ڪامريڊ محبوب : هڪ مارڪسوادي جي پڄاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪامريڊ محبوب : هڪ مارڪسوادي جي پڄاڻي

    تحرير اياز عمراڻي

    ميرپورخاص شهر ۾ پنهنجي زندگي جا 67 سال پورا ڪري، هن جهوني مارڪسوادي ڪالهه ٻپهري جو سول اسپتال ميرپورخاص ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڪامريڊ محبوب سيد گهراڻي سان تعلق رکندو هو پر هن ڪڏهن به سيد نه سڏايو. سندس سڃاڻپ ڪامريڊ محبوب ئي رهي.
    ڪامريڊ محبوب 33 سالن جي عمر ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت ميرپورخاص آيو. ۽ ميرپورخاص کي ئي پنهنجو مسڪن بنايو. جڏهن برصغير جي ورهاڱي جي هلچل هلي رهي هئي، تڏهن ٻين ڪيترن ئي بزرگن ۽ پارٽين سان گڏ انڊين ڪميونسٽ پارٽي به ان ورهاڱي جي مخالف هئي، سندن خيال هو ته هي ورهاڱو سامراجي قوتن جي هڪ چال هئي، جيڪي سڌي طرح حڪومت ڪرڻ جي اهليت وڃائي چڪيون هئي، تنهنڪري انهن هن خطي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کين هڪٻئي جو مخالف رکي، پنهنجي اڻ سڌي سياسي بالادستي ۽ معاشي ڦرلٽ قائم ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي هئي.
    پر جڏهن ورهاڱو ناگذير بڻجي ويو، مذهب جي نالي ۾ هندستان ۽ پاڪستان ٻه الڳ رياستون قائم ٿي ويون. تڏهن انڊين ڪميونسٽ پارٽي، سندن پاليسي موجب پنهنجو ڪيڊر ٻنهي ڌار ڌار رياستن ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. ان فيصلي موجب ڪامريڊ محبوب پنهنجو سڄو ڪٽنب هندستان ۾ ڇڏي اڪيلي سر پاڪستان جو پنڌ ڪيو. ميرپوخراص پهچي، ميرپورخاص کي ئي هميشه لاءِ پنهنجو مسڪن بڻايو.
    ڪامريڊ محبوب پنهنجي سڄي زندگي ۾ پنهنجي نظرياتي واٽ تي ڄميو بيٺو رهيو. سندس فڪري سوچ ۾ ڪابه لرزش نه آئي، هو هڪ پڪو ۽ سچو مارڪسوادي هو. نظرياتي فڪر جي بختگي سان گڏ سندس شعري ذوق به ڪمال درجي جو هو، اقبال، فيض ۽ غالب جي شاعري کيس برزباني ياد هئي! ٻڌائڻ جو انداز بيان به واهه جو هو، پاڻ سڄي زندگي مطالعي ۾ گذاري، هزارين ڪتاب پڙهيائين، سياسي ۽ علمي بحث مباحثن ۾ سندس علمي منطق ۽ ڪتابي توڙي تاريخي حوالا متاثر ڪندڙ هئا، اتي آئندي بابت سندس سياسي حڪمت عملي به زندگي سان سرشار هئي. ڪامريڊ محبوب خاڪسار تحريڪ نيشنل عوامي پارٽي ۾ ڪم ڪيو. هن ڪاٽن جننگ فيڪٽريز، ريلويز توڙي شگرملز مزدورن جون ٽريڊ يونينون قائم ڪرايون، هر سياسي جدوجهد ۾ پنهنجو حصو وڌو. ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ هي اڪيلو اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو هو. جيڪو سنڌي قومي ڪارڪنن سان گڏ هو.
    1969 ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي سوشلزم جو نعرو ڏنو، تڏهن ملڪ جا گهڻائي مارڪسوادي، ڀٽي صاحب سان گڏ ٿي ويا. هي به ساڻن شامل حال رهيو. سندس چواڻي ته هو پيپلز پارٽي جي بانيان مان هڪ هو، پر پوءِ ٻين مارڪسوادين وانگر هي به پارٽي کان ڇڊو ٿي ويو. ضيائي مارشلا دور ۾ اسٽيشن چوڪ تي سندس ٿر ڪتاب گهر سياسي ڪارڪنن جي گڏجڻ جو مرڪز هو. جتي کاٻي ڌر جي سڀني پارٽين جا ڪارڪن، اتي رکيل بئنچن تي ويهي مارڪسزم، لينزم فڪر مائوزتينگ، قومي جدوجهد توڙي دنيا جي انقلابن توڙي ملڪي حالتن تي بحث مباحثا ڪندا هئا، ۽ سندس ڪرائي تي ورتل گهر سڀني سياسي پارٽين جي گڏجاڻين لاءِ کليل هوندو هو. سندس گهر ۾ ٻه ڪمرا، ٻن ڪمرن ۾ وڇايل علم ۽ ڪجهه ڪوپ، چانهه جي ڪٽلي، ڪولر، گلاس ۽ ڪجهه پاڻي.... ۽ هڪ بسترو سندس مڙئي مڏي هئي.
