مولانا سميع الحق اڪوڙه خٽڪ واري ۽ مولانا محمد يامين شورو جي تاريخي خط و ڪتابت - فهيم فدا شورو اها 1989ع جي ڳالهه آهي جڏهن مولانا سميع الحق پنهنجي والد محترم مولانا عبدالحق اڪوڙه خٽڪ واري جي ياد ۾ اردو ٻولي ۾ الحق ماهوار رسالو ڪڍندو هو. جيڪو شايد اڃان تائين ڇپجي پيو. الحق رسالي جي هڪ شماري ۾ حاجي عبدالصمد جي نالي سان ڪنهن شخص جو خواب ڇپجي آيو. عبدالصمد ٻنهي جهانن جي سردار نبي پاڪ صه کي خواب ۾ ڏٺو، حاجي عبدالصمد خواب ۾ ڏسي ٿو ته نبي پاڪ جي مجلس ۾ مولانا سميع الحق جو والد صاحب مولانا عبدالحق ۽ مولانا فضل الرحمان جو والد مولانا مفتي محمود ويٺا آهن. ان کان علاوه ڪافي علماء ڪرام مجلس ۾ شريڪ آهن. نبي پاڪ صه پاڪستاني علماء تي سخت ناراض آهن ڏاڍا پريشان لڳي رهيا آهن ۽ سندن ڳوڙها مبارڪ ڳڙي رهيا آهن ۽ فرمائين پيا ته پاڪستان ۾ اوهان جي هوندي منهنجو دين اسلام خوار ٿي رهيو آهي. اوهان مردن هوندي اوهان تي هڪ عورت حڪومت ڪري رهي آهي. اي عبدالصمد (خواب ڏسندڙ) آئون توکي حڪم ڪريان ٿو ته اوهان سڀ مولانا عبدالحق جي پٽ مولانا سميع الحق جي اڳواڻي ۾ هڪ تحريڪ هلايو. قبله والد ماجد مولانا محمد يامين شورو پنهنجي زير طباعت ڪتاب “جي جيئري جوت جلائي ويا“ ۾ لکن ٿا ته، “هڪ ڀيري مون (محمد يامين) ڪؤنرو ڀرسان رکي نم جي وڻ هيٺان وضو پئي ڪيم ته استاذ صاحب مولانا عبدالڪريم لغاري (مولانا عبدالڪريم لغاري فاضل ديوبند هو ۽ مولانا سيد حسين احمد مدني جو شاگرد خاص هو. وڏو اهل الله ۽ دور حاضر جو ولي ڪامل ٿي گذريو آهي. 2004ع ۾ سندس وصال ٿيو آهي، هٿ ۾ اردو رسالو الحق کنيو پيرين اگهاڙو پاڻ ڏي تکو تکو ايندي ڏٺم. مون کي سمجهه ۾ ڳالهه نه آئي ته، سائين پيرين اگهاڙو ائين تڪڙو تڪڙو ڇو پيو اچي؟ جڏهن ويجهو آيو ته، آئون (محمد يامين) اٿي بيٺس. پاڻ (مولانا عبدالڪريم لغاري) رسالو ڏيکاريندي ڪاوڙ ۾ چيائون ته، هن حراميءَ کي ته لِک! هيڏا ڪوڙ ٿو هڻي!! پوء رسالو منهنجي هٿ ۾ ڏيئي پاڻ پنهنجي ڪمري ڏانهن واپس هليا ويا. مون وضو ڪري فارغ ٿي اهو صفحو جيڪو سائين ڏيکاريو هو سو پڙهڻ شروع ڪيم ته، ان ۾ هڪ پٺاڻ حاجي عبدالصمد جي خواب جو ذڪر هو.“ (الحق رسالي جي انهي صفحي جو فوٽو هن پوسٽنگ سان اپلوڊ ٿيل آهي.) والد ماجد مولانا محمد يامين شورو اڳتي لکن ٿا ته، “مون انهي خواب بابت هڪ تنقيدي خط بنام مولانا سميع الحق لکي سندم سائين مولانا عبدالڪريم لغاري کي ڏيکاريم، جيڪو پاڻ پڙهي پسند فرمايائون ۽ جلد از جلد روانو ڪرڻ جو حڪم ڪيائون. مون به اهو تنقيدي خط اردو رسالي الحق جي ايڊيٽر مولانا سميع الحق کي ٽپال ذريعي روانو ڪيو.