فهيم فدا شورو
سينيئر رڪن
مختصر تعارف
فهيم فدا شورو سنڌي ٻولي جي نئين ٽهي جو اديب، شاعر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آهي. سندس شمار مسڻ وڏي ٽنڊي الهيار جي مشهور ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. سندس ولادت 8 جون 1988ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ مشهور عالم دين، خطيب، شاعر ۽ اديب مولانا محمد يامين شورو ”خادم سنڌي“ جي گهر ۾ ٿي. فهيم فدا شورو پوسٽ گريجوئيٽ هئڻ سان گڏ فارسي ۽ عربي ٻولي جو ڄاڻو آهي. کيس پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن جي ڪري مسڻ وڏي ۽ ضلع ٽنڊي الهيار جي علمي ادبي حلقن ۾ اهم مقام حاصل آهي. فهيم فدا شوري آگسٽ 2009ع ۾ ڳوٺاڻي ليول تي هڪ ادبي، سماجي، فلاحي ۽ اصلاحي ادارو انجمن مشعل راهه قائم ڪري مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي جي نوجوانن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. کيس اتفاق راءِ سان انجمن مشعل راهه جي پهرين مرڪزي ڪابينا ۾ چيئرمين جي منصب لاءِ اهل سمجهي چيئرمين چونڊيو ويو. اڄ ڪلهه کيس انجمن مشعل راهه جي باني ۽ قائد جي حيثيت سان پوري تر ۾ سڃاتو وڃي ٿو. موصوف هن وقت تعليم کاتي ۾ ٽيچر آهي، سندس پوسٽنگ گورنمينٽ مڊل اسڪول ڪامارو شريف ۾ آهي.
ابتدائي تعليم
فهيم فدا شوري پرائمري تعليم مقامي گورنمينٽ مسلم مين سنڌي پرائمري اسڪول مسڻ وڏي مان حاصل ڪئي. کيس 1993ع ڌاري پهرئين ڪلاس ۾ داخل ڪيو ويو. پرائمري تعليم دوران جيڪي سندس استاد رهيا انهن ۾ استاد محمد حسين لغاري مسڻ وڏي وارو، استاد ممتاز علي ترڪ، استاد علي محمد ولد مرحوم استاد لکاڏنو ترڪ، استاد غلام مصطفيٰ ولد الهه يار خان لغاري، استاد عبيدالله شورو (سندس وڏو چاچو)، استاد عبدالرحيم ”عبد“ لغاري، استاد مدد علي ولد سهراب خان لغاري شامل آهن. فهيم فدا شوري 1998ع ڌاري پنج درجا ٻئين پوزيشن ۾ پاس ڪيا. جڏهن ته فرسٽ پوزيشن سندس ننڍي چاچي ۽ همعصر سيف الله شورو کنئي ۽ ٽئين پوزيشن راجيش ڪمار سوٽهڙ کنئي هئي.
سيڪنڊري تعليم
پنجين پاس ڪرڻ بعد کيس مقامي علمي درسگاهه گورنمينٽ نيشنلائزڊ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي ۾ داخلا ملي. ان وقت ڇهين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر ماهر تعليمدان ۽ سنڌي ٻولي جو مشهور شاعر مرحوم بيوس محمد باقر لغاري هو. اهڙي طرح فهيم فدا شوري مذڪوره اداري مان 2003ع ڌاري ميٽرڪ اي ون گريڊ ۾ پاس ڪئي. ان وقت جيڪي گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي ۾ قابل استاد هئا انهن ۾ بيوس محمد باقر لغاري، استاد محمد جمن لغاري، استاد گهنشام داس مينگهواڙ، استاد شير محمد لغاري عرف سائين شير، استاد ڪرم الله سميجو، استاد غلام نبي لغاري قاضي نور محمد لغاري، استاد گلاب سوٽهڙ، استاد الاهي بخش لغاري، هيڊماستر استاد الهه ڏنو لغاري (جيڪو هن وقت گورنمينٽ ايس ايم اسڪول اسٽيشن روڊ ٽنڊوالهيار جو هيڊماستر آهي) شامل آهن. فهيم فدا شوري سان گڏ گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي ۾ جيڪي طالب العلم سندس ڌوڙي رهيا انهن ۾ سندس چاچو سيف الله شورو، فياض احمد ولد جمع خان لغاري (جيڪو هن وقت ڪيوبا ۾ ايم بي بي ايس ڪري رهيو آهي)، محمد عليم ”پرديسي“ لغاري ولد استاد غلام نبي لغاري، ماجد علي ولد ايس ايڇ او محمد حنيف لغاري قاضي نور محمد لغاري، اياز احمد کوسو (جيڪو هن وقت پاڪستان آرمي ۾ ملازمت سان وابسته آهي.)، راجيش ڪمار سوٽهڙ، مڪيش سوٽهڙ، راجيش مهاراج (جيڪو پاڪستان آرمي ۾ ملازمت سان لاڳاپيل آهي)، گلاب راءِ مينگهواڙ، راجيش مينگهواڙ، گلزار احمد ولد فنڪار محمد اسحاق لغاري (جيڪو هن وقت يونين آفيس مسڻ ۾ ڪلارڪ آهي)، مدثر حسين شيخ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. محمد عليم لغاري سندس بهترين دوستن مان هڪ آهي.
هاير سيڪنڊري تعليم
گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد فهيم فدا شوري يارهين ڪلاس ۾ 2003ع ڌاري گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ڳوٺ محمد صادق ميمڻ ٽنڊو الهيار ۾ داخلا ورتي. ان وقت يارهين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر استاد محمد عاطف راجپوت ٽنڊي ڄام وارو هو. 2005ع ڌاري مذڪوره اداري مان انٽر پري ميڊيڪل پاس ڪيائين. ان وقت ٻارهين ڪلاس جو ٽيچر استاد مرزا ناصر علي بيگ حيدرآباد وارو هو. جڏهن ته ٻين استادن ۾ فهيم فدا شورو جو والد ماجد مولانا محمد يامين شورو، فزڪس سبجيڪسٽ اسپيشلسٽ محمد ناصر شيخ حيدرآباد وارو، استاد نولراءِ لالچنداڻي، ڊاڪٽر هيمن راءِ لالچنداڻي، ڊاڪٽر مشتاق احمد دائودپوٽو نصرپور وارو، استاد محمد سومار هالا وارو، استاد خليل احمد ڏگو، استاد احسان خاصخيلي ٽنڊي الهيار وارو، رشيد احمد بوزدار ۽ ٻيا شامل هئا. هاير سيڪنڊري دوران جيڪي سندس دوست رهيا انهن ۾ ارشد علي جروار، امجد علي جروار عرف ڪيپٽن ، پرويز حسن جروار، غلام شبير لغاري، علي محمد عرف علڻ لغاري شامل هئا. ياد رهي ته انهي گروپ کي هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ ”متحده مجلس عمل“ جو خطاب مليل هو.
گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ
فهيم فدا شوري ڪاليج سائيڊ بي. اي 2007ع ڌاري ايس ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان سيڪنڊ ڪلاس ۾ جڏهن ته ايم اي اڪيوئل ڊگري اورينٽل ڪاليج عالم پلي عمرڪوٽ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ان کان علاوه مذڪوره ڪاليج مان مولوي عربي، مولوي عالم، مولوي فاضل جا امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. پروفيشنل ڪواليفڪيشن طور پاڻ سي ٽي، او ٽي ۽ بي ايڊ فرسٽ ڪلاس آهي. بي ايڊ دوران سندس استاد عبدالغفور دائوداڻي (موجوده سپروائيزر بي ايڊ سينٽر ٽنڊو الهيار)، استاد لياقت علي بوزدار، استاد عبيدالله شورو، استاد آفتاب حسين شاهه، استاد جارج گل مسيح رهيا.
مذهبي تعليم
فهيم فدا شوري ناظره قرآن مجيد مدرسه دارالهديٰ جي معلم القرآن مرحوم حافظ عبدالحق ولد حاجي فضل لغاري لانڍي شاخ واري ۽ مولانا مير محمد عاجز ولد رئيس محمد خان لغاري وٽان پڙهي پورو ڪيو. 1995ع ڌاري کيس مدرسه دارالهديٰ جي شعبه فارسي ۾ داخل ڪيو ويو. جتي پاڻ مولانا محمد حسن لغاري (موجوده مهتمم مدرسه فاروق اعظم مسڻ وڏي) وٽان ديني مدرسن ۾ پراڻو مروجه فارسي ڪورس 2000ع ڌاري پڙهي پورو ڪيائين. فارسي ۾ جيڪي ڪتاب پڙهيائين انهن ۾ پهلي فارسي، ڪريما سعدي، نام حق، پند نامه عطار، گلستان سعدي، بوستان سعدي، يوسف زليخا، سڪندر نامه نظامي شامل آهن. انهي بعد کيس عربي شعبه ۾ ويهاريو ويو. هن وقت پاڻ مذڪوره ديني اداري مدرسه دارالهديٰ ۾ ڇهين جماعت جو طالب العلم آهي. سندس قابل استاد حضرت مولانا فياض محمد سريوال کيس علم جي زيور سان سينگاري رهيو آهي. مولانا فياض محمد سريوال علم جو هڪ بي دريغ سمنڊ آهي. پاڻ نه صرف هڪ عالم دين آهي پر گڏوگڏ منطق جو ڄاڻو، تصوف جو صاحب آهي. فهيم فدا شوري جن استادن کان مختلف عربي فنون حاصل ڪيا انهن ۾ سندس والد ماجد مولانا محمد يامين شورو (موجوده ناظم و خطيب جامع مسجد مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي) مولانا محمد حسن لغاري، شيخ الحديث مولانا عبدالحفيظ جاڙيجو، مولانا خليل الرحمان جاڙيجو، مولانا محمد انور زنئور (موجوده خطيب جامع مسجد مسڻ ننڍي)، مولانا محمد راضي ملوڪاڻي بلوچ، شيخ الحديث والتفسير مولانا عبدالرحمان جمالي عمرڪوٽ وارو، مولانا علي احمد جمالي، مولانا عبدالقادر جمالي شامل آهن.
فهيم فدا شورو هڪ بهترين ليکڪ، اديب ۽ شاعر
فهيم فدا شورو نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب هئڻ سان گڏ بهترين شاعر ۽ ليکڪ آهي. پاڻ سڀ کان پهرين فارسي زبان ۾ ”باغستان فدا“ جي نالي سان ٻاراڻين آکاڻين تي مشتمل ڪتابچي سان لکڻ جي شروعات ڪيائين. ان کان پوءِ پاڻ عربي زبان ۾ ”باقة الازهار“ جي نالي سان عربي ڪهاڻين تي مشتمل هڪ ڪتاب لکيائين. عربي ۽ فارسي کان علاوه سنڌي ادب ۾ فهيم فدا شوري مختلف موضوعن تي مضمون لکي سنڌي ادب ۾ پير پاتو. تازو سندس قائم ڪيل اداري انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي طرفان مسڻ وڏي جي موجوده تاريخ تي سندس ناياب ڪتاب ”پکا ۽ پنهوار“ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. جنهن جي مهورت 8 ڊسمبر 2013ع ڌاري (يعني ايڪتا ڏهاڙي تي) لاڙ جي سچل ۽ انقلابي شاعر حافظ محمد نظاماڻي ڪڙيي گهنور واري ڪئي. مهورتي تقريب ۾ مقامي سياسي سماجي شخصيتن کان علاوه معزز مهمانن ۾ مولانا رفيق احمد ڀرڳڙي ڊگڙي وارو، خليل احمد کوسو، سردار فتح محمد ٿيٻو، سائين ظهير الدين بابر ولد مولانا محمد اسماعيل لغاري مسڻ وڏي وارو پڻ شرڪت ڪئي.
فهيم فدا شورو انجمن مشعل راهه جو باني ۽ قائد
فهيم فدا شوري مسڻ وڏي جي سياسي سماجي ۽ فلاحي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ 2009ع ڌاري هڪ ادارو انجمن مشعل راهه قائم ڪيو آهي. جنهن جو پاڻ موجوده چيئرمين، جڏهن ته وائيس چيئرمين سندس برادر ساگر وسيم شورو، ڪوچيئرمين حافظ زوهيب احمد ڪنڀار، سڪريٽري جنرل سيف الله شورو، پريس سيڪريٽري بهادر ملڪ، اطلاعات سيڪريٽري عبدالغفار ولد غازيخان لغاري، خزانچي ڌڻي بخش ڪنڀار، خزانچي اياز علي ڪنڀار ۽ ايگزيڪيوٽو ميمبر سهيل احمد ملڪ مرڪزي ڪابينا ۾ شامل آهن. انجمن مشعل راهه جي طرفان هن وقت تعليمي ميدان ۾ سونهن ڪتابي سلسلي جا چند پرچا، مسڻ وڏي جي تاريخ بابت لکيل ناياب ڪتاب ”پکا ۽ پنهوار“ ڇپائي منظر عام تي آندا ويا آهن. ان کان علاوه مقامي شاعر خليل احمد کوسو جو لکيل ڪتاب ”ولهار جو وتايو“ ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. فلاحي ميدان ۾ انجمن مشعل راهه طرفان گذريل عيدالفطر 1434 هجري تي مسڻ وڏي جي بيواهن کي ”عيد اسپيشل پيڪيج“ ڏنو ويو. جنهن ۾ کاڌي پيتي جون جمله شيون شامل هيون. ياد رهي ته اهو پيڪيج پنجاهه خاندانن کي ڏنو ويو. جنهن جي اڳواڻي انجمن مشعل راهه جي سابق ڪوچيئرمين حافظ زوهيب احمد ڪنڀار ڪئي. سماجي ميدان ۾ مسڻ وڏي جي اهم اشو ”جنازه گاهه“ جو ڪم هلي رهيو آهي جيڪو انشاءَالله العزيز مقامي مخير حضراتن جي تعاون سان جلد پايه تڪميل ٿيندو. مسڻ وڏي ۾ هن کان پهرين جنازي نماز پڙهڻ لاءِ ڪا به جاءِ مقرر نه هئي ۽ جنازي نماز پڙهڻ لاءِ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو هو پر هاڻي انشاءَ الله انهي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ انجمن مشعل راهه سماجي ميدان ۾ ڀرپور ڪوشش ۾ آهي ته اهو مسئلو ۽ اهم اشو جلد پورو ڪيو وڃي.
وڪيپيڊيا تان ورتل