سنڌ جو ناميارو شهنائي نواز آچر فقير مڱڻهار اياز عمراڻي وادي مهراڻ سُرن جي سرزمين آهي. هزارين سالن جي تاريخ جو امين موئن جو دڙو ۽ موئن جي دڙي مان مليل ناچڻي جو مجسمو انهي ڳالهه جو دليل آهي ته فنون لطيف ۽ ڪلاڪاري هن سرزمين جي روح ۽ رڳ رڳ ۾ رچيل ۽ بسيل آهي ۽ هو. لاکيڻي لطيف جي لافاني ڪردار ٻيجل جي سُرندي جي سُرن تان ساهه ۽ سر صدقو ڪندڙ راءِ ڏياچ، هن نگري جي نسَ نس ۾ سُرن جي سرگوشين ۽ تان تي دان جو ڏس ڏين ٿا. ٽڙيل پکڙيل واءُ م وکريل لطيف جي تنبوري جي آلاپن جي خمارن ۾ ويڙهيل سرزمين سنڌ ۾ سُر ۽ تار (ڪلاڪاري) جي کيتر جي کيڙي ميڙي ۽ آبياري جون ذميداريون سنڌ جي مڱڻهارن منگتن مٿان هيون ۽ آهن. سنڌ جي مڱڻهارن هن کيتر ۾ خوب پاڻ ملهايو آهي. سُر ۽ تار جي آسمان تي جڳمڳائيندڙ ستارن جي جهرمت ۾ محمد جمن، محمد يوسف، مائي ڀاڳي، بسنت فقير، حاجي فقير، انبن فقير، گلاب فقير ۽ پيرل فقير جي قطار ۾ سنڌ جي نامور شهنائي نواز اُستاد فقير محمد آچر مڱڻهار جو نالو موتين ۾ مڙهيل ٿو ڏسجي. فقير محمد آچر مڱڻهار سال 1929ع تي تعلقي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ محسن ڏگو ۾ جنم ورتو. مور فقير جي گهر جي سُر۽ تار واري ماحول ۾ اکيون کوليندڙ هي ٻار اسڪول ۾ ته پڙهي ڪونه سگهيو پرشهنائي جي انڊلٺي سُرن جي جڙوات ۾ جڙيل ماحول ۾ پلجي وڏو ٿيندو آچر فقير وڄت ۽ شهنائي جي شروعاتي سکيا سندس سڳي چاچي الهڏني فقير ۽ انبن فقير کان حاصل ڪري ٻالڪپڻي جي سيڙهي چڙهي جيون صدي جي نو خيز بهارن ۾ اُستاد ملڪ مظهر خان، ڪلو ڀائي ۽ محمد رمضان ٽنڊي الهيار واري کان ڪلاسيقي موسيقي جي سکيا وٺي فن ۽ موسيقي جي قدردان ۽ پارکو پير غلام رسول شاهه جيلاني، ملوڪ شاهه آف بڪار، خادم علي شاهه، سالڪ لاکي ۽ حاجي لکاڏني ڪوري جي همت افزائي ۽ قدرداني ۾ نه رڳو فن جون سيڙهيون چڙهي وڏو نانءُ ڪمايو. پر سنگيت کيتر ۾ نوان نوان تجربا ۽ رياض ڪري سنگيت کي نوان گس ۽ پيچرا ڏنا، نه رڳو ايترو پر سنگيت سنگت جي ڦهلاءُ ۽ پکيڙ واسطي ميرپورخاص شهر ۾ پنهنجي اوطاق کي اڪيڊمي بڻائي سوين شاگرد پيدا ڪيا، جيڪي اڄ سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهن. جيتوڻيڪ آچر فقير 23 نومبر 1998ع تي هي جهان ڇڏي دارلبقا ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ اڄ اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس شاگردن جي ڪراين ۾ پاتل سڳن مان سوين سُريلا سُر اڄ ٻه ٻُرن پيا ۽ هر گهڙي هينئڙي منجهه هُرن پيا. اهڙن سُرن جي آبشارن منجهان آچر فقير جو تصور اکين اڳيان اُڀري اچي ٿو. جيڪو وسرڻ سان نٿو وسري. مڱڻهارن جي ڪاڄن ۾ سُرن ۽ سازن جي چٽا ڀيٽي ٿيندي آهي. سنڌ جا نالي وارا جوڙ هڪ ٻئي پٺيان وڄت ڪري ميدان مارڻ لاءِ هيلا هلائيندا آهن. اها ملهه مارڻ لاءِ ڏينهن جا ڏينهن ريهرسل ڪندا آهن. آچر فقير جي زندگي ۾ اهڙيون انيڪ چٽا ڀيٽيون ٿيون، محفل مارڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪڏهن ڪو سندس هم اثر فقير سندس همسري به ڪري ڪونه سگهيو. جيتوڻيڪ پاڻ اڻ پڙهيل هو پر سندس پٽ جن جي پڻ رڳ رڳ ۾ راڳ رنگ رچيل ۽ بسيل آهي سي هند ۽ سنڌ جي سنگيت تي ڇپيل ڪتاب پڙهي والد کان رهنمائي حاصل ڪندا هئا. اهوئي سبب آهي جو هو سنگيت کيتر جا نه رڳو سونها ۽ سڻاوا ٿيا