ليکڪ ۽ شاعر “هٿين خالي عورتون” ڪتاب ۽ 1000 کان وڌيڪ آرٽيڪلن جي ليکڪ سيد جڙيل شاهه بخاري تي ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، انڊلٺي رنگن جهڙا ليک لکندڙ سيد جڙيل شاهه بخاري غلام شبير لغاري ٿر جي اڃايل ڌرتي جا نيڻ بادلن جي انتظار ۾ آڪاش جي رنگن کي تڪيندا رهن ٿا تهآگم آب حيات جهڙو پلر پاند ۾ کڻي وسندو، ڀٽن جي ڇاتي سائي ٿي پوندي، صحراءُ جي سڃ ۾ گل ٽڙڻ جي مڌر خوشبو هوائن ۾ مهڪي اٿندي، دلبرين جي ديس ۾ “راڻليو” ۽ “ڏورو” لوڪ گيتن جي سرگم جا پڙاڏا تڙن تان گونجي اٿندا، خماريل شام جي رنگين پهر ۾ پوڙهو مور ڪکائين چونئري اڳيان راڳيل وشال اڱڻ تي پرن کي پکيڙي نچڻ لڳندو، اڃارن ڪونڀٽن، ڪرڙن جون ٽاريون ۽ روهيڙي جون لامون جھومي مستي ۾ مگرمان جهڙو ناچ ڪرڻ لڳنديون، انهن لمحن جيان شاعر جي دل به ڄڻ نرالي ڪيفيت جي رنگن سان ڀريل هوندي آهي، ڪڏهن ڪاسبي جي مورن جيان کيڙا ڪندي آهي ته ڪڏهن ٿر جي اڃايل تاڙي جيان تڙپندي آهي، ليکڪ جي لکڻي ان جي اندر جي احساسن جو اولاد آهي، جيڪا هو پيڙاءُ کان پوءِ جنمي ٿو،اها اندر جي احساسن جي ڀاشا هوندي آهي. هن جو ان سان رت جو رشتو هجي ٿو، تنهنڪري ڪنهن جي تخليق تي تنقيد جا پٿر وسائڻ کان پهرين ان جي احساسن جي خوشبو کي محسوس ڪرڻ گھرجي. سنڌي شاهوڪار ٻولي طور مڃي ٿي، دنيا جي مڙني ٻولين ۾ ڀٽائي رح جھڙو شاعر پيدا ناهي ٿيو، ان کان پوءِ به جيڪڏهن ڏسبو ته خليفي نبي بخش قاسم، شيخ اياز، سچل سرمست، مولوي احمد ملاح جهڙا سنڌي ٻولي جا مهان شاعر ملن ٿا، نثر توڙي نظم ۾ سنڌي ٻولي جي سهڻن ليکڪن جو وڏو حلقو هر دوُر ۾ موجود رهيو آهي. ڇاڪاڻ سنڌ جي زرخيز ڌرتي تي نازڪ سڀاءُ ۽ نفيس جذبا رکندڙ حساس دل ماڻهن جي اڪثريت آهي. ڳالهه ٿي رهي هئي احساسن جي ۽ سنڌي ٻولي جي ليکڪن جي، اڄ جنهن ليکڪ جي تخليقي پورهئي تي ڪجهه لفظ لکي رهيو آهيان،انهي جو ٻالڪپڻ ٿوهرن، اڪن، ڪرڙن ۽ ڪونڀٽن واري ٿر جي ڳوٺ ۾ گذريو، سيد جڙيل شاهه بخاري واري جي تتل واٽن تي واچوڙن سان وڙهندي، پهرين کان مئٽرڪ تائين علم پرائڻ لاءِ سنت نيڻو رام جي آشرم واري شهر اسلام ڪوٽ جا طويل پنڌ ڪيا. ٿر جي تتل واري تي آرهڙ جي اُس ۾ مڪتب ڏي مسافري ۾ سندس اکين ۾ پيل سرمو به پگهر ۾ لڙهي ويندو هو، جيڪو سندس جيجل کيس پارائي موڪليندي هئي، پر هي محنتن جا ازم کڻي سسئي وانگر ڏکين رستن تي پٿون ٿيل پيرن سان رمندو رهيو، هن جڏهن ٿر جي گھر کي ڇڏي لاڙ جي ڀونءَ ۾ محبتن جا گھر اڏيا ته محبتن جا نفيس ڀاڪر مليس. لاڙ ۽ ٿر جي مٽيءِ ادبي حوالي سان مالامال رهي آهي. شاهه گھراڻي جي هوشيار ڇوڪري جو نصيب جاڳيو، جو سندس تعلق ادبي ڪتابن سان ٿيو ۽ عبدالواحد آريسر جون اهي محفلون نصيب ۾ آيس، جن جا پيچرا روشن خيالي جي منزل ڏي هيا، مطالعي جي شوق کيس ڪتابي ڪيڙو بڻائي ڇڏيو، سو گھڻ مطالعي سبب سندس سوچون برادري جي روايتي ماڻهن کان بنهه مختلف ٿي ويون، سيد جڙيل شاهه سان منهنجي واقفيت 2003ع ۾ سنڌ راڻي ۽ ميرباگي جي شهر ۾ شاعر ۽ ليکڪ عثمان راهوڪڙو ذريعي ٿي، پوءِ جڏهن اسين ٻئي لکڻ جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي لٿاسين ته ٽنڊي باگي ۾ گڏجي خيالن جي هم آهنگي ٿيڻ سان ڄڻ گھر جا ڀاتي بڻجي پياسين، مون 13 سال جي عرصي ۾ هن جي احساسن ۽ امنگن کي پڙهيو آهي، سندس قلم جي جنبش ناهي گھٽي، هن ڪميٽمينٽ سان لکيو آهي، اها ڪميٽمينٽ هن انهن مظلومن سان ڪئي آهي، جيڪي سماجي ڏاڍ جي گھاڻن ۾ پيڙهيا وڃن ٿا، ان جبر، وحشت، ڏاڍ، جاهليت تي ان جي اندر جو شاهه ڀڙڪي اٿي ٿو ۽ ڪنهن جنگي ميدان ۾ سپهه سالار جي گھوڙي وانگر سندس آڱرين ۾ ڦاٿل قلم ڪاغذ جي سيني تي ڊوڙي ڪي پيرا ڇڏي ٿو وڃي، جنهن کي آرٽيڪل جو نانءَ مليو وڃي، ڪڏهن سندس ڳوٺ عبدالله جوڻيجو ۾ رات جي پوين پهر ۾ يادن جي ڪڙهائي ۾ ڪڙهي ٿو ته غزل جا بند هيئن تخليق ٿو ڪري ته: درد جي انتها ٿيندي ٿي وڃي سوڳوار فضا ٿيندي ٿي وڃي شرف قبوليت جي انتظار ۾! پوڙهي هر دعا ٿيندي ٿي وڃي سو هن ڏات ڌڻي به سوڳواري جي لمحن ۾ جلي جيڪي ٿر، بر ۽ رڻ لتاڙيا، انهن جا عڪس ۽ ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙهجندڙ انهن هٿين خالي عورتن تي جيڪي قيامتون ڪڙڪيون، جنهن انداز سان مٿن ظلم ۽ ستم ٿيو، انهن جي چچريل چهرن کان وٺي ساڻن ٿيل سمورين وارتائن کي سيد جڙيل شاهه بخاري پنهنجي ڪتاب “هٿين خالي عورتون” ۾ جئين پيش ڪيو آهي. ڪتاب جي ڪالمن کي پڙهندي محسوس ٿو ٿئي ته هن به شاهه لطيف جيان عورتن جي پيڙائن کي محسوس ڪري جيڪي ڪالم لکيا، اهي ڪالم جڏهن ڪاڳرن جو ويس ڍڪي ڪتابي صورت ۾ سامهون آيا آهن، جن کي پڙهندي محسوس ٿو ٿئي ته جڙيل شاهه رنڊا ڪونه روڙيا آهن پر پنهنجي اکين جي ماڻڪين سان ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙهجندڙ عورتن سان ٿيل ظلم جي لفظن ۾ جيڪا ادائگي ڪئي آهي، سا کيس اهڙن ليکارين جي قطار ۾ بيهاري ٿي، جن جو لفظ لفظ تاريخ جي ورقن ۾ شامل ٿيل آهي. سندس ڪتاب “هٿين خالي عورتون” 144 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 55 عورتن تي لکيل شاهڪار ڪالم آهن، جن کي آئون ظلم خلاف 55 ايف آءِ آر سمجھان ٿو، اسان جي موجوده سماج ۾ سلهه جي بيماري جھڙين رسمن ۽ گٽر نالين جهڙي بدبودار سوچن جو کاڄ ڪنول جھڙيون پوتر عورتون ٿينديون رهيون آهن، عورت جيڪا محبتن جي امين رهي آهي ته جيڪا وفا جو پتلو ۽ ممتا جو اٿاهه ساگر آهي. پر دنيا ۾ وڌ کان وڌ وحشي آدم خورن جو کاڄ اهي مجبور ۽ ڪمزور عورتون ٿينديون رهيون آهن، جيڪي