ابو القاسم فردوسي ۽ سندس شعر - فهيم فدا شورو/مسڻ وڏي ابو القاسم فردوسي فارس ملڪ (موجوده ايران) جي شهر طوس ۾ 935ع ڌاري پيدا ٿيو ۽ 1025ع ۾ نوي سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. سندس نالو ابو القاسم جڏهن ته دنيا ۾ نالي کان وڌيڪ “فردوسي” جي تخلص سان مشهور ٿيو. ابوالقاسم فردوسي فارس جي مشهور ساساني شهنشاهيت به ڏٺي ته سلطان محمود غزنوي جو دور حڪومت به ڏٺائين. ساساني شهنشاهيت جا فارس (ايران) ۾ ٻه گادي جا هنڌ رهيا. هڪ سمرقند، جيڪو 819ع کان وٺي 892ع تائين گادي جو هنڌ رهيو ، ٻيو بُخارا 892ع کان 999ع تائين گادي جو هنڌ رهيو. ساماني شهنشاهيت جا ٻه ناميارا شهنشاهه سلطان يحيٰ بن اسد ۽ عبدالمالڪ دوم فردوسي جي دور جا مشهور شهنشاهه ٿي گذريا آهن. جڏهن ته سلطان محمود غزنوي غزنه علائقي جو اڻ پڙهيل پٺاڻ هو جنهن فردوسي جي دور ۾ فارس جي مٿان حڪومت ڪئي. ابو القاسم فردوسي کي جيڪا شهرت ۽ مشهوري ملي اها فارسي ٻولي ۾ سندس بهترين شعر گوئي جي بدولت هئي. سندس شهره آفاق ڪارنامو “شاهنامه فردوسي” آهي. جيڪو فارس شهنشاهيت جي پنج هزار ساله تاريخ تي مشتمل منظوم ڪتاب آهي. ابو القاسم فردوسي شاهنامه فردوسي ۾ ايراني شهنشاهيت جي سمورن شهنشاهن جي دورن کي شامل ڪيو اٿس ۽ حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنه جي دور خلافت ۾ ايران جي فتح تي ڪتاب کي ختم ڪيو اٿس. شاهنامه فردوسي ۾ سٺ هزار (60،000) جي لڳ ڀڳ شعر لکيائين. هن شهره آفاق تصنيف کي ٽيهن سالن ۾ لکي مڪمل ڪيائين. سندس زندگي جي شروعات نهايت ئي غريب گهراڻي کان ٿي. پاڻ جواني جي عمر ۾ پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪيائين جنهن مان هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. سندس پٽ جواني دوران 37 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. جنهن جو ڏک کيس زندگي ڀر جهير ڏيندو رهيو. فردوسي اهل تشيع مذهب سان وابسته هو ۽ عربن کان سخت متنفر هو. عربن جي مذمت ۾ پنهنجي ڪتاب “شاهنامه فردوسي” ۾ هڪ شعر چيو اٿس. ز شیر شُتر خوردن و سوسمار عرب را بجائے رسیدہ است کار کہ تاج کیانی کنند آرزو تفو بر تو اے چرخ گردوں تفو ترجمو: يعني اُٺن جو (بيٺي) کير پيئڻ ۽ ڳوهون کائڻ کان سواءِ عربن جو ٻيو ڪم ئي ڪهڙو آهي؟؟؟ (اهڙن افعالن سان) اهي فارس جي شهنشاهيت جي تاج و تخت حاصل ڪرڻ جون سڌون رکيو ويٺا آهن. (اهڙي عمل تي ) اي آسمان تو تي ٿُڪ هجي. شاهنامه فردوسي جي تصنيف: ابو القاسم فردوسي جو شاهنامو لکڻ حقيقت ۾ تنهن وقت جي سلطان محمود غزنوي طرفان کيس سونپيل ڪم هو. سلطان محمود کيس وراڻيو ته اهڙي ڪارنامي تي توکي هر شعر ۽ بيت جي مقابلي ۾ هڪ سوني اشرفي انعام ۽ بخشش طور ڏني ويندي. ابوالقاسم فردوسي سلطان جي حڪم جي تعميل ڪندي شاهنامو لکڻ شروع ڪيو. ٽيهن سالن جي عرصي ۾ سٺ هزار بيتن تي مشتمل ڪتاب تيار ڪري بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ بادشاهه کي پنهنجا شعر ٻڌائڻ شروع ڪيائين. ان وقت بادشاهه سلطان محمود غزنوي سندس شعرن تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجي وعدي کي پاڻي ڏيندي وڏي وزير کي فردوسي کي هر شعر جي عيوض هڪ سوني اشرفي ڏيڻ جو حڪم ڪيائين. جڏهن فردوسي بادشاهه جي مجلس مان روانو ٿيو ته سندس پر پُٺ درٻاري شاعرن بادشاهه وٽ سندس گلا ۽ غيبت شروع ڪئي. ٻي طرف وڏي وزير بادشاهه جي حڪم ۾ انحرافي ڪندي کيس سونيون اشرفيون انعام طور ڏيڻ بجاءِ چاندي ۽ کوٽيون اشرفيون ڏنيون. جيڪي في الوقت ته فردوسي وٺي روانو ٿيو. پر بعد ۾ جڏهن کيس پتو پيو ته وزير ساڻس دغا ڪندي ڪوڙيون ۽ کوٽيون اشرفيون ڏنيون آهن ته نتيجي ۾ فردوسي احتجاجن اهي سموريون کوٽيون اشرفيون شاهي خزاني ۾ واپس جمع ڪرايون ۽ زندگي ڀر بادشاهه جي مجلس ۾ نه وڃڻ جو پڪو پهه ڪري پنهنجي علائقي طوس ۾ مفلسي جا ڏينهن گذارڻ کي اوليت ڏنائين. فردوسي سوچيو هو ته بادشاهه جي طرفان مليل انهي ڌن دولت کي هو حاصل ڪري پنهنجي نياڻي کي ڏاج ۾ ڏيندو پر ائين نه ٿي سگهيو. هڪ ڏينهن سلطان محمود غزنوي پنهنجي ڪنهن ڪنيز کي ڪجهه شعر چوندي ٻڌو. شعر بادشاهه کي تمام گهڻو وڻيا ۽ ڪنيز کان پڇيائين ته هي ڪنهن جا شعر آهن. ٻانهيءَ وراڻيو ته بادشاهه سلامت هي شعر ابو القاسم فردوسي جا آهن. پوءِ فورن فردوسي جو ڪتاب “شاهنامه فردوسي” گهرائي ٻڌائين. فردوسي جي شعرن مٿس تمام گهڻو اثر ڪيو ۽ پڇيائين ته سندس مجلس ۾ فردوسي ڇو نه پيو اچي؟. کيس سموري حقيقت کان واقف ڪرايو ويو ته ڪيئن اوهان جي وڏي وزير اوهان جي حڪم جي انحرافي ڪندي فردوسي کي ڪوڙيون ۽ کوٽيون اشرفيون ڏنيون. ۽ نتيجي ۾ فردوسي اهي اشرفيون واپس شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون. اهو ٻڌي بادشاهه وزير تي ڏاڍو ڏمريو ۽ کيس معزول ڪري حڪم ڪيائين ته فردوسي جي هر هڪ شعر جي عيوض کيس هڪ هڪ سوني گيني (اشرفي) جو خزانو ۽ انعام و بخشش ۾ بادشاهي جوڙا ۽ تمام گهڻو ڌن دولت اُٺن تي لڏائي طوس شهر ڏانهن روانو ڪيو وڃي. اهو قافلو منزلون طئي ڪندو طوس شهر جي قريب اچي پهتو. تنهن وقت شهرن کي شهر پناهه خاطر ڪوٽ ۽ قلعا ڏنل هوندا هئا. بلڪل اهڙي ريت طوس شهر جي به چوڌاري قلعو ۽ شهر پناهه هو. شهر پناهه جا هر طرف کان مين گيٽ هئا. جڏهن شهر پناهه جي مين گيٽ تائين سون، چاندي، ڌن دولت ۽ شاهي جوڙن سان لڏيل اُٺن جو قافلو پهتو. قدرت خدا جي، انهي ڏينهن ابو القاسم فردوسي جي وفات ٿي هئي ۽ سندس جنازو شهر پناهه جي انهي ئي مين گيٽ مان سوين آلين اکين، آهن ۽ سُڏڪن سان نڪري رهيو هو . جنهن مين گيٽ تي انعامن ۽ اڪرامن تي مشتمل شاهي خزانو سندس منتظر بڻيل هو. ڇا ته دکدائڪ منظر هو؟ هڪ طرف فردوسي جو جنازو ۽ ٻي طرف دير سان پهتل شاهي خزانو..... بعد ۾ اهو مال ملڪيت ڌن دولت، سون ۽ چاندي فردوسي جي نياڻي جي حوالي ڪيو ويو جنهن وٺڻ کان انڪار ڪندي واپس ڪري ڇڏيو.