• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڦوٽُوشاپ جي متبادل ايپليڪيشن PhotoDirector

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سنڌسلامت ساٿيو!
اميد ته ٺيڪ ٺاڪ هوندا ٽهڪندا ٻهڪندا ، گُلابن جيان ٽِڙندا هُوندا.
دوستو! انٽرنيٽ جي دُنيا تمام وسيع آهي ۽ هاڻ انٽرنيٽ موبائل ڊوائس تي به استعمال ۾ آسان ٿي ويو آهي ته ڪمپيوٽر ۽ ليپٽاپ تي پنهنجو وقت ڪوبه ضايع نٿو ڪرڻ چاهي (پر ڪمپيوٽر موبائل کان وڌيڪ آهي :) )،.. ڪافي ڏينهن کان هڪ سُٺي ڦوٽو ايڊيٽر جي تلاش ۾ هُئس جيڪو موبائل تي به ڦوٽوشاپ جيان ڦوٽو ايڊيٽنگ به ڪري ۽ اُن کي رنگ روغن ڪرڻ جو به آپشن شامل هُجيس. ڳولا انسان کي تمام جلد پنهنجي منزل مقصود تي پهچائيندي آهي، مون به ڳولا جاري ڪئي ۽ هڪ اهڙي ايپليڪيشن ڏِٺي جيڪا شايد توهان نه ڏٺي هُجي.

JvciSWZfharKAcHnFfGaHkLPwWo4pEMIhMq_TyzhS0e6iYuuKlQlD2N41JtiTpmKWA=h900


ڦوٽوڊائريڪٽر (PhotoDirector) نالي هِن ايپليڪيشن جا فيچرز تمام گهڻا ۽ تمام ڀلا آهن تنهن ڪري هي ايپليڪيشنز 10,000,000 ڀيرا انسٽال ڪئي وئي آهي. :)


PhotoDirector%2BPhoto%2BEditor%2BApp%2B3.0.1%2BAPK.jpg


جيڪڏهن توهان کي پنهنجي تصوير جا رنگ تبديل ڪرڻا هُجن يا رنگن ذريعي ڦوٽو کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻو هُجي ته هي ايپ ضرور استعمال ڪري ڏِسجو.



phd_ios.png

هن ايپليڪيشن ذريعي توهان نه صرف ڦوٽو کي فريم ڏئي سگهو ٿا پر هِن جي ذريعي ڦوٽو کي مختلف افيڪٽس ذريعي خوبصورت به بڻائي سگهو ٿا


apps.55456.9007199266304911.20551697-0419-44e4-9bcd-18ff00593636.551b1c2f-3748-4b90-af37-a8b3f2cad824

هِن جي آبجيڪٽ ريمول ذريعي توهان تصوير مان غير ضروري شيون ختم ڪري سگهو ٿا تمام آساني سان.


هِي ايپليڪيشن باقي سڀني ايپليڪيشنز کان هزارين ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي اُنڪري توهان کي هِي ايپليڪيشن انسٽال ڪرڻ جِي دعوت ڏيان پيو :) :)



وڌيڪ ڏِسو هِن وِڊيو ۾
 
عبيد يار سڀ ڪم سولا ٿي ويا تمام بهترين ايپس جنهن جي مونکي پڻ تلاش هئي سنڌسلامت تي اچڻ جو فائدو ٿي ويو هڪ تصوير ٺاهي آھي پر سنڌسلامت تي تصوير موضوع يا تحرير ۾ ڪيئن ڏيجي
 
Back
Top