آچار ڪنڀر : ڪنڀارڪي هنر جو ڪاريگر تحرير: غلام شبير لغاري جڏهن واهوندي جو واءُ وارن سان کينچليون ادائون ڪري بدن تي ريشمي لباس جهڙا احساس ڇڏي ويندو آهي، ۽ لاڙ جي پٽ تان ڏينهن جي پوياڙي ويل باغي جي اکين جهڙو لال سورج ڪنهن ٿڪل پوڙهي مزدور جيان پاڻ کي ڌرتي جي ٽٽل کٽ تي اڇلائي ٿو، ان ويل منهنجو گذر ٽنڊي باگي جي انهن واٽن تان ٿئي ٿو، جن واٽن تي سنڌ راڻي جي عشق جي پيرن جي خوشبو مهڪي ٿي. عشق هن شهر جي رڳ رڳ ۾ رت جيان رچيل آهي. جهڏي ڏانهن ويندڙ رستي تي پيل بي ترتيب ٿانءَ ان يتيم مهاڻي ٻار وانگي لڳن ٿا، جنهن جي اڻڀن ۽ ميرن وارن واري مٿي تي ڪير شفقت جو هٿ ناهي رکندو. جڏهن به منهنجو گذر ان گس تان ٿئي ٿو ته ڪيئي زخمي پکين جهڙا سوال منهنجي سامهون ڦٿڪڻ لڳن ٿا، ۽ هر ٺڪر جي ٿان ۾ مونکي آچار ڪنڀر جي اداس چهرو ۽ سڪل چپن جي پيلي مسڪراهٽ نظر اچي ٿي. اهو آچار ڪنڀر جنهن جو جنم ساماري شهر ۾ 27 آگسٽ 1923ع ۾ چيڪي مٽي مان ٺهيل گھر ۾ ٿيو. سندس والد محمد عرس ڪنڀر ورثي ۾ مليل ڪنڀارڪي هنر سان جڙيل هو. ڪنڀارن وٽ مٽي جو مان ۽ ان سان عشق رهيو آهي. آچر جي جيون ڪتاب جي پني پني تي ڪيئي ڪهاڻيون رقم ٿيل آهن. هن ٻاروتڻ ۾ پنهنجي گھر اندر مٽي ڪٽڻ جو آواز ٻڌو، ۽ سندس نيڻن جي ماڻڪين مٽي مان ٺهندڙ ٺڪرن جا منظر چٽجي ويا. مڪتب وڃڻ سنبريو ۽ پوءِ ساماري جي اسڪول ۾ سادي ۽ مٽي هاڻي ڪنڀر جي ذهين پٽ ست درجا پاس ڪري ورتا. حالتن جي جهنگ ۾ مفلسي جي بلا جڏهن وات ڦاڙيو ته آچر کان اسڪول وڃڻ جا پيچرا اوجهل ٿي ويا ۽ پنهنجي پيءُ سان جو ٻانهن ٻيلي بڻجي ساڻس ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. ۽ پوءِ مٽي ڳوهڻ جا گُر ۽ ٿانو ٺاهڻ جي ڪاريگري پنهنجي پيءُ ۽ چاچي احمد ڪنڀر ڪاريگر کان سکيو. ناقدري جي نگاهن جا ڀالا مٽي جي عاشقن جي احساسن کي زخمي ڪندا رهيا آهن. جڏهن ساماري جون هوائون بي قدري جا گيت گنگنائڻ لڳيون ته هن خاندان سميت پراڻ ۽ هاڪڙي جي وچ واري ان پٽي کي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو. جتي ڪڏهن هن جون مرڪون به هيون ته لڙڪ به لڙيا هئس. هنن ٻڌو ته ٽنڊي باگي جا ماڻهو هنرمندن جا قدران آهن، هنن سوچيو ته هتي سٺي اجرت سان گڏ سندن قدرداني ٿيندي. 1952ع ۾ ساماري شهر جي گلين کي ڪجهه لڙڪ ۽ احساسن جا گلابي گيت ارپي. هن خاندان ٽنڊي باگي جي ميرن جي پاڙي ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهيو. آچار جي پيرائتي جيون ڪهاڻي کي تحرير ڪرڻ جو سبب اهو آهي ته مٽي جي هن محبوب ماڻهو کي الائي ڇو قلمڪارن جي اک نظرانداز ڪري، ان تي ڪنهن لکڻ جي زحمت ناهي ڪئي. هتي ڪنهن کي ميارون ڏيڻ صرف وقت جو زيان آهي، ڇو