“ طوالت کان پاسو ڪندي والدي مولانا محمد يامين شورو جي انهي تنقيدي خط مان ڪجهه اقتباس پيش ڪجي ٿو. “منهنجي تنقيدي خط جو سڄو زور انهي ڳالهه تي هو ته، * مولانا سميع الحق عورت جي سربراهي خلاف سندس هلايل تحريڪ لاء انهي خواب کي سهارو ۽ بنياد بڻايو هو. * هڪ خواب جي شرعي حيثيت ڇا آهي؟ ڇا ڪنهن خواب مطابق شرعي فيصلو يا فتويٰ ڏيئي سگهجي ٿي يا نه؟ * خواب ۾ ڪيل اشارا قطعي يا يقيني نه هوندا آهن. گمان يا ظن کان وڌيڪ انهن جي ڪا حيثيت نه آهي. * اڄوڪي پارلياماني نظام ۾ عورت جي سربراهي جو شرعي حڪم ڇا آهي؟ * مولانا سميع الحق جي اڳواڻي ۾ تحريڪ هلائڻ جو نبي پاڪ خواب ڏسندڙ کي ڇو حڪم فرمايو. جڏهن ته پاڪ پيغمبر صه پنهنجي مجلس ۾ ويٺل مولانا عبدالحق کي اهو حڪم ڇو نه ڏنو جيڪو مولانا سميع الحق جو والد آهي. * حضور اڪرم صه جي لاڏاڻي بعد دنيا ۾ وڏا حادثا ۽ انقلاب آيا ۽ صدين تائين اهي انقلاب صدمن جو باعث بڻيا. جيئن حضرت عمر فاروق رضه جي شهادت جو واقعو فجر نماز ۾ نبي پاڪ جي روضي جي سامهون ٿيو. عمر فاروق رضه تي ايراني غلام ابو لولو فيروز ٻه مُنهين خنجر سان حملو ڪيو. پاڻ بيهوش ٿي محراب ۾ ڪري پيا، سندن آنڊا ڪُک مان ٻاهر نڪري آيا، پاڻ ڦٿڪي رهيا هئا. مسجد نبوي جو محراب ۽ مصلو حضرت عمر فاروق جي وهندڙ رت سان لهو لهان ٿيل هو. ان کان علاوه نبي پاڪ جي روضي جي ڀرسان حضرت عثمان غني کي قرآن مجيد پڙهندي مٿس تلوار جو وار ڪيو ويو جنهن سان مظلوم مدينه جو سر مبارڪ ۽ سندس گهرواري بيبي نائله جي هٿن جون آڱريون شهيد ٿي ويون. حضرت علي سائين جي شهادت روزي جي حالت ۾ ڪوفي جي جامع مسجد جي دروازي وٽ ٿي. امام حسن رضه کي سندس گهرواري هٿان زهر پيارائي شهيد ڪيو ويو. نبي پاڪ جي ٻئي ڏُهٽي امام حسين رضه جي شهادت جو واقعو ڪربلا ۾ ٿيو. بيبي اسماء جو فرزند ۽ حضرت ابوبڪر جو ڏُهٽو حضرت عبدالله بن زبير حجاج بن يوسف جي هٿان شهيد ڪيو ويو سندس لاش کي ٽن ڏينهن تائين وچ رستي تي ٽنگيو ويو. ڪعبت الله جي ديوار کي گوليون لڳڻ جي ڪري ڏار پئجي ويا، حجر اسود بهشتي پٿر ٽُڪر ٿي پٽ تي ڪري پيو. ايڏن واقعن هوندي به نه ڪنهن تاريخ ۾، نه ڪنهن روايت ۾ اهڙو ڪو خواب نظر نٿو اچي جنهن ۾ نبي پاڪ پريشان هجن، سندن اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هجن، نه عرش ڏڪيو نه روضه رسول صه ۾ زلزلو آيو. باقي ٽيهن سالن جي ڇوڪري (بينظير ڀٽو) پاڪستان جي وزير اعظم بني آهي ته رسالي ۾ بيان ڪيل خواب مطابق نبي سائين به پريشان ٿي ويا آهن ته سندس اکين مان ڳوڙها به وهن پيا، گڏوگڏ اسلام به خوار خراب ٿي پيو آهي. حيرت جي حد ته اها آهي تحريڪ ۽ سربراهي خاطر ڪوڙن هٿرادو خوابن جو سهارو وٺي پنهنجا سياسي مقصد پيا حاصل ڪيا وڃن. *بينظير ڀٽو پارلياماني نظام تحت وزير اعظم آهي. هن جي حيثيت قومي اسيمبلي جي هڪ ميمبر کان سواء ڪجهه نه آهي ۽ نه ئي مطلق العنان حاڪم آهي جو حديث پاڪ جي مرتڪب ٿئي. ٻيو ته جنهن نظام ۽ آئين تحت بينظير وزير اعظم آهي انهي نظام جي آئين تي خود مولانا مفتي محمود ۽ مولانا سميع الحق جي والد مولانا عبدالحق جون صحيحون ۽ دستخطون آهن. خواب جي مطابق عورت جي حڪمراني جي حوالي سان نبي پاڪ کي پگهر ۽ پريشاني هئي ته پاڻ ڪريمن صه مولانا مفتي محمود ۽ مولانا عبدالحق کي اهڙي آئين تي دستخط ڪرڻ جي صورت ۾ پنهنجي مجلس ۾ ويهڻ جي اجازت ڇو ڏني؟ ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي صاحب موصوف آئين پاس ڪرڻ ۾ ڌُر بڻيل هئا. اهي چند اقتباسي نڪتا هئا جيڪي والد صاحب مولانا محمد يامين شوري جي انهي خط مان ڏنا ويا جيڪو پاڻ مولانا سميع الحق کي لکي موڪليائون. والد صاحب پنهنجي زير طباعت ڪتاب “جي جيئري جوت جلائي ويا“ ۾ وڌيڪ لکن ٿا ته، “افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اوهان (مولانا سميع الحق) جي انهي خواب ڇپجڻ سان اسان جي نظر ۾ اوهان جون مڙيئي سرگرميون مشڪوڪ بڻجي چڪيون آهن. ڇا اسلام ۾ پنهنجا مفاد ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاء دروغ بازي ۽ ڪُوڙ هڻڻ جي کُلي ڇُوٽ آهي. اسلام جي تحريڪي مشن کي تيز ڪرڻ، ماڻهن ۾ مقبول بنائڻ لاء ڪوڙا خواب ۽ جڙتو آکاڻيون ۽ افسانا گهڙڻ جي شرعن اجازت آهي؟ پنهنجي قيادت ۽ سربراهي جي نشي خاطر خواب ۾ نبي پاڪ صه تي ڪوڙ هڻڻ “من ڪذب عليّ متعمداََ فليتبوا مقعده من النار.“ جي زمري ۾ نٿو اچي. “ اڳتي مولانا محمد يامين تنقيدي خط ۾ لکن ٿا ته، “جيڪڏهن اوهان (مولانا سميع الحق) کي اهڙي ڪا تحريڪ هلائڻي آهي ته سڀ کان پهرين پاڪستان جي آئين کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاء تحريڪ هلايو. ان کان پوء عورت جي سربراهي جو مسئلو زير بحث آڻيو.“ والد صاحب مولانا محمد يامين شورو مولانا سميع الحق جي جوابي خط بابت ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، “ڪجهه ڏينهن بعد مولانا سميع الحق منهنجي (محمد يامين) نالي موڪليل جوابي خط لکيو ته، “حضرت جي! اوهان ٿڌي دماغ سان انهي عورت واري سربراهي جي مسئلي تي غور ويچار ڪريو، ۽ استخارو ڪري ڏسو ته اوهان کي ڇاٿو نظر اچي. وڌيڪ عرض معروضات ذريعي اپيل ڪندي چيائين ته اوهان انهي مسئلي ۾ اسان جي مدد ۽ حمايت فرمايو.“ مون اهو جوابي خط استاذ صاحب مولانا عبدالڪريم لغاري جي خدمت ۾ پيش ڪيو. پاڻ پڙهي مرڪندي فرمايائون ته، ڪو مدلل جواب ڏئي ها. ڪو ٺوس حوالو ڏئي ها. باقي عرض ۽ اپيلون پيو ڪري. ڇا اهو به ڪو جواب آهي؟