اسلامي مُلڪن ۾ سحر و افطار جون تياريون

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
بي بي سي پاران اسلامي مُلڪن ۾ رمضان جي سرگرمين جون دلچسپ تصويرون هڪ رپورٽ ۾ ڏنيون ويون. سنڌ سلامت جي ساٿين جي دلچسپيءَ خاطر اهي هتي ڏجن ٿيون.


cu2zhA.jpg


بنگلاديش ۾ تيل ۾ پچايل شيون پسند ڪيون وڃن ٿيون. ماڻهو خريداري ڪندي

9dylDHq.jpg


ايران ۾ هڪ عورت رمضان جي مهيني ۾ ڀاڄين جي خريداري ڪندي

2vgXKk.jpg


ٻين مُلڪن ۾ ايئن ناهي پر انڊونيشيا ۾ عورتون با جماعت نماز پڙهن ٿيون

Wh1HeTs.jpg


لبنان جو هڪ شهري محمد فاناس ماڻهن کي سحريءَ لاءِ اُٿاريندي. سحري لاءِ ماڻهن کي اُٿاريندڙ کي اُتي مشراني چون ٿا.

575922fc35544.jpg


پاڪستان ۾ اجتماعي افطارين جو رواج عام آهي جتي سرنديءَ وارا دل کولي افطاري لاءِ پئسا ڏين ٿا.

26948328703_43a4be196a_o.jpg


شام ۾ آڙوءَ جي فروٽ جي پيسٽ مان ٺهيل پيسٽ ڪماالدين کي خوب پسند ڪيو وڃي ٿو جنهن جو رمضان ۾ واهپو وڌيو وڃي،.

6IeDwdR.jpg


مراڪش جو شهري فينيون تيار ڪري رهيو آهي جيڪي رمضان ۾ خوب پسند ڪيون وڃن ٿيون. اهي کير يا چانهه ۾ ملائي کاڌيون وڃن ٿيون.
(ياد ٿو اچي هڪ هندو دوست چيو مسلمانن جي روزن اچڻ سان هي شيءِ مارڪيٽ ۾ اچي ٿي وري گُم ٿيو وڃي. اسان به هن جي ٻاڙ پوري ڪرڻ لاءِ رمضان جو انتظار ڪندا آهيون)

UwuJ2s.jpg


يمن جي شهر صنعا ۾ روايتي طور خنجر گڏ رکي هي همراهه قران جي تلاوت ڪري رهيو آهي.

UYJsXE.jpg


ترڪي ۾ 98 فيصد مسلمان رهن ٿا. استنبول جي نيري مسجد ٻاهران پارڪ ۾ افطاري جو احتمام ڪيو وڃي ٿو.

27484684631_e4a6d58858_o.jpg


هن سال رمضان اچڻ سان انب به مارڪيٽ ۾ اچي چُڪا آهن. پاڪستان جا انب دنيا ۾ مشهور آهن ۽ خوب پسند ڪيا وڃن ٿا.

27556890585_a60a402694_o.jpg


جليبي نه رڳو پاڪستان ۽ انڊيا پر وچ اوڀر ۾ پڻ پسند ڪئي وڃي ٿي. ليبيا ۾ همراهه جليبي ٺاهيندي.​
 
Back
Top