سنڌ ۾ پ پ اتحادين کي پرچائڻ ۾ پوري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    سنڌ ۾ پ پ اتحادين کي پرچائڻ ۾ پوري


    امتياز چانڊيو



    خيرن سان سنڌ جي سرڪار کي نيٺ هڪ سال پورو ٿي ويو، اهو هڪ سال جنهن جي شروعات محترمه جي شهادت کانپوءِ متل ماتم جهڙي ماحول ۾ ٿي هئي تنهن وقت سنڌ ۾ نئين پ پ سرڪار قائم ڪرڻ ۾ نه رڳو ڏکيائيون هيون پر سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ هر گهٽي ۾ مينڊيٽ جي احترام نه ڪرڻ جي صورت ۾ امن امان خراب ٿيڻ جون اهڙيون ڳالهيون شروع ڪيون ويون، جن پ پ قيادت کي بند گهٽي ۾ بيهاري ڇڏيو هيو، ايتري قدر جو ڪراچي وارن جو مينڊيٽ مڃرائڻ لاءِ واشنگٽن جا راهي به روز ڪهي ايندا رهيا، جنهن ڪري 28 فيبروري 2008ع تي اليڪشن کان صرف 10 ڏينهن کانپوءِ سنڌ جو هاڻوڪو وڏو وزير ( ۽ ان وقت نامزد وڏو وزير) سيد قائم علي شاهه عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي پارٽي اڳواڻن سان گڏ مفاهمت جي شروعات ڪرڻ لاءِ جڏهن پهتو هو تڏهن ايم ڪيو ايم جي مک قيادت سندس آجيان لاءِ سياسي مصروفيتون هجڻ ڪري موجود نه هئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ياترا کانپوءِ 1 اپريل 2008ع تي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پاران نائن زيرو جو دورو ڪرڻ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ورهين کان هلندڙ سياسي اختلافن کي نه رڳو ختم ڪيو پر پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي دوستي جي شروعات به ٿي هئي، صدر آصف علي زرداري پاران نائن زيرو جي اها پهرين ياترا هئي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم سندس لاءِ سوين مڻ گلاب جا گل نڇاور ڪيا، نائن زيرو آصف الطاف ڀائي جي اڀ ڏاريندڙ نعرن سان گونجي رهيو هو، اهي منظر اڃا ناهن وسريا، جڏهن صدر آصف علي زرداري ريڊ ڪارپيٽ تي قدم رکي پنهنجي ساٿين ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سيد مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاهه، پير مظهرالحق، نبيل گبول، رحمان ملڪ ، اين ڊي خان ، شيري رحمان سان گڏ گلن جي برسات ۾ اڳتي وڌي رهيو هو تڏهن ڪنهن چيو هو ته اهڙو استقبال ته پ پ قيادت جو 88ع ۾به نه ٿيو هو، پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي نائن زيرو ڏانهن وڌايل دوستي ۽ ڀائيچاري جي هٿ کانپوءِ اهو تاثر پيدا ٿيو هو ته هاڻي ڪراچي ۾ امن قائم ٿيندو ۽ سياسي مفاهمت اڃا به سگهاري ٿيندي، پر 8 ڏينهن کانپوءِ 9 اپريل تي هڪ طرف سنڌ اسيمبلي جو اجلاس هلندڙ هيو ته ٻئي طرف ڪراچي شهر ۾ ڪيميڪل ذريعي وڪيلن کي آفيسن ۾ جيئرو ساڙڻ ڀيانڪ تاريخ جوڙي پئي وڃي، روڊ رستن تي گاڏيون سڙي رهيون هيون، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ان کان ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير ۽ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر جي بنا مقابلي چونڊجڻ کانپوءِ وزارتون نه ملڻ تان پ پ سان حڪومت ۾ شامل نه ٿيڻ جو باضابطه اعلان ڪري چڪي هئي، جنهن جي ٽئين ڏينهن ڪراچي ۾ ٿيل واردات ڪيترائي سوال ڇڏي وئي؟ جنهن جا هڪ سال گذرڻ کانپوءِ به جواب نه ملي سگهيا آهن، سياسي سرچاءُ جي مسلسل ڪاميابين ۾ وري ڪجهه ڏينهن جي ڪاوڙ کانپوءِ ايم ڪيو ايم غير مشروط طور پ پ سان سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿي، جنهن ۾ پ پ ايم ڪيو ايم کي 13 وزاتون ۽ 2 صلاحڪاريون ڏئي ساڻ ڪيو، پر ان باوجود اهو ڦڏو شروع ٿيو ته عوامي نيشنل پارٽي جا 2 ايم پي ايز آهن تن کي هڪ وزارت ۽ ايم ڪيو ايم جا 52 ايم پي ايز آهن ته پوءِ 13 وزارتون ڇو؟ وزارتن جو ڦڏو مس ئي حل ٿيو ته وري صدارتي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجا سڀ مطالبا مڃرائي وئي، جنهن ۾ جيڪي به کاتا ايم ڪيو ايم جي وزيرن وٽ هئا اتي سيڪريٽري کان هيٺين عملي تائين سندن ماڻهن کي مقرر ڪيو ويو، جنهن سبب ڪيترائي اهڙا سنڌي آفيسر گهر ڀيڙا ٿيا جن ڪيترن ئي مسئلن تي اسٽينڊ ورتو هو، جڏهن ته صدارتي چونڊن ۾ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پ پ کي ڪراچي شهري سرڪار کان کسيل واٽر بورڊ به واپس شهري حڪومت حوالي ڪرڻو پيو، اهڙا ڪيترائي مامرا ۽ مسئلا سياسي مفاهمت جي ور چڙهندا رهيا، چوندا آهن ته وڙهن سَانَ، لتاڙجن ٻوڙا، ساڳي ريت پ پ هڪ ئي وقت جن ٻن ڌرين کي پاڻ سان گڏ کنيو، ان ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ٿيندڙ تڪرار ۽ اختلافن جو سڌي ريت اثر وري به سنڌ حڪومت مٿان پوندو رهيو، جڏهن ايم ڪيو ايم طالبانائيزيشن خلاف مهم شروع ڪئي ته اي اين پي ان جي سخت مخالفت ڪئي، مطلب ٽئي ڌريون سرڪار ۾، پر انهن جا موقف، نظريا ۽ رستا جدا جدا هجڻ سبب ٽنهي وچ ۾ ٿيل ٽڪرائن جو نقصان سنڌ سرڪار کي پوندو رهيو، ٻنهي ڌرين جي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪور ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، پر اها ڪاميٽي به اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ هلندڙ اختلاف ختم نه ڪرائي سگهي، آخر اين اين پي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اختلاف آهن ڇا تان ۽ ڇو بار بار ٻنهي وچ ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿئي ٿو؟ گهڻا ماڻهو ان خيال جا آهن ته ٻئي پارٽيون نه 100 سيڪڙو مهاجرن ۽ نه پٺاڻن جي نمائندگي ڪندڙ آهن، پر ٻنهي جا مفاد اهڙا آهن جيڪي ٽڪراءُ پيدا ڪن ٿا، ايم ڪيو ايم جو موقف رهيو ته ڪراچي ڄامشورو ۽ خيرپور جي هڪ ڳوٺ ۾ طالبان موجود آهن، جڏهن ڪراچي ۾ اي اين پي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري اتي پنهنجا ماڻهو نه رڳو آباد ڪرائي ٿي پر هو طالبانن کي به تحفظ ڏئي رهيا آهن، اهڙيون کوڙ شڪايتون ڪور ڪاميٽي ۾ به کڄنديون رهيون آهن، جڏهن ته ساڳئي وقت اي اين پي جو اهو موقف رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم نه ٿي چاهي ته پٺاڻ ڪاروبار ڪن، هو هٿيارن جي زور تي پٺاڻن کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن، انهن جا ڪاروبار بند ڪرائي روز روز ڪنهن نه ڪنهن کي قتل ڪرائي رهيا آهن، خدا ڄاڻي ٿو ته ٻنهي جي موقف ۾ ڪيتري صداقت آهي، پر ٻنهي ڌرين کي منهن ڏيندي نيٺ نومبر ڌاري پ پ حڪومت کي ڪراچي وري هڪ ڀيرو سڙندي ڏسڻو پيو، سڄي شهر ۾ هنگاما هجڻ ڪري اردو آبادين ۾ پٺاڻن جا ڪاروبار بند ٿي ويا، ۽ پٺاڻن جي آبادين ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي زندگي زهر بڻجي وئي، لانڍي ۾ موٽر سائيڪل ۾ ٿيل ڌماڪو وري بنارس گلشن ۽ ٻين علائقن ۾ لڳاتار هڪ ٻئي پويان ٿيل ڌماڪن اردو ۽ پٺاڻن وچ ۾ تڪرار کي چوٽ چاڙهي ڇڏيو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي جانيون گولين جو کاڄ بڻيون، پر سنڌ حڪومت ڪو به سخت اسٽينڊ نه وٺي سگهي، سواءِ مفاهمت جي، پر هڪ طرف گهرو وزير ايم ڪيو ايم ۽ اين اين پي اڳواڻن سان گڏ وڳوڙن وارن علائقن جو دورو ڪرڻ تي نڪتل هجي ۽ ان وقت رتوڇاڻ هلندڙ هجي ته پوءِ سوال اٿي ٿو ته حڪومت جي رٽ ڪٿي آهي؟ سنڌ جو وڏو وزير ڀلي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي فخر ڪندو هجي پر گذريل هڪ سال دوران ڪراچي ۾ جيڪڏهن ٿيل رتوڇاڻ جي واقعن جي سرڪاري انگ اکرن تي اک ڦيرائبي ته سڀ ڪجهه پڌرو ٿي پٽ پيل نظر ايندو. جڏهن سنڌ حڪومت قائم ٿي ڪم شروع ڪيو ته ان اپريل مهيني ۾ ئي ڪراچي اندر 330 وڳوڙن جا واقعا ٿيا، جيڪي 2007ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هيا، اهڙي ريت سڄي مهيني ۾ قتل جا 232 واقعا پيش آيا، 8 اجتماعي لڄالٽ جا واقعا ٿيا، اغوا جي وارداتن ۾ به واڌ ٿي، جنهن ۾ 189 (99 وڌيڪ) واقعا ٿيا، اهڙي ريت امن امان جي صورتحال سڄي سال ۾ ڪا چڱي نه رهي، بس انگ اکرن ۾ ڦير ڦار ٿيندي رهي، سنڌ حڪومت کي هڪ سال دوران جيڪي به اتحادي حڪومت هوندي ڏکيائيون پيش آيون اهي ته هو پاڻ ئي ڄاڻي سگهن ٿا، پر ظاهري طور سڄو سال پ پ قيادت کي رڳو اتحادي ڌرين کي راضي رکڻ ۽ صبر ڪرڻ ۾ ئي گذري ويو، ايتري قدر جو اڻ ڳڻيون گڏجاڻيون ڪرڻ کانپوءِ جڏهن مسئلا حل نه ٿيا ته صدر جي هدايتن تي سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهرالحق ۽ گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا گذريل سال لنڊن وڃي الطاف حسين سان به نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي، ان کانپوءِ مڪاني ادارن وارو وزير آغا سراج دراني لنڊن ياترا ڪري آيو، پر ان باوجود ڪراچي شهر ۾ امن امان مستقل طور تي قائم نه رهيو ۽ نه رهڻ جي اميد نظر اچي ٿي، تازو ڪراچي ۾ ٿيل وڳوڙن کي سنڌ حڪومت فورس ذريعي روڪڻ ۾ ناڪام نظر آئي ان لاءِ وري به گورنر هائوس ۾ گڏجاڻي جو سهارو ورتو ويو، جڏهن ته گهرو وزير سڄي سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو ڪري اهو اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جا امڪان هئا تنهنڪري جلسن، جلوسن مٿان پابندي لڳائي وئي، امن مان جي صورتحال ته پنهنجي جاءِ تي پر گذريل هڪ سال دوران سنڌ حڪومت خاص ڪري پ پ قيادت ڪنهن به اتحادي کي ڪاوڙائڻ جي موڊ ۾ نظر نه ٿي اچي تنهن ڪري مڪاني ادارن جي نظام جو خاتمو هجي يا ڪمشنري نظام جو بل اهي سڀ مامرا صرف ۽ صرف ڪراچي جي اتحادين جي ناراضگي سبب رڪيل آهن، بلڪل ائين ته سڄي ملڪ بدران صرف مالاڪنڊ ۾ شرعي نظام هجي ساڳي ريت صرف هڪ ڌر جي راضي نه هجڻ ڪري حڪومت سڄي ملڪ ۾ مڪاني نظام ختم ڪرڻ جي خواهش ته رکي ٿي پر ڪراچي جي ڪري هو ڪو به فيصلو نه ٿا ڪري سگهن، ٻيو ته ٺهيو پر اتحادين جي ڪري پ پ حڪومت تعليمي بورڊن جو بل وارو مسئلو به حل ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، سنڌي شاگردن جي ڪراچي جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا وارو مامرو هجي يا ڪمشنري نظام بحال ڪرڻ وارو بل، اهي سڀ بل ان ڪري به ايوان ۾ نه ٿا اچي سگهن جو پ پ قيادت پاور فل فيصلو ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پ پ قيادت جي پاورفل فيصلا نه ڪرڻ سبب ڪيترائي سنڌ جا رهاڪو اتحادي سرڪار جي رسڻ ۽ پرچڻ سبب التوا جو شڪار بڻيل آهن، جن کي شايد ئي حل ڪيو ويندو هجي، جنهن ۾

    * ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ مڪاني ادارن جو خاتمو.

    * ڪراچي ۽ حيدرآباد کي اصل ضلعن واري حيثيت ۾ آڻڻ.

    * ڪراچي ۾ تعليمي ادارن خاص ڪري ميڊيڪل ڪاليجز ۾ باقي سنڌ جي شاگردن کي تعليم پرائڻ جي اجازت ڏيڻ.

    * نوڪري جي ورڇ ڪوٽا سسٽم ذريعي نه ڪرڻ،

    *ڪراچي ۾ آباد بهارين، بنگالين ۽ افغانين کي شهريت ڏيڻ واري عمل کي روڪي انهن کي پنهنجي وطن موڪلڻ،

    * ڪراچي جي نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي نه پڙهائڻ.

    * ڪراچي ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ سنڌين کي اوليت ۽ اهليت جي بنياد تي روزگار ڏيڻ سان گڏ وفاقي سطح تي پاڻي، ناڻي ۽ قدرتي وسيلن جي مالڪي سنڌ کي ڏيڻ جهڙا اهم اشو هڪ سال ۾ رڳو بيان بازين ۽ گڏ جاڻين تائين ته ضرور ڊسڪس ٿيا هوندا پر انه تي ڪو به عملي ڪم نه ٿي سگهيو آهي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ۾ پ پ اتحادين کي پرچائڻ ۾ پوري

    ڀلا پاڪستان جي 65 ساله تاريخ ۾ اڄ تائين سنڌ جي ڪهڙي پارٽي آهي، جنهن سنڌين جا مسئلا حل ڪيا هجن؟ مهرباني ڪري دوستو! ڪو هڪ مثال به هجي ته ٻڌائجو ته من دل کي آٿت ملي !!!

    آءُ سمجهانٿو ته اهي مسئلا ئي ته آهن جنهن سبب سنڌ جو سياسي طبقو، حڪومت ۾ اچي مزا ماڻي ٿو ۔۔۔۔ ۽ ڦرلٽ ڪري پيٽ ڀري ٿو ۔۔۔ ۽ سنڌ جي مسئلن ۽ جائز حقن کي ڀڳڙن مٽ ۾ وڪڻي ۔۔۔ پاڻکي حڪمرانيءَ ۾ رکڻ جا سبب پئدا ڪري ٿو ۔۔۔

    پوءِ به ڏسجي ته اسانجي قوم ڪيستائين ٿي ٻٻرن کان ٻير گهري؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو