ياجوج ماجوج جي ديوار ڪهڙي ۽ ڪٿي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهيم فدا شورو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2016۔

  1. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    ياجوج ماجوج جي ديوار ڪهڙي ۽ ڪٿي؟
    تحقيق: فهيم فدا شورو

    * ياجوج ماجوج ڪير آهن؟
    ياجوج ماجوج انسانن جون ٻه قومون آهن جيڪي حضرت نوح عليه السلام جي پٽ يافث جو اولاد آهن. ياجوج ماجوج قومن جا حقيقي نالا نه آهن پر عربي ترجمو آهن. انهن نالن جو يورپي ٻولين ۾ ترجمو گاگ ۽ مي گاگ (Gog & May Gog) ٿيندو. سڀ کان پهرين هنن قومن جا نالا ۽ ذڪر عهدنامه عتيق ۽ مڪاشفات يوحنا ۾ بيان ٿيا. هي اڻ سڌريل انسان، جانورن وانگر رهن. سندن ڄماريون وڏيون ٿين ۽ منجهن واڌ به وڌيڪ آهي. ياجوج ماجوج ٻه ترڪ قبيلا آهن. قرآن مجيد ۾ اهڙا ڪي الفاظ نٿا ملن جن سان انهن جي شڪل شبيه، قد ڪاٺ، رهڻي ڪهڻي بابت پروڙ پئجي سگهي. ياجوج ماجوج وڏا ويڙهاڪ، شرارتي ۽ فسادي قوم آهن.

    * فاتح عظيم ذوالقرنين بادشاه؛
    ياجوج ماجوج جي فسادن کان جنهن انسان ذات کي نجات ۽ ڇوٽڪارو ڏياريو اهو پوري دنيا تي راڄ ڪندڙ بادشاه ذوالقرنين هو. جنهن جو اصل نالو صعب يا مُصعب هو. پر مٿس ذوالقرنين لقب پوڻ ڪري سندس اصل نالو گم ٿي ويو. ذوالقرنين لفظ جي معنيٰ ٻه سڱ، ٻه طرف يا ٻه صديون آهي. انهي لقب پوڻ جا روايتن ۾ ڪافي سبب اچن ٿا. هڪ روايت موجب سندس مٿي تي ٻه ننڍڙا سڱ نما قدرتي ڳوڙها اڀريل هئا. ٻي روايت موجب الهندي اڀرندي، مغرب ۽ مشرق جو حڪمران هئڻ آهي. ٽين روايت موجب هن بادشاه دنيا جي روءِ زمين تي ٻن صدين تائين حڪومت ڪئي. ٿي سگهي ٿو ٽيئي ڳالهيون درست هجن. محقق حضرات جي تحقيق موجب ايراني فاتح سائرس اعظم، جنهن کي فارسي ۾ ڪوروش ڪبير چون ٿا ۽ ذوالقرنين بادشاهه هڪ ئي شخص آهي. ان ڳالهه جي نشاندهي سيد ابوالاعلي مودودي به ڪئي آهي. مشهور فارسي ڪتاب سڪندرنامه جو ليکڪ مولانا نظام الدين نظامي به ان ڳالهه ڏي ويو آهي. نظامي صاحب ايران جي شهنشاه دارا سان لڙائي ڪندڙ سڪندر بادشاه کي ذوالقرنين ڄاڻايو آهي. جيڪا ڳالهه منهنجي مطالعي موجب درست نه آهي. ڇاڪاڻ ته ذوالقرنين بادشاهه ۽ ايران جي دارا سان لڙايون ڪندڙ سڪندر بادشاه ۾ عرصي ۽ دور جي لحاظ کان وڏو فرق آهي. انگريزي ٻولي ۾ ذوالقرنين جو ترجمو Cyrus Great آهي. مولانا مودودي موجب ذوالقرنين بادشاه جي فتوحات جو سلسلو سنڌ، ترڪستان کان وٺي مصر، ليبيا تائين ۽ ٻي طرف يونان ۽ مقدونيه تائين ۽ اتر ۾ ڪاڪيشيا ۽ خوارزم تائين رهيو. يعني ان وقت جي پوري مهذب دنيا سندس مطيع هئي.

    * ذوالقرنين جي جوڙايل عظيم ديوار (ياجوج ماجوج وارو لنگهه)
    ياجوج ماجوج جي فسادن کان بچاء واسطي ذوالقرنين جيڪا عظيم ديوار جوڙائي هئي. اهو محظ هڪ اتفاق هو جو ذوالقرنين بادشاهه ملڪن جا ملڪ فتح ڪندو دنيا جي اترين ملڪن کي فتح ڪرڻ جي نيت سان پنهنجي وڏي لشڪر ۽ ساز و سامان سان ٽين وڏي سفر تي نڪتو. هڪ اهڙي جاء تي پهتو جتي وڏا وڏا جبل ۽ پهاڙ هئا. اتي به ماڻهن جي بود و باش ڏٺائين. ڪافي تعداد ۾ ڳوٺ آباد هئا. انهن ڳوٺن ۾ اهڙي قوم آباد هئي جنهن جي ٻولي ۽ زبان مختلف هجڻ ڪري بادشاهه انهن سان سندن حال احوال کان واقف نه پئي ٿي سگهيو. انهن ماڻهن ڪجهه چوڻ پئي چاهيو پر ذوالقرنين بادشاهه سندن ٻولي نه پئي سمجهي سگهيو. آخرڪار انهن کيس اشارن ۾ پنهنجو مطلب سمجهايو. انهن چيو ته هتي هڪ قوم آهي جنهن اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. ڌرتي تي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري وڌو آهي. اهي هنن جبلن جي پٺيان رهن ٿا. ڏاڍا شرارتي ۽ فسادي آهن. اسان وٽ هر فصل جي مند ۾ جبل جي لڪ مان ٽپي، ڪٽڪن جا ڪٽڪ ٿي اسان جا ماڻهو ماري، ڍور ۽ جانور ڪاهي وڃن ٿا. اسان جي فصلن کي به تباهه ۽ برباد ڪري هليا وڃن ٿا. مهرباني ڪري اسان کي انهن کان نجات ڏياريو. ذوالقرنين بادشاهه انهن ماڻهن جي مدد سان ياجوج ماجوج جي فتنن ۽ فسادن کان بچاءُ خاطر هڪ ديوار ڏياري. ديوار جي تعميرات ۾ لوهه جا ٽڪرا، ٽامون ۽ سيهو استعمال ڪيو ويو ۽ آخرڪار اها ڀِت جڙي راس ٿي.

    * اها ديوار ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي آهي؟
    ياجوج ماجوج جي ديوار بابت تاريخي ڪتابن ۾ دنيا جي چند عظيم ديوارن جو حوالو اچي ٿو. جن بابت عام مفروضو آهي ته ياجوج ماجوج واري ديوار اها آهي. انهن مان ڪجهه هي آهن.
    (1). دنيا جي مشهور عظيم عجوبي ديوارِ چين کي ياجوج ماجوج واري ديوار تصور ڪيو وڃي ٿو.
    (2). روس ملڪ ۾ سمرقند جي ويجهو جبل الطي جي لڪ واري ديوار کي ياجوج ماجوج واري ديوار سمجهيو وڃي ٿو.
    (3). آذر بائيجان ملڪ ۾ قبق جبل واري لڪ واري ديوار کي ياجوج ماجوج واري ديوار چيو وڃي ٿو.
    (4). هندستان جي اتر ۾ تبت ملڪ وارن جي جواڙيل ديوار کي ياجوج ماجوج واري ديوار سمجهيو وڃي ٿو.
    اهي سڀ ياجوج ماجوج واري ديوار بابت تاريخي حوالا ۽ عام مفروضا هئا ۽ آهن. جڏهن ته تحقيقي حوالو هڪ ئي آهي ته ڪئسپين سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ جي درميان واري ديوار کي ياجوج ماجوج واري ديوار مڃڻ گهرجي. هي ديوار روس جي علائقي داغستان ۾ واقع آهي جيڪا دربند علائقي ۽ داريال جي وچ ۾ آهي. قفقاز ملڪ ۾ ڪاري سمنڊ کان داريال علائقي تائين وڏا جبل ۽ پهاڙي سلسلا آهن البته دربند علائقي ۽ داريال جي وچ ۾ جيڪو علائقو آهي ان ۾ جابلو سلسلا نه آهن. داريال ۽ دربند علائقن جي وچ ۾ ذوالقرنين بادشاه جيڪا ديوار جوڙائي اها 50 ميل ڊگهي، 290 فٽ اوچي ۽ 10 فٽ ويڪري هئي. سمورن مورخن ۽ محققن انهي ديوار کي ياجوج ماجوج واري ديوار ڪوٺيو آهي. ڇاڪاڻ ته انهي هنڌ اهي سمورا ثبوت ۽ آثار ملن ٿا جيڪي قرآن مجيد ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

    * ياجوج ماجوج واري ديوار (دربند ۽ دريال واري ديوار) جو ڪنهن ڪنهن مشاهدو ڪيو آهي؟
    (1). ابن جرير طبري ۽ ابن ڪثير پنهنجن تصنيفات ۾ فاروقي دور جو هڪ واقعو بيان ڪيو آهي ته، حضرت عمر فاروق رضه آذربائيجان جي فتح کان پوء سن 22 هجري ۾ سراقه بن عمرو کي دربند جي مهم تي موڪليو ۽ سراقه وري عبدالرحمان بن ربيعه کي انهي مهم جي واڳ ڏني. عبدالرحمان جڏهن آرمينا جي علائقي ۾ داخل ٿيو ته اتي جي فرمانروا ”شهر براز“ جنگ جي بغير اطاعت قبول ڪئي. انهي بادشاهه شهر براز چيو ته ذوالقرنين بادشاهه جي ديوار جو مشاهدو ڪندڙ هڪ شخص کي اوهان ڏانهن موڪليان پيو ان کان انهي ديوار بابت معلومات وٺي سگهجي ٿي. اهڙي ريت ان شخص عبدالرحمان بن ربيعه کي ديوار بابت معلومات فراهم ڪئي.
    (2). فاروقي دور جي انهي واقعي کان 200 سال بعد عباسي خليفي واثق بالله انهي ديوار کي ڏسڻ جي لاء 50 ماڻهن تي مشتمل هڪ جٿو موڪليو. هي وفد سامره کان تفلس علائقي، السرير علائقي کان ٿيندو فيلان شاهه جي علائقي ۾ پهتو.
    پوء خزر ملڪ (ڪيپسين سمنڊ) ۾ پهتو ۽ اهڙي ريت انهي وفد دربند علائقي ۾ پهچي ديوار جو عيني مشاهدو ڪيو. ان مان معلوم ٿيو ته ٽين صدي هجري تائين دربند ۽ دريال واري ديوار کي ئي ياجوج ماجوج واري ديوار سمجهيو پئي ويو.

    * دربند ۽ دريال واري علائقي جو موجوده نقشو؟
    دربند ڪيسپين سمنڊ جي ڪناري سان لڳ روس جي داغستان علائقي جو بندرگاه آهي. هن جي آبادي 75000 کان به وڌيڪ آهي. خلافت راشده جي دور ۾ هتي اسلام پهتو. خليفه هشام بن عبدالملڪ (105هجري - 125هجري) جي ڀاءُ مسلمه دربند فتح ڪيو. ارڙهين صدي عيسوي ۾ مختلف وقفن کان پوء 1806ع ۾ روس دربند تي مڪمل طور قبضو ڪيو. دربند آذربائيجان جي گادي جي هنڌ باڪو کان تقريبن سوا ٻه سئو ڪلوميٽر پري آهي. دربند جي اولهه طرف کان ڪوهه قاف جو پهاڙي سلسلو شروع ٿئي ٿو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو