ٻه قومي نظريو تحقيق جي تناظر ۾. - فهيم فدا شورو اسلامي جمهوريه؟پاڪستان جو بنياد جنهن نظريي تي آهي اهو ٻه قومي نظريو آهي جنهن مطابق مسلمان ۽ هندو ٻه الڳ الڳ قومون آهن. انهي نظريي مطابق قومن جو بنياد مذهب کي بڻايو ويو آهي. جيڪو نه صرف اسلامي حوالي سان غلط آهي پر دنيا جي جاگرافي حوالي سان به ٺيڪ نه آهي ڇوته قومن جو بنياد ساڳي ٻولي، وطن جي ڪري آهي نه ڪي مذهب جي ڪري. اهو ئي سبب آهي جو ان وقت برصغير جي جليل القدر هستين مولانا حسين احمد مدني، مولانا ابوالڪلام آزاد، امام عبيدالله سنڌي، سيد سليمان ندوي، مولانا اقبال سهيل انهي غير اسلامي ٻه قومي نظريي جي مخالفت ڪئي. مولانا مدني فرمايو ته ملة از وطن است. يعني قوم جو بنياد ديس تي آهي (مذهب تي نه آهي). مولانا مدني جي انهي موقف تي علامه اقبال پنهنجي هڪ فارسي شعر ۾ کيس ابولهب ڪوٺيو. جنهن جو حوالو ٻي ڪنهن هنڌ ذڪر ڪبو. * ٻه قومي نظريي جو باني ڪير؟ نام نهاد تاريخ ۾ ٻه قومي نظريي جو باني سر سيد احمد خان کي سڏيو وڃي ٿو. هن صاحب مادر علمي دارالعلوم ديوبند جي مقابلي ۾ عليڳڙهه ڪاليج قائم ڪيو جيڪو اڳتي هلي يونيورسٽي ٿيو. موصوف حضرت موسيٰ عليه السلام جي نيل ندي کي لٺ هڻڻ، پاڻي بيهي وڃڻ ۽ ٻارنهن رستن جي ظاهر ٿيڻ واري معجزي جو مُنڪر ۽ شعائر اسلام جو مذاق اڏائيندڙ آهي. انهي سر سيد احمد خان کي ٻه قومي نظريي جو بانيڪار سڏيو وڃي ٿو. ليڪن تاريخ جي ڇنڊڇاڻ سان خبر پوي ٿي ته وٽائنس اهڙي ڪا ڳالهه ثابت نه آهي جنهن سان ٻه قومي نظريي جي حمايت جو پتو پوي. برعڪس ان جي سر سيد احمد خان جون ڪافي تقريرون ٻه قومي نظريي جي مخالفت ۾ اڄ به تاريخ جو حصو بڻيل آهن. موصوف جي انهن تقريرن کي مخدومزاده حسن محمود پنهنجي ڪتاب A Nation is born ۾ نقل ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب جي صفحي نمبر 339 تي سر سيد احمد خان جي تقرير نقل ڪيل آهي جيڪا سر سيد 1884-1-27 تي ڪئي. "We (I.e. Hindus & Muslims) should try to become on heart and soul and act in union." سر سيد هڪ ٻي تقرير لاهور ۾ 1884ع ڌاري ڪئي ان ۾ به قوم جي حوالي سان ڳالهايائين. Remember that the world Hindu and Muhammadans are meant for religion distinction otherwise all who reside in this country are all in this particular respect belong to the same nation. (Reference: A nation is born Page no 340.) سر سيد احمد خان ته ايتري قدر فتويٰ جاري ڪئي ته جيڪو به هن هندستان جي سرزمين تي رهي ٿو کائي پيئي ٿو، ان جو جيڪو به عقيدو هجي يا جنهن به مذهب سان وابسته هجي ان کي وطن هندستان جي حوالي سان هندو ڪوٺيو وڃي. مذڪوره ڳالهه سندس هڪ تقرير ۾ پڙهي سگهجي ٿي. There are the difference grounds upon which, I call both these races which inhabit India by one word. I.e HINDU meaning to say that they are the inhabitants of Hindustan. (Ref: same as above) تاريخي حوالن سان اها ڳالهه واضح ٿي ته ٻه قومي نظريي جو بانيڪار سر سيد احمد خان نه، پر ڪو ٻيو آهي جنهن جو نالو اڄ ڏينهن تائين منظر عام تي نه اچي سگهيو آهي. تاريخ مان جيڪڏهن ٻه قومي نظريي جو بنياد ڪڍيو وڃي ته ڪره ارض تي پاڪستان رياست بي بنياد ٿي پوندي. پر محمد علي جناح پهرين ئي تاريخ مان ٻه قومي نظريي جي صفائي ڪري چڪو آهي. اهڙو اعلان جناح صاحب برصغير جي ٽٽڻ يعني 14 آگسٽ 1947ع کان ٽي ڏينهن پهرين 11 آگسٽ تي ڪيو. ٻه قومي نظريي کي مسلم ليگين کان پوء جنهن قوم تسليم ڪيو اها قوم يهودي قوم هئي. ڇاڪاڻ ته يهودين کي پنهنجي مذهب جي آڌار تي اسرائيل ملڪ قائم ڪرڻو هو. دنيا جي قائم ٿيڻ کان وٺي مذهب جي بنياد تي ٻه ملڪ قائم ٿيا آهن. هڪ 1947ع ڌاري پاڪستان ۽ ٻيو 1948ع ڌاري اسرائيل. ٻه ئي ڀائر آهن جن کي يڪي بعد ديگري هڪ ئي ماءُ ڄڻيو آهي. ٻه قومي نظريي جي پيش ٿيڻ سان پاڪستان قائم ٿيو. پاڪستان انهن ئي علائقن تي مشتمل آهي جن ۾ متحده هندستان جي وقت مسلمانن جي گهڻائي هئي. ۽ ان وقت به مذڪوره علائقن تي مسلمانن جو ئي راڄ ڀاڳ هو پوء انهي غير اسلامي نظريي کي پيش ڪري برصغير کي ٽوڙڻ ۽ خلق خدا کي ڇڙ و ڇڙ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. معلوم ٿيو ته برصغير کي ٽوڙڻ، مذهبي فرقيواريت کي هوا ڏيڻ، مذهبي جنون پيدا ڪرڻ جو سمورو الزام مسلم ليگ تي اچي ٿو. آئون ذڪر ڪري آيو آهيان ته پاڪستان جن علائقن تي موجود رياست آهي اتي مسلمانن جي گهڻائي هئي ۽ انهن علائقن جا حڪمران به مسلمان ئي هئا. جن ۾ پنجاب ۾ سر سڪندر حيات، بنگال موجوده بنگلاديش ۾ مولوي فضل حق، سنڌ ۾ خانبهادر علي بخش سومرو، خيبرپختونخواهه ۾ صاحبزاده سر عبدالقيوم هئا. ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته متحده هندستان ۾ مسلمان ۽ هندو ڪيئن گڏجي رهي سگهن ان لاء ڪو لائحه عمل جوڙڻو هو نه ڪي ملڪ کي ٽوڙي پنهنجي طاقت کي مفلوج ڪرڻ هو. ان وقت وڏا عالم مفڪر فيلسوف دانا ڪافي تعداد ۾ موجود هئا جن جو اهوئي خيال هو ته ملڪ کي ٽوڙڻ جي بجاء ڪو اهڙو لائحه عمل تيار ڪجي جنهن سان مسلمان ۽ هندو گڏ رهي سگهن ۽ ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته اهو ممڪن هو ڇاڪاڻ ته هو هڪٻئي سان رليل مليل هئا. هڪٻئي جي بودوباش رهڻي ڪهڻي کان واقف هئا. * ٻه قومي نظريي جي ڪري پيدا ٿيل نقصان خيرن جو ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان؟ ته وجود ۾ اچي ويو جنهن ۾ ڪجهه لک مسلمانن؟ ۽ مومنن؟ جو ته ڀلو ٿي پيو جو سندن روزگار معيشت ۽ ٻيا مسئلا ته ڪجهه قدر حل ٿيا پر انهن ڪروڙين مسلمانن ڪهڙو ڏوهه ڪيو جيڪي لڏ پلاڻ دوران هندستان ۾ رهجي ويا ۽ هميشه هندوئن جي غلامي ۾ رهجي ويا ۽ اڄ به اقليتي بنجي بي يار و مددگار بڻيل آهن. سندن مذهب جي بنياد تي حقوق پائيمال ٿي رهيا آهن. نه صرف اسان پنهنجي انهن ڪروڙين مسلمانن جي طوق ۾ غيرن ۽ هندن جي غلامي جا زنجير وجهي ڇڏيا جيڪي منجهن نسل در نسل هلندا رهندا پر گڏو گڏ انهن جي لاء ماحول بدتر بڻائڻ به اسان جي آشيرواد آهي. جنهن سلسلي ۾ هڪ ملڪي سياسي مسئلي کي بلاوجه مذهبي رنگ ڍنگ ڏنو ويو ۽ اها جنگ سياسي ميدان مان نڪري مذهبي ڪٽرپڻي تي اچي وئي. اهي سڀ مهربانيون اسان جون انهن ڪروڙين مسلمانن مٿان هيون جيڪي تاريخ جي دهرائجڻ سان دهرائبيون رهبيون. پر ڇا ڪريون جو مهاتما گانڌي، پنڊت جواهر لال نهرو جي هوندي اسان جي سياست نه ٿي چمڪي سگهي.… مولانا مدني مولانا آزاد مولانا عبيدالله سنڌي جي هوندي اسان کي مذهبي اڳواڻي نٿي ملي سگهي.… مولانا حسين احمد مدني جي هوندي اسان سالڪ ۽ مجذوب نه ٿي ٿي سگهياسين.… مولانا عبيدالله سنڌي جي هوندي اسان شيخ الهند مولانا محمود الحسن جا ڪيئن وارث ٿيون.… امام الهند مولانا آزاد هوندي اسان ڪيئن علم جا ابا ۽ تقرير جا صاحب بڻجي سگهون.… جمعيت علماء هند جي هوندي اسان ڪيئن جمعيت علماء اسلام ٺاهي پنهنجي هٿ ٺوڪي اسلام جو ڍنڍوڙو پوري راڄ تي برقرار رکي سگهون.… دارالعلوم ديوبند هوندي اسان ڪيئن پنهنجا مدرسا هلائي سگهون جن کي اڄ اسان پنهنجي پراپرٽي ۽ جاگير سمجهي ويٺا آهيون….متحده هندستان هوندي اسان ڪيئن مفتي اعظم ٿي سگهون.… انهن سمورين ڳالهين کي حل ڪرڻ لاء ضروري هو ته برصغير جي سيني تي ڀالو هڻي اڌواڌ ڪجي ۽ پاڪستان قائم ڪجي پوء ڀلي انهي لاء غير اسلامي نظريو ڇونه پيش ڪيو وڃي.