي دنيا ۾ مشهور ٿي پيو ۽ اڳتي هلي فيس بُڪ اهو خريد ڪرڻ لاءِ هنن کي پنهنجو ڀائيوار ڪري ورتو. هڪ اداري ۾ نوڪري نه ملڻ کان پوءِ ان جو شريڪ مالڪ ٿيڻ جو سفر بس همت ۽ پنهنجي ڏانؤ جي پرک سان مشروط هو جيڪي هن همراهه وٽ هُيون. اهو ته هو نوڪري وڃائڻ جو مثال پر ڪڏهن ڪڏهن ڪم جا انداز يا اوزار بدلجي ويندا آهن. اسان لاءِ وقت تي تبديلي جي نه رُڳو خبر وٺڻ ضروري آهي پر ان ۾ ڀڙ به مهل سان ٿيڻو آهي. خانگي ادارن ۾ ته اهو عام آهي پر هڪ سرڪاري اداري جو اکين ڏٺو مثال آهي ته جنهن وقت اڃان ٽائپنگ مشين جو دور هو ۽ ان ڪم تي لڳل ڪافي سروس باقي رکندڙ ملازمن کي اها خبر به هُئي ته جلد ڪمپيوٽر ان مشين کي پاسي تي ڪري پنهنجي جاءِ وٺندو. تنهن هوندي به اُنهن مان گهڻن ڪمپيوٽر سکڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ورتي. سندن خيال هو ته سرڪاري نوڪري آهي ڪاڏي ويندي؟ ڪم ڪبو ته به اُها ئي پگهار نه ڪبو ته به ساڳي ڳالهه. پر خبر تڏهن پئي جڏهن ٽائپنگ مشيون وڃي ڪٻاڙ ۾ جمع ٿي نيلام ٿيون ۽ ڪمپيوٽر اچي ويا. هاڻي جن کي ڪمپيوٽر آيو ٿي تِن نه رُڳو مانُ ماڻيو پر اڳتي هلي سندن تڪڙي ترقي به ٿي. پر جن اها زحمت نه ڪئي تن جي جاءِ تي نوان ڪمپيوٽر آپريٽر اچي ويا ۽ هنن کي سرپلس پول ۾ گِهليو ويو يا وري اهڙا ڪم ڏنا ويا جيڪي سندن گريڊ کان به گهٽ جا هُئا. انهي تناظر ۾ هڪ ڪارائتي راءِ اها به آهي اوهان پنهنجي ڪم سان لاڳاپيل فيلڊ جي ٿيل يا ٿيندڙ ڪم جو ڀيرو ڀڃيندا رهو. اوهان ڪو ڪاروبار ڪريو ٿا ته ڏسو هن وقت اوهان جهڙا ٻيا ڇا ڪري رهيا آهن. جيڪي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن اُنهن جي حڪمتِ عملي ڪهڙي آهي. اُنهن پنهنجي ڪم ۾ ڪا نواڻ آندي آهي ته ان سان ڪهڙو فرق پيو آهي. ڇا اهو سڀ اوهان پڻ ڪري سگهو ٿا. ساڳي طرح اوهان وٽ ڪو هُنر آهي ته به اوهان اکيون کُليل رکو. مثال طور ڊکڻ، پينٽر، لوهار، زمينداري يا اهڙي قسم جو ڪو ٻيو ڪم ڪندا آهيو ته جڏهن به وقت ملي ٻين علائقن جي ساڳي پيشي وارن ماڻهن جو ڪم پڻ ڏسو. ان مان خبر پوندي ته هو ڇا ٿا ڪن. جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته اوهان جا گراهڪ هاڻي گهٽ پيا ٿين ته اهو سمجهڻ ۾ به مُشاهدي سان آساني ٿيندي ته آخر اوهان جي ڪم ۾ ڪهڙي ڪمي آهي. ماڻهو ٻي طرف ڇو پيا وڃن. ڳالهه گهڻي نواڻ يا گهڻي محنت جي نه هوندي آهي. پر اوهان جي پيداوار جي استعمال ڪندڙ جي گهرج آهي اُن جي خبر وٺڻي آهي. پر جتي ڪم جي نوعيت سمجهي ان جا رُخ وقت سان تبديل ڪرڻ ضروري آهي اُتي اهو به ڌيان رکڻ ضروري آهي ته اهو شوقيه نه ڪجي. اڪثر اسان ساڳيو ڪم ڪندي ڪندي بور ٿيڻ لڳون ٿا ۽ پوءِ بيزاريءَ مان پنهنجي فيلڊ تبديل ڪريون ٿا جيڪو خطرناڪ آهي. ڇو ته ضروري ناهي اسان نئون ڪم اپنائيندي ئي ان ۾ ڀڙ هُجون ۽ هڪ دم ڪم ڪرڻ لڳي وڃون. بلڪه اها زيرو کان شروعات هوندي. ان کان بهتر آهي ته پنهنجي ئي ڪيڊر ۾ نواڻ کي سمجهجي. ان ۾ مزو وٺندي نئين جذبي سان ڪم ڪجي. هن موضوع جي وسعت وڏي آهي. هتي مثال ڏيڻ لاءِ گهڻا آهن. هن موضوع تي ڳالهائيندي هڪ ننڍڙي جُتي ڳنڍيندڙ کان وٺي دُنيا جي امير ترين شخص بل گيٽس تائين تي ڳالهائي سگهجي ٿو. اڪثر ماڻهن کي پنهنجي وکر جي وڪري توڙي ترسيل لاءِ ميڊيم تبديل ٿيڻ تي فڪر ورائي ويندي آهي جنهن جو حل آهي ته ان کي وقت سان سمجهي اُن ۾ ڀڙ ٿجي جيئن مٿي مثال آيو. ڪڏهن ڪڏهن وري بدقسمتي به اڳيان اچي ويندي آهي. خبر ئي ناهي پوندي ته ڪيئن اسان جو ٺهيو ٺُڪيو روزگار هڪ ڏينهن ۾ بند ٿي ويو. هڪ عام مثال ته سڄي سنڌ پر خاص طور راڄڌاني شهر ڪراچيءَ ۾ چنگچي تي پابندي لڳي وئي. عام شهرين ته شُڪر ادا ڪيو ته ان ۾ سوار ٿيندڙ توڙي ان جي پاسي مان لنگهدڙ ٻين مسافرن لاءِ خطرهِ جان بڻيل انهي بي لغام گهوڙن مان جان ڇُٽي پر اکين سان ڏٺوسين ته هزارين چنگچي ڊرائيور جيڪي الائي ڪٿان ڪٿان اچي هتي انهي روزگار سان لڳا هڪدم بي روزگار ٿي پيا. پر اڳتي هلي مُشاهدن مان خبر پئي ته اُنهن مان وري به اُهي صحيح رهيا جن کي ڪُجهه ٻيو ڪم آيو ٿي ۽ وقت سان اُن ۾ لڳي ويا. ايستائين جو ڪُجهه چنگچي وارن ته چنگچي ۾ الٽريشن ڪري ان کي مني لوڊر ٺاهي گهڻي آبادي وارا علائقا ڇڏي ننڍين آبادين ۾ لوڊنگ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. هڪڙا وري اهڙا به مليا جن ٻُڌايو ته اسان کي خبر پئي ته اڄڪلهه آنلائن خريد و فروخت جو ڪم گهڻو پيو هلي. ماڻهو گهريلو عام سامان جا به گهر ويٺي ڪمپيوٽر تي آرڊر ڏين ٿا جيڪي ڪمپنيون کين گهر ويٺي پُهچائن ٿيون. ان ڪم لاءِ ڪمپني وارن وٽ پنهنجا رڪشا آهن يا اهڙا مني لوڊر آهن اسان اُتي وڃي لڳا آهيون ڪم سُٺو پيو هلي. ايئن ئي هڪ ٻيو مثال اسان جي سنڌي شاعرن ۽ فنڪارن جو پڻ آهي. ڪئسٽ ۽ ڊي وي ڊي جو دور ويو ته ڪيئي ناليوارا شاعر ۽ فنڪار گُمنامين جي ور چڙهي ويا. پر ايئن به ناهي ته سڀ گُم ٿي ويا. اڄ به ڪيترائي فنڪار آهن جيڪي ٽي وي تي اچن پيا. پر رُڳو اُهي جن همت ڪئي ۽ ٽي وي تي اچڻ کان نه گهٻرايو. پر گهڻا ڏسڻا وائسڻا بهترين شاعر ۽ فنڪار انهي اجائي وهم جي ور چڙهي رهجي ويا ته اسان ڪٿي ٿا ٽي وي تي اچي سگهون. هڪ ڳالهه اها به آهي اسان جي فيلڊ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪم جي نوعيت ۽ تقاضا ڪهڙي اچڻي آهي اها خبر وٺڻ ايڏي ڏُکي ناهي پر اسان وٽ گهڻا هُنرمند پڙهيل لکيل نه هوندا آهن. توڙي جو وٽن ڪم ۾ نکار توڙي ان ۾ آيل جدت جو گهُرجون پوريون ڪرڻ جي پوري صلاحيت هوندي آهي. اڄڪلهه مختلف اين جي اوز پاران به اهڙن هُنرمندن کي ٽريننگس ڏيئي کين جديد دور جي گهُرجن کان آگاهي توڙي ان جي پورائي لاءِ طريقيڪار سمجهايا وڃن ٿا پر انسانيت جي ناتي اسان جو به اهو فرض آهي ته هر اهڙي هُنرمند کي وس آهر يا پنهنجي ڄاڻ موجب اها معلومات ڏيندا رهون ته کيس ڇا ڪرڻ گهُرجي. پر اها سا حقيقت آهي ته گُذريل ٽن ڏهاڪن ۾ جنهن تيزيءَ سان شين جي جديد ٽيڪنالاجي ڏانهن شفٽنگ ٿئي ٿي پئي. اُن حساب سان لڳي ٿو اسان ڏينهون ڏينهن هر ڪم لاءِ ڪمپيوٽنگ ٽيڪنالاجي جا محتاج ٿيندا وينداسين. تنهنڪري اهڙي ڏُکئي مرحلي تي گهڻي ڪاميابي انهن کي هوندي جيڪي پنهنجي اصل مهارت سان گڏ ڪمپيوٽر جي به ڄاڻ رکندا هُجن. هڪ عام پرچي ڪٽيندڙ مُلازم کان وٺي بئنڪ مئنيجر لاءِ اوچتو ڪمپيوٽر سکڻ ضروري ٿي پيو ڇو ته سندن ڪم ڪمپيوٽر تي ٿيڻ لڳا آهن.