    ان زماني ۾ سڀني آفيسن، توڙي اهل علم ماڻهن جي گهرن تائين اخبارون سندس منشي مهراج پهچائيندو هو. سندس بوڪ اسٽال تي ڪتابن جو وڪرو به ٺاهوڪو هوندو هو. تنهنڪري، کيس مالي تنگي نه هئي.
    ايم.آر.ڊي جي تحريڪ ۾ ميرپورخاص مان جن ٽن ماڻهن پهروين دفعو گرفتاري پيش ڪئي، انهن ۾ پيپلز پارٽي طرفان سيد خادم علي شاهه، عوامي تحريڪ طرفان مير مشتاق ٽالپر ۽ قومي محاذ (آزادي معراج محمد خان)، طرفان ڪامريڊ محبوب هو. جن مان مير مشتاق ۽ ڪامريڊ محبوب کي قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا به ملي.
    جڏهن هي جيل مان آزاد ٿيو ته سندس ٿر ڪتاب گهر وارو ڪاروبار ختم ٿي چڪو هو. تنهنڪري معاشي مشڪلاتن سندس پيڇو ڪيو. پر هي فقير صفت ماڻهو گهٻرايو ڪون، جهڙو به حال هو. سياسي عمل سان سلهاڙيو رهيو. کيس رهڻ لاءِ سيد حيات شاهه سندس بنگلي ۾ هڪ ڪمرو ڏنو. پر اتي به ڪو گهڻو وقت ٽڪاءُ نه ٿيس، دربدري جي حالت به سندس طبيعت، مزاج ۾ ڪو خاص ڦيرو ڪونه آندو.
    1990ع واري عالمي بحران کانپوءِ، گهڻائي سرخا، ميڊيا ۽ اين.جي.اوز جي جهان ۾ جٽي، پنهنجو پاڻ ٺاهي ويا، پر هن پنهنجي صلاحيتن کي ان طرف موڙڻ پنهنجي شان وٽان نه سمجهيو، زندگي غربت ۾ گذاري پر پنهنجي سوچ ۽ عمل سان پاڻ کي سچو ۽ ثابت قدم رکيائين.
    هن ان سياسي ويڳاڻپ واري دور ۾، پنهنجو پاڻ کي پيپلز پارٽي جي مزاحمتي عمل سان جوڙي رکيو. پر پيپلز پارٽي جي غير نظرياتي ڪامريڊن سندس قدر شناسي نه ڪئي، هڪ دفعو ڪچهري ڪندي چيائين، هاڻي آئون هنن لاءِ جهنجهڻو (ٻارن جو رانديڪو) بڻيل آهيان، هي زندگي جا ڪجهه ڏينهن پارٽي آفيس ۾ راتيون بسر ڪرڻ تي مجبور هو. پر اتي به کيس نه سٺو ويو. سندس آخري ايام سول اسپتال جي بدبودار وارڊ ۾ گذريا ۽ اتي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين، انسان جي بي حسي جو عالم اهو جو پارٽي قيادت طرفان خرچي لاءِ ڏنل 15000 روپيه به ڪو سندس کيسي مان ڪڍي ويو. البت ڪجهه پارٽي ورڪر کيس سگريٽن جا پاڪيٽ وٺي ڏيندا هئا.
    هندستان ۾ سندس زال، پٽ ۽ ٻيو خاندان آهي، پر سندس ساڻن ڪوبه رابطو نه هو. تنهنڪري، ڪو سندن ڏس پتو ڪونهي. آخري ڏينهن ۾ هن پنهنجي خدمتن جي سلي ۾ هڪ پٽيوالي جي نوڪري وٺي، هڪ يتيم ڇوڪري کي ڏني.
    کيس تاج ڌڻي قبرتسان ۾ دفن ڪيو ويو. پي.پي.پي. جي ڊويزنل صدر پير آفتاب حسين شاهه جيلاني، سندس تدفين ڪرائي، ڪامريڊ جا ذوالفقار علي ڀٽو، ولي خان، بزنجي، معراج محمد خان، ملڪ قاسم، علي بخش ٽالپر ۽ ٻين معروف شخصيتن سان لاڳاپا ۽ ملاقاتون هيون. ڪامريڊ محبوب جي منهن تي مايوسي يا زندگي کان بيزاري مون ڪڏهن نه ڏٺي، ڪامريڊ جي کرائي، سچائي، ارڏائي، بي ڊپائي، ۽ زندگي سان پيار پنهنجو مٽ پاڻ هو. توڙي جو ڪامريڊ محبوب راهه رباني وٺي چڪو، پر مون لئه وڏي ڳالهه اها آهي ته، هيڏي ساري دربدري ۾، جنهن جو نه ڪو اوهي نه واهي، ان ڪامريڊ محبوب لئه دنيا جا ٺٺ ۽ سڀئي لذتون، انتهائي هيچ هيون، هن لئه وڏي ڳالهه وڏي وڏي مقصد جو هجڻ هو ۽ هو آخري دم تائين پنهنجي سوچ ۽ فڪر تي قائم بيٺل رهيو. نه ڪڏهن سندس دل دماغ ۾ ڪا لرزش آئي نه وري سندس پير لڏيا. اها ڳالهه ٻي آهي ته آخري ايامن ۾ لٺ (ڪاٺي) جو سهارو وٺندو هو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو