مسلمانن کي هندوستان کان ڪڍڻ جو وقت اچي ويو آهي ـ مشهور هندستاني عورت اڳواڻ ساڌوري پراچيءَ جو مطالبوـ حوالوـ بي بي سي ”سنڌ جي ٺيڪيدارن“ توڙي پاڻ کي صوفي سڏائيندڙن کي انهيءَ تي بحث ڪرڻ گھرجي ته ڇا مشهور هندو عورت ليڊر ساڌوري پراچيءَ طرفان اهڙو مطالبو جائز آهي؟
ايئن هرگز ڪو نه ٿيندو ، جي انهيءَ تي عمل شروع ڪيو ويو ته هندن کي هندستان مان هٿ ڌوئڻا پوندا ۽ ممڪن آهي ته ٽين عالمي جنگ پڻ ڇِڙي وڃي!
اهي اهڙو ڇو ٿا سوچين .....؟؟؟ ٻيو ته ڪهڙن مسلمان ملڪن ان تي رد عمل ڏيکاريو ...؟؟ ٽيون ته هندستان مان آيل مسلمانن اسان سنڌين کي ڪهڙا بوسڪيءَ جا پٽڪا پارايا آهن، جو اسان سنڌين کي هند جي مسلمانن جي لڳي آهي ... !!! سيال صاحب اسان کي پنهنجي ۽ سنڌ جي مسئلن کي ڏسڻ گهرجي ..
وساڻ صاحب....جيڪي اڳ هندوستان کان نڪتا آهن، تن جي سزا اسان ڪيترن ورهين کان اڄ به ڀوڳيون پيا ـ جيڪڏهن وڌيڪ نڪتا ته اهي به نيٺ سنڌ ۾ ايندا ـ اسان کي هندوستان جي مسلمانن جي لڳي ناهي، پر اسان کي ماضيءَ جو تجربو ڏسڻ سان، پنهنجي لڳي آهي ۽ اها ڳالهه اوهان کي سمجھڻ گھرجي ـ رهيو سوال ته ٻين مسلمان ملڪن جو ته انهن جو انهيءَ مسئلي سان ڇا؟ ڀوڳينداسون ته وري به اسان، ٻيا ڪونه ڀوڳيندا ـ
سائين ان تي هڪ شعر ياد اچي ويو جنهن جون ڪجه سٽون لکان ٿو ديس تنهنجي ۾ منهنجو جيئڻ آ جنجال، چند چئجان وڃي هي ڀٽائيءَ کي ڳاله. ڳوٺ ويران ٿيا شهر لبنان ٿيا، ۽ اسين ويٺا آهيون مسلمان ٿيا، درد ڪافي مليا ڪون درمان ٿيا، بابائي قوم جا جاري فرمان ٿيا، ۽ اسان لاءِ ٿيئن پيا نوان بل بحال. چند چئجان وڃي هي ڀٽائيءَ کي ڳاله. اسين سنڌ وارا ماڻهون محبتي، رهائي فٿاسين هتي هجرتي ، اچن پيا ملان هاڻي با برڪتي ، هرامين وڏن کان به هي حرڪتي، هي ڪندا مسجدن ۾ نمازي حلال، چند چئجان وڃي هي ڀٽائيءَ کي ڳاله. هي شعر سنڌ جي ڀلوڙ شاعر عاجز عمر هنڱورجي جو آهي پر مونکي هي مڪمل ياد ناهي