ماضيء جو آئينو ؛ بلوري اهرام

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    ماضيء جو آئينو ؛ بلوري اهرام

    شفيق الرحمان شاڪر

    اهو انڪشاف گھڻن ماڻهن لاء حيرت جو سبب ٿيندو جو مختلف سمنڊن جي تهه ۾ انساني هٿن سان ٺهيل اهرام مليا آهن جيڪي زمين تي موجود اهرامن کان گھڻو پراڻا آهن.ماهرن جو خيال آهي ته اهي اهرام” ليموريا“ ۽ ”اٽلانٽس“ جهڙين دنيا جي قديم ۽ پراسرار مٽجي ويل تهذيبن جون آخري نشانيون آهن.پر ڪن جو خيال آهي ته اهڙن اهرامن جو ڪو مادي وجود ناهي ڇوته اسان ڪڏهن به انهن کي ڏسي نه سگھنداسين.

    ليموريا دور جي اهرامن ۾ سڀني کان گھڻي شهرت بلوري اهرام Crystal Pyramid کي حاصل ٿي جيڪو 1970ع ۾ اتفاقي طور تي هٿ آيو هو.سامونڊي حياتيات جو هڪ آمريڪي ماهر” ڊاڪٽر ري برائون“ پنهن جن دوستن سان گڏ ”بهاماز جي باڙي ٻيٽ“ ويجھو ٽٻيون هڻي رهيو هو ته ساٿين کان وڇڙي ويو ۽ انهن کي تلاش ڪندي هن کي پاڻيء اندر استعمال ڪئي ويندڙ ٽارچ جي روشنيء ۾ هڪ اهرام جهڙي عمارت ڏسڻ ۾ آئي جنهن جي ديوارن مان عجيب قسم جي روشني ڦٽي رهي هئي. پهرين ته ڊاڪٽر برائون ان کي پنهن جي نظر جو دوکو سمجھيو پر سمند جي اونداهين فضا کي چيريندو جڏهن هو ان نجي ويجھو پهتو ته اها عمارت واقعي هڪڙو اهرام نڪتي.120 فٽ بلند ۽ پاڻيء ۾ ان جي اونهائي اٽڪل 132 فٽ هئي پر ان جو صرف 90 سيڪڙو حصو سامونڊي ريتيء کان ٻاهر نڪتل هو.اهرام جي ترڪندڙ ۽ شيشي جيان شفاف سطح ڏسي برائون گھڻو حيران ٿيو.ڪجھه ڪوشش کان پوء برائون ان جو دروازو به ڳولهي ورتو ۽ جڏهن هو ان سوڙهي رستي مان اهرام جي اندر داخل ٿيو ته اتي پورو عجائب خانو هن جو منتظر هو.بلڪل سامهون هڪ مستطيل ڪمرو هو جنهن جي ڇت مخروطي هئي.سڀ کان وڌيڪ حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه هيء هئي جو اندريون ديوارون به چمڪندڙ ۽ شفاف هيون.برائون وٽ ان ٽارچ کان سواء ڪجهه نه هو پر ڪمرو پنهن جي طور تي ئي روشن هو.روشني دوارن مان ڦٽندي محسو س ٿي رهي هئي. پر برائون پنهن جي پوري جستجو باوجود اهو معلوم ڪري نه سگھيو ته اها روسني ڪٿان پيئي اچي!

    مخروطي ڇت جي مرڪزي حصي کان پتل جو ٽن انچن جي قطر واري هڪ لٺ لٽڪي رهي هئي جنهن جي ڇيڙي تي ڪيترائي ننڍا ننڍا قيمتي پٿر جڙيل هئا.راڊ ۽ پٿرن جي بلڪل هيٺان ڪمري جي وچ ۾ پٿر جو ئي گھڙيل هڪ اسٽينڊ هو جنهن جي مٿان گول پليٽ رکيل هئي.پليٽ ۾ ٽامي جهڙي ڌاتوء مان ٺهيل ٻه انساني هٿ رکيل هئا جن جو رنگ ڪاراڻ مائل هو ۽ ايئن ٿي لڳو ڄڻ انهن کي ساڙيو ويو هجي يا پاڻ ئي سڙي ويا هجن.

    انهن شين سواء ڪمري ۾ ٻي ڪا شيء موجود نه هئي.برائون پهرين سيلنگ راڊ ۽ ڳاڙها پٿر الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو انهن مان ڪنهن کي به پنهن جي جاء تان چوري نه سگھيو،پوء هو بلوري گولي طرف متوجه ٿيو ته اهو آسانيء سان ٽامي جي هٿن کان الڳ ٿي ويو.برائون جو ارادو هو ته هو اهرام جي باقي حصن جي به تلاشي وٺي پر اوچتو هن کي اتي نه صرف ڪنهن جي هئڻ جو احساس ٿيو پر کيس هڪڙي قسم جي سس پس به ٻڌڻ ۾ آئي جنهن ۾ هن کي اتان واپس وڃڻ لاء چيو پئي ويو.برائون ايتري قدر ڊڄي ويو جو هو بنان دير جي اهرام مان ٻاهر نڪري آيو.برائون ان ڊپ کان ته آمريڪي حڪومت متان پاڻيء هيٺان اهرام مان مليل حيرت ۾ وجھندڙ بلور کي سرڪاري خزاني ۾ نه شامل ڪري ڇڏي،ڪيتري عرصي تائين اهو لڪائي رکيو.نيٺ 1975ع ۾ هن پهريون دفعو ان بلور جي نمائش ڪئي.بلوري گولي کي صرف ڇهه دفعا منظر عام تي آندو ويو پر هر دفعي بلور جو الڳ منظر ڏسڻ ۾ آيو.سرسري نظر وجھڻ سان گولي جي اندر هڪ ٻئي مٿان ٽي اهرام جڙيل نظر اچن ٿا جيڪي درجي به درجي ننڍا ٿيندا وڃن ٿا.نيويارڪ جي هڪ ماهر” الز بٿ بيڪن “ مطابق پراسرار گولي جي جادوئي نظاري دوران هن کي هڪ غيبي پيغام مليو ته اهو ڪنهن دور۾ مصري خدا ”هوت“ جي ملڪيت هو.ماهر اڃا تائين ان پيغام جي تهه تائين نه پهچي سگھيا آهن ۽ نه ئي اهو راز حل ڪري سگھيا آهن.

    ان گولي کي جيڪر هڪ رخ کان ڏٺو وڃي ته بلور جا اندروني عڪس هزارين ننڍن ننڍن نڪتن ۽ لڪيرن ۾ بدلجي وڃن ٿا.ٻئي طرف کان ڏسڻ تي ماڻهن کي ان جي اندر هڪ وڏي انسانر اک نظر اچي ٿي.جن ان گولي کي ڏٺو آهي انهن جي چوڻ مطابق ان جي ويجھو وڃڻ سان ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ طوفاني هوائون هلي رهيو هجن يا هزارين سرد ۽ گرم لهرن انهيء کي وڪوڙي رکيو هجي.اها ڳالهه طيء آهي ته اهوبلوري اهرام قدرتي نه پر انساني هٿن جو ٺهيل آهي پر اهو ڪيئن ۽ ڪڏهن سمنڊ ۾ غرق ٿيو،ان باري ۾ اڃا تائين ڪو اندازو قائم نه ڪيو ويو آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو