• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سبحان ٿهيم

غلام مرتضى ٿهيم

سينيئر رڪن
مٺا ماڻهون او! موٽي آه پرديس تان
آهي حياتي الائي ڪيتري
آهي حياتي الائي ڪيتري
او! آءُ الهه لڳ تون وري

جئين واڍو وڻ کي وڍي، تئين آريون منهنجي اندر
ڪورين ٿيون منهنجي جان کي
او! تنهنجي الائيجي ڪئين سري

تون ته هليو وئين پرديس تي
منهنجا هتي سُک ويا ڦٽي
تون کي وسارڻ منهنجي وس نه آه
ڳالهه مون لاءِ آهي ڳري

سور سبحان ٿهيم چئي وڌي وري ناسور ٿيا
درد منهنجي جي ڪر ڪا دوا
او ! متان وڃان مان مري


مٺا ماڻهون او موٽي آه پرديس تان
آهي حياتي الائي ڪيتري
او! آءُ الهه لڳ تون وري

سنگر: فياض جويو
شاعر : سبحان ٿهيم



 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top