لاريءَ ۾ ناري ــــــــــــــــــــــــ ويٺي وندريس مان لاريءَ ۾ هڪ نار جي، بينسر ٻوليءَ سان. هوءَ پئي چڪي چپ تڪيندي مون ڏي، هتي ـــ منهنجي دل جا ٽَپ. چڪي ڏندين چَپَ اکين اکين کان گهُري بيٺي بوسن لپَ. ڏندين ڪتري نَنهن، ترڇو تڪيئين شوق سان، حالت هئي هيڏنهن. ****** استاد بخاري