بيوسي جي عالم ۾ مزاحمت به نٿيون ڪري سگھن. سندن آواز قبرن اندر مڻين مٽي هيٺ دفن ٿيو وڃي، پوءِ انهن جون فاتحائون ٿين يا نه، ڪهڙو ٿو فرق پوي، جڙيل شاهه حوا جي ڌيئرن سان بربريت ۽ ڏاڍ تي تڙپي لکي ٿو ته “لاڙ جي حسناڪين کي سنگسار ڪندڙ وحشتون” ۽ “لڙڪ ڪٿي ڄمي نه پون” جهڙا ڪالم لکي ٿو، ۽ “هٿين خالي عورتون” جهڙو ڪتاب جڙي پوي ٿو، مون هن ڪتاب کان اڳي به هن جون ڪافي لکڻيون پڙهيون هيون پر “هٿين خالي عورتون” ڪتاب پڙهندي آئون اهڙين ڪيفيتن جي رڻ مان گذريو آهيان، جن ۾ مون هن معاشري جي پوڙهي ديوارن کي ڀرندي محسوس ڪيو. ۽ هي ليکڪ مون کي ڪنهن گوريلي جيان لڳو، جنهن جرڳائي سسٽم تحت معصوم نياڻين جي رت جا اگھ مقرر ڪندڙن ۽ ڪوڙي غيرت جي نالي ڪاري ڪري اڇين اجرن نياڻين جي وحشي قاتلن، ڪمزور عورتن جي عزت ۽ عصمت جا بکيا اڊيندڙ وحشي بگھڙن سان قلم جي هٿيار سان ويڙهه ڪئي آهي، هن جي اندر جو باغي پڻو کيس لکرائي ٿو، “هٿين خالي عورتون” ڪتاب جي ٽائيٽل تي انهن مظلوم عورتن جي تصوير ڏنل آهي، جيڪي پنهنجا خالي هٿ مٿي کڻي انصاف جي گُھر ڪري رهيون آهن. ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪا حسين مسرت لکيو آهي، مهاڳ ۾ حسين مسرت لکي ٿي ته “سنڌ جي عورت جو ڪيس عوام آڏو رکندي، اڻ سڌي طرح تاريخ لکي ويٺو آهي“ اها حقيقت آهي ته “هٿين خالي عورتون” ڪتاب ناانصافين جو بک بڻجندڙ بيوس عورتن جي تاريخ آهي. پر اها تاريخ رقم ڪندڙ هو مونکي اڪيلو لڳي ٿو. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي نامور اديب تاج جويو، ناليواري شاعر حليم باغي، ۽ نامياري ليکڪا گلشن لغاري جا رايا ڏنل آهن، اسان جو جيتري قدر هڪٻئي سان ساٿ رهيو آهي ته آئون سمجهان ٿو ته گلشن لغاري جا هي جملا ته “هي لکي ٿو بنا ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ جي ته کيس ڪو تمغو ميڊل يا ڪا مراعت ملندي”. اها حقيقت آهي ته جڙيل شاهه ڪڏهن ان جي پرواهه ناهي ڪئي. لکڻ ۽ پڙهڻ سندس مشغلو رهيو آهي، جڏهن به ڪنهن واڳون جو وات ڪنهن معصوم جي رت سان ڀريو آهي، ڪنهن راڪاس هيڻن جي حق تي راتاهو هنيو آهي، ته هن لکيو آهي. رغد کان وٺي هن دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ڪنهن به عورت تي ظلم ٿيو آهي ته هن جو قلم جنبش ۾ آيو آهي. هن مان اڃان به انهي اميد جو پلئه سلهاڙيون ٿا ته سندس قلم جي جنبش ماٺي نه ٿئي ۽ هو ائين رواني سان تخليق جا واهڙ واهيندو رهي. Shabirlaghari2@gmail.com
سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪ سيد جڙيل شاهه بخاري تي غلام شبير لغاري تمام سٺو آرٽيڪل لکيو آهي. پڙهي خوشي ٿي ته سنڌ سلامت جي سائيٽ تي بهترين لکڻيون پڙهڻ لاءِ ملي رهيون آهن. سنڌ سلامت، ساٿ سلامت.