ته اسان جي سماج ۾ ڪنهن لاءِ چار سٺا لفظ سندس جنازي جي پويان هلڻ وقت يا تعزيتي تڏي تي عذرخواهين وقت ئي چوڻ جو روايت رهي آهي. نه ته اکين مان سڃاڻپ موڪلائي وئي آهي، ۽ پرک جي حس ختم ٿي وئي آهي. ٽنڊي باگي ۾ آچار ڪنڀر سڪونت اختيار ڪري پنهنجي ذهن جي روشني سان ڪاريگري جا اهڙا گُر سکي ويو، سندس هٿن جون آڱريون اهڙا فن پارا تخليق ڪرڻ ڪرڻ لڳيون، جو سندس ڏاهپ ۽ فن جون ڳالهيون لاڙ جي هوائن ۾ ٻرڻ لڳيون. عشق جي آوي ۾ پچي، محبوب فن پارن جي تخليق واري ڪوشش ۾ جنبي ويو. پر پيٽ جي پورائي جو فڪر سندس من ڦرهي تي سورتخطي جيان چٽيل رهيو. هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن هتي شادين جي ڪاڄ جي صلاح پهرين ڪنڀر سان ڪئي ويندي هئي. ڇو ته ديڳين کان سواءِ سمورا ٿانءَ ڪنڀر ڏيندا هئا. ڪنڀار جي عزت ۽ وڏو مان هو. ڪنڀر هڪ ٻي جي مقابلي ۾ سهڻا ٿانءَ ۽ فن پارا ٺاهيندا هئا. پاڻ کي وڏو ڪاريگر ثابت ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪندا هئا. پر آچار جي هٿن جو جادو هو، هن کان ڪو گوءِ کڻي نه سگهندو هو. ٽنڊي باگي جي ويجهو نئين ماڻڪ جي هڪ ڪنڀر جي شادي لاءِ هن چار وڏا ۽ سهڻا مٽ ٺاهيا هئا. جن ۾ 200 ليٽر پاڻي جي گنجائش هئي. اهي مٽ ڏسي گھڻن کي اچرج وٺي وئي. ۽ وڏيون اکريون پڻ ٺاهيائين، جنهن ۾ عورتون اڌ مڻ ان ڇڙي سگهنديون هيون. اهو وقت هو جو هن برادري جي پاڻ ۾ محبت ۽ ٻڌي به هوندي هئي، ۽ ڪاريگر هڪٻئي جي آڀت تي پڻ ويندا هئا. جتي سڀ گڏجي وڌ مان وڌ ٺڪر ٺاهي، سندس ڪم پورو ڪرائيندا هئا. آچار جا دوست پڻ ڪاريگر هئا، جن ۾ نئين ماڻڪ جو عرس ڪنڀر، عمر ڪنڀر، کڏهرو جو پنيو ڪنڀر، پڊام جو صالح ڪنڀر، ڊگھڙي جو وريام ڪنڀر، ڪارياڻو جو محمد صديق ڪنڀر جو ساڻس جوڙ هوندو هو. آچار جي آوي مشهور هئي، سندس آوي تان پري پري تائين جي ڳوٺن ۾ سندس آوي جا آهت ويندا هئا. ٿانون جي انهي سيٽ جي بدلي ۾ فصل لهڻ مهل اناج معاوضي طور ملندو هو. آهت ڏيڻ آچار نه پر تقريبن سڀني ڪنڀارن جي روايت رهي آهي. پنهنجي ڪم ۾ مصروف هن مها ڪاريگر جڏهن لاڙ ثقافتي ميلي بدين ۾ شرڪت ڪئي ته سندس فن ۽ هنر تي دسترس ڏسي، سندس ٿانو ۽ انهن جي چٽسالي ممتاز مرزا ۽ حميد آخوند سميت سڀني کي موهي وڌو، ۽ تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا. ۽ ڪراچي آرٽ ڪائونسل ۾ ثقافتي نمائش ۾ به پنهنجي ڪاريگري جا ڪمال ڏيکاريائين. سندس ڪاريگري ۽ هنر تي گرفت جي ڳالهه ملڪ ۾ پکڙي وئي. مونکي ساڻس بيشمار پل گڏ گهاريندڙ عزيز محمد اسماعيل ڪنڀر جيڪو به ڪنڀارڪي هنر ۽ ڀڳل هڏ ٻڌڻ واري ماهر آهي. ٻڌايو ته “ آچار کي وفاقي لوڪ ورثا اسلام آباد ڪلچرل ڊپارٽمينٽ شڪرپڙيان هيڊ آفيس ۾ دعوت نامو ڏيئي گھرايو. آئون به ساڻس گڏ هئس. اتي ڪلچرل ڊپارٽمينٽ طرفان اٺ ڏينهن نمائش هئي، ۽ 36 ملڪن جا ڪاريگر ان نمائش ۾ شريڪ ٿيا هئا. اتي آچار ان عالمي نمائش ۾ مختلف ملڪن مان آيل ڪنڀارن کي چئلينج ڪندي چيو ته “مون جهڙا فن پارا ٺاهي ڏيکاريو ته آئون اوهان جو ويهه ورهين تائين نوڪر ٿي رهندس. ان چئلينج کي ريڊيو پاڪستان اسلام آباد جي نيوز ڪاسٽرن انور چوڌري ۽ عبدالسلام پڻ انائوئسمينٽ ڪئي هئي. هن هڪ ڪوزو “ڪرو” ٺاهيو هو. جنهن جي آرپار سوراخ هئڻ باوجود پاڻي هيٺ نه ڪري سگهندو هو.” محمد اسماعيل ڳالهه ڪري رهيو هو ته آئون به حيران ٿي ويس. هن وڌيڪ ٻڌايو ته “ ان ڪري، ڪوزي کي ڏسي، يونيورسٽين جا انجنيئر پڻ دنگ رهجي ويا هئا، ۽ هن هڪڙو هاٿي ٺاهيو هو. جنهن کي ڏسندڙ موهجي پيا هئا. ان ۾ ڪمال ڪاريگري اها رکي وئي هئي ته هاٿي سونڊ مان پاڻي پيئندو هو ۽ اهو دُن مان هيٺ ڪرندو هو. ۽ آپا انيتا غلام علي کيس بنگلاديش جي ڪاريگرن جي ٺاهيل ڪمي ڏني ته اهڙي ڪمي ٺاهي ڏيکار، آچار بنگلاديش جي ڪاريگرن جي ٺهيل ان ڪمي کان بهتر ڪمي ٺاهي کيس ڏني. جنهن تي آپا انيتا غلام علي سندس فن ۽ هنر کي ساراهيو. “ آچار کي هنر سان جنون جي آخري حد تائين عشق هو. هن تاجپور جي هڪ ڪاريگر کان ڪاشيءَ جي فن جي سکيا ورتي. ۽ ٽنڊي باگي ۾ ڪاشي جي ڪم جو بنياد وڌو. سندس زندگي جا اهي لمحا جڏهن هو 1994ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران آغا خان سينٽر لنڊن ۾ لڳايل ثقافتي ميلي ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سندس اسٽال تي ٽي منٽ هن وٽ اچي ويهي، هن جي ڪاريگري کي ڏٺو ۽ تمام گھڻو خوش ٿي. ۽ کائنس پڇيائين ته “ توهان کي لنڊن وڻي ٿو يا پاڪستان.؟ ته آچر چيو ته پاڪستان. ان وقت ڪئميرامين فوٽو سيڪشن دوران تصوير ڪڍي ورتي. جنهن ۾ آچار چڪ تي صراحي ٺاهي رهيو آهي ۽ محترمه ان کي غور سان ڏسي مرڪي رهي آهي. هن اها تصوير پنهنجي زندگي جي ڪل موڙي سمجهي سنڀالي رکي. اڄ تائين اها تصوير امانت جيان سندس گھر جي پراڻي پيتي ۾ پيل آهي. هن مٽي مان دلو، دلي، گهگهر، گهاگھر، صراحي، سميت سمورا بيشمار ٿانءَ ٺاهيا. غلام حيدر گراڻو پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ جي لاءِ ڇهه مهينن تائين آچار ڪنڀر جي آوي تي معلومات گڏ ڪندو ۽ کائنس ٿانو ٺاهڻ جو آرٽ معلوم ڪندو رهيو. آچار جي زندگي جي سفر ۾ سندس ٻه گھروارين جو ساٿ رهيو. کيس ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. هن زندگي جي ڪٺن لمحن ۾ مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيندي، بهادري ۽ صبر سان زندگي گذاري. پر ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي. پنهنجي اولاد کي ورثي ۾ مليل اهو هنر ته سيکاريو پر ٻن پٽن کان سواءِ پنج پٽن کي تعليم نه ڏياري سگهڻ وارو ڏک سندس وجود کي ولوڙيندو رهيو. وقت تيزي سان رنگ مٽايا، جڏهن شيشي، اسٽيل ۽ پلاسٽڪ جا ٿانو مارڪيٽ ۾ پهتا ته هنرمندن کي نظرنداز ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. هي ڪنڀر جيڪي 50 مرحلن مان گذري پٺا اگھاڙي ڪري، نيهائين ۾ پچي پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ اباڻڪو هنر پچائڻ لاءِ اڃان تائين ٿانو ٺاهڻ واري ڪرت ۾ لڳل آهن. جن جي پگهر جي پاڻي ۾ اها مٽي ڳوهين ٿا. انهن جو پيٽ گذر به انهي هنر جي ناقدري ۽ سرڪار پاران مالڪي نه ٿيڻ سبب مشڪل بڻجي ويو آهي. پر جلندڙ ارمانن جي گلا ڪنهن سان نٿا ڪن؛ نِهائين کان نينهن سِکُ منهنجا سپرين سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري آچار جي جيون ۾ اهي اذيتناڪ لمحا هئا. جڏهن 2009ع ۾ فالج جي بيماري هن جي هٿن کان آوي ۽ چڪ تي ويهي مٽي مان ٿانو ٺاهڻ جي سگهه کسي ورتي. بيماري جي بستري تي جڏهن سندس اکين مان سانوڻي مند جيان لڙڪن جا وڏڦڙا وسندا هئا. ان ويل ٽنڊي باگي جي صحافين اخبارن ۾ آچار ڪنڀر بابت خبرون لکيون. ان خبرن ۽ اسٽورين ۾ آچار ڪنڀر پنهنجي بيماري واري حالت ۾ مفلسي ۽ غربت جي نانگ جو جتي پيڙاءُ مان اظهار ڪيو. اتي ڪنڀارڪي فن ۽ هنرمندن سان سرڪار جي ماٽيجي ماءُ واري رويي جو اظهار ڪندي اهو به چيو هو ته کيس پيرسني ۽ بيماري جي هن مشڪل گهڙي ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي به وساري ڇڏيو آهي. اڳي ملندڙ وظيفو به بند ڪري ڇڏيو اٿن. اهي اسٽوريون ڇپجڻ کان پوءِ به ڪنهن سرڪاري ڪاموري سندس بي رنگ دروازي تي دستڪ ڏئي آچار جي پڇا نه ڪئي ۽ نه وري ڪنهن همدرد جا پير ڪجهه وکون کڻي سندس گهر جي در تي پهتا. پر عرصي پڄاڻا پهتو ته موت جو ملائڪ. هن آرٽسٽ کي هن پار وٺي وڃڻ لاءِ. آئون ڪافي دير آچار جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ جڏهن شام جي ويل آچار ڪنڀر جي گهر اڳيان ٺهيل پراڻي دڪان تي پيل ٿانون جي دڪان تي محمد اسماعيل ۽ سندس پٽ اشرف کان موڪلائڻ لاءِ اٿيس ته ڪجهه خاموش لڙڪ هئا، جيڪي اکين جي پنبڻين مان ڪريا، ڳلن تي آلاڻ جو احساس ڏياري گم ٿي ويا.
ڪائنات جو پهريون هنر ڪنڀارڪو هنر آهي، جڏهن پروردگار جناب حضرت آدم عليه سلام ۽ ڏاڏي حوا سلام الله عليها کي مٽيءَ مان ٺاهيو هو. ۽ اهو هنر الله تعالى جو هنر چئجي ته بيجا نه ٿيندو.
آچار ڪنڀر ڪنڀارڪي هنر جو تمام وڏو ڪاريگر هو، آچار جو ذڪر مختلف آرٽيڪلن ۾ پڙهيو هو، پر غلام شبير لغاري تفصيل سان تمام سٺو آرٽيڪل لکيو آهي.