• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گناهن ۾ عمر گذري ....

گناهن ۾ عمر گذري
==========
گناهن ۾ عمر گذري حياتي عيب ٿي ساري
ڏيو معافي مندا آهيون تنهنجي ذات آ پياري
خطائون منهنجو وڌ آهن عطائون تنهنجون عاليشان
گهڙي پل ڪا نه آهي جا گناهن ۾ اسان گهاري
محابي مير مرسل جي ڏيو معافي هجي ڪافي
نه ٻيو ڪوئي ثمر آهي سڏڙو ٻڌ منهنجو باري
ڏوهن ۾ ۽ غلطين ۾ نه ڪئي سون پرک پابندي
اجايو هٽ هٺيلو هو نوڙت کان ٿيم عاري
اميندن ۾ اٿي آ آس ميرو من پڪاري ٿو
سبحانالله سبحانالله زبان تي ورد ٿيو جاري


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top