پر ڪيترن ئي ڳالهين ۾ پنهنجي تحقيق ۽ تجربي آڌار نيون نيون شيون متعارف ڪرائي سنڌ سنگيت کي نوان گس ۽ پيچرا ڏئي ٻيجل جي ورثي کي نه رڳو دائم ۽ قائم ڪيو پر ان ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪرڻ جو عزت ڀريو اعزاز ماڻيائون، اهڙو اعزاز ماڻيندڙن ۾ خاص طرح آچر فقير مرحوم جي لائق پٽ اُستاد رسول بخش مڱڻهار جي ڪاوشن ۽ جستجو کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، جيڪو هڪ سرڪاري اسڪول ۾ اُستاد هجڻ سان گڏوگڏ نه رڳو گائڪي ۾ پنهنجون منزلون ٺاهي ۽ سَرڪري رهيو آهي پر شهنائي جي سُرن ۾ به سندس جهڙو وڙلي ڪو هوندو. فقير آچر جيتو ڻيڪ شهنائي کي سڃاڻپ بڻايو پر هو سُرن جي هن سرزمين تي سنگيت کيتر جو ور اسٽائيل فنڪار هو. گائڪي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس آواز ايترو ته مٺو هوندو هو جو آواز ٻڌي رستي هلندڙ ماڻهو اوطاق ۾ اچي مٿس مڙندا هئا. جيستائين پيو ڳائيندو هو آيل پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي ويٺا کيس ٻڌندا هئا. تنهنجي تند تنوار يار مون من موهيو دان ڏيانءِ دهرا هزارين هزار يار مون من موهيو مرحوم جي اوطاق تي خان صاحب منظور علي خان مرحوم، مٺو ڪڇي، امانت علي خان، اُستاد محمد جمن ، سينگار علي سليم، شادي فقير، موسيقار نياز حسين ، غلام قادر، دين محمد ، شفيع محمد ۽ تارا چند توڙي ٻين ننڍن وڏن فنڪارن جون سنگيت منڊليون متل هونديون هيون. جتي فن ، ڌنن ۽ سُرن جون ڳالهيون ۽ ويچار ونڊيا هئا. اتي ننڍا فنڪار پنهنجي ڪرائي تي سڳو ٻڌرائڻ کي اعزاز سمجهندا هئا. سڳي ٻڌڻ جي اهڙي رسم ۾ راکي جي رنگين رسم وارو رومانس ڀريل هوندو هو. سنگيت کيتر ۾ جتي سُرن جي سيبتائي ۽ سڃاڻپ توڙي آواز جي مٺاس ۾ سندس وجود جي ڇڪ محسوس ٿيندي هئي اتي زندگي ڏانهن سندس رويا ۽ شخصي خوبيون به ڪشش جو باعث بڻبيون هيون. آچر فقير ڳالهه جو کرو هو، ننڍي وڏي ماڻهو کي دل ۾ جيڪو ايندو هئس بنا خوف چئي ڏيندو هو. طبيعت جي اهڙي ارڏائي ۽ کرائي جتي سندس اجري اندر جي عڪاسي ٿي ڪئي اتي مخالفن جو پيدا ٿيڻ اوس هو پر هن صاف گو نيت صاف حساس فنڪار جي دل ڪڏهن به ڪنهن لاءِ ميري ڪونه ٿي. آچر فقير جي طبيعت ۽ مزاج عاجزي ۽ انڪساري سان مالا مال هو. جهڙي طرح نوري نماڻي جي نهٺائي کيس پٽ راڻي بڻايو تيئن فقير جي نهٺائي غريب گربي ننڍي وڏي جي دلين ۾ دائم ٿي وئي. هو خوش پوشاڪ خوش گفتار ۽ هڏ ڏوکي انسان هو. اوڙي پاڙي راڄ ڀاڳ مٽي مائٽي ۾ هر ماڻهو سان اوکي ويل حال ڀائي ٿي ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ مور جي ٽوڙ وانگر سازيندڙن جي سنگت ۾ شهنائي جي سُريلن سُرن سان وايو منڊل ۾ خوبصورت رنگ ڀريندڙ خوش پوشاڪ آچر فقير جيتوڻيڪ اڄ اسان ۾ موجود نه آهي پر سندس ساروڻيون ريڊيو، ٽيليويزن جي رڪارڊن کان سواءِ ڪيسٽن، شادين مرادين جي رنگين لمحن کي ساروڻين جي قيد ۾ محفوظ بنائيندڙ مووين، سنگيت منڊلين ۽ ميڙاڪن ۾ موجود دلين ۽ دماغن ۾ دائم آهن ۽ دائم رهنديون. جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾ ڪو عطائي آيو تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو ويهي وڄايو شهر سڄوئي سُرسين تندن تپايو دايون درمانديون ٿيون ٻاين ٻاڏايو ٻيجل ٻولايو، ته آهيان سوالي سر جو. (شاهه سائين)