رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هو ته هوا ڄڻ پاڻي آ.....
هو ته هوا ڄڻ پاڻي آ نسورو نينهن آکاڻي آ
سمڊ جهڙيون لحرون هن ۾ اڄ نه هوءَ صبحاڻي آ
سر سنگيتن ساز آواز ڪويل ٿي ڪوڪاري ٿي
شور پاڻي پڙلاءُ آ جهڙي حب ۾ هڪ هڪاڻي آ
واريءَ تي وجود ولهو جيئن باکاٽي جي ماڪ هجي
ڦوه جواني قطرا پاڻي مينهن وٺو ڄڻ هاڻي آ
لڱ لٽراسا لوه ڪي ڀائيون لڪ لڳي تيئن رڪ ٿيا
گرمي سردي سر تي سهي ٿي گهر جي گهرڌياڻي آ
هو پاري جهڙي ٿڌڙو ٿاڪ جنهن لئه جيءُ سدان حيراڪ
ٻانهن ۾ هوءَ ٻل ڀري ٿي سڪ ۾ ساه سيباڻي آ
پورن جهڙي پريت اسان جي ريت نه سولي راند
هر هر بره ڪيو آ باند روح رمل ۾ راڻي آ
تون نه رس وقت اسان کان ويڇا ڪين وجه تون يار
ڪا ئي پل ڪا پيار جي پويون حب حساب واياڻي آ
شيشي ۾ ٿي جوڙي پاڻ ٺاهي ٺاهي صورت سهڻي
خيال خماريل جوش جواني عشق ۾ ڪيئن اڏاڻي آ
اڏري اڏري هوءَ اچي ٿي فلڪ زمين سارو نچي ٿي
گاه ڪري يا لئي لابارو ڪرت ڪندي نه ڪوماڻي آ
هوڏ ۾ آهي عشق اچايو بي ڪفنو ٿي قرب ڪمايو
سارا ٿاڪ ٿي ڳولهي ڦولهي پريت ۾ پيچ پراڻي آ
هوءَ اڏامي تارن پهچي روز جو رات ٿئي برسات
ننڊ نه هن کي آئي ڪڏهن عشق ۾ يار اگهاڻي آ
لبستم دائودپوٽه