ڪاموري ٻڪري

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ٻڪرين جي سرتاج نسل کي ڪاموري چيو ويندو آهي، سندس ڪن وڏا ۽ ڪنڌ ڪامريڊن جيان مٿي هوندو اٿس، هلڻ، ويهڻ، چرڻ ۾ سليقي واريون هونديون آهن ڪاموري ٻڪري جهنگ ۾ موجود ڪاه مور جو گاه کائيندي آهي جيڪو زهريلو آهي باقي جانور ان چاري جي ويجهو به نه ويندا آهن، هن جانور ۾ ڪجھ خاص خوبيون سمايل آهن، جنهن ۾ هي زمين تي اڇلايل گاه نه چرندي ۽ نه گاه مٿان پيشاب ڪندي آهي، هڪ دفعي کائڻ بعد ڪيترو سفر ڪري وري ڪنهن به ٻوٽي ۾ چڪ نه وجهندي جيسيتائين منزل تي نه پهچي، اجايون ٻيڪاٽون يا دانهون نه ڪندي، نه ڊڄندي آهي، هن جو کير لذيذ، گهاٽو، هاضمي دار، جنسي قوت ۾ خاطرخواه اضافو ڪندو آهي، چاري ۾ پلڙا، بوسو، کڙ، ڏارو ۽ جنتر جو گاه شوقيه کائيندي آهي، ڌنار هميشه هن ٻڪرين اڳيان هلندو آهي هو انتهائي فضيلت سان پويان اينديون آهن، پاڻي صاف پئينديون آهن پر جي اٽو وجهبو ته اڃان به گهڻو پيئي وينديون، ھن نسل جي ٻڪري ۾ سراسري کير اڍائي ڪلو جي لڳ ڀڳ هوندو آهي، عام بيمارين جو اثر هن نسل تي گهٽ اثر ڪندو البته تيز گرمي ۽ سردي هن کي جاني نقصان پهچائي سگهي ٿي، خوبصورت سوکڙي جا ٽي قسم مشهور آهن جنهن ۾ سورٽي، لونگي ۽ اجرکي سڏجن ٿا، هن نسل جي ٻڪري جو وجود لوئر ضلعن ۾ ملي سگهي ٿو، اپر وارن ضلعن ۾ ملڻ مشڪل آهي، هن وقت عرب ۽ خليج رياستن جا مالدار ماڻهو هن نسل کي سنڌ مان خريد ڪري ٻاهر منتقل ڪري رهيا آهن جنهن کي بچائڻ جي سخت ضرورت آهي ڀاڳيي محمد حسن جمالي جنهن جي تصوير به ڏني آهي ٻڌايو ته مون کي پنهنجي جسم کان به وڌيڪ پياريون آهن، سندس سارسنڀال هر ماڻهون جي وس جي ڳالھ ناهي پر مان هن نسل کي بچائڻ جي ڀرپورڪوشش ڪري رهيو آهيان ۽ رهندس.



    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]



     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻو موضوع ، لک قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو