ٻه قومي نظريي بابت مولانا حسين احمد مدني جو موقف ۽ علامه محمد اقبال - فهيم فدا شورو چند ڏينهن کان ٻه قومي نظريي جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ منهنجو زير بحث موضوع بڻيل آهي. ٻه قومي نظريي جي حوالي سان منهنجي تحقيق جاري و ساري آهي. اڄ ٻه قومي نظريي جي حوالي سان شيخ العرب والعجم سيد حسين احمد مدني جي موقف جو مطالعو ڪبو ۽ مولانا مدني جي موقف جي حوالي سان سندس سياسي حريف علامه محمد اقبال جي لنترانين کان به ڪجهه قدر واقف ٿيڻ جي خاطر خواهه ڪوشش ڪبي. پاڪستان جي حصول لاء جيڪا جدوجهد ڪئي وئي ان جو محور ٻه قومي نظريي جي چوڌاري ڦري ٿو. جيڪڏهن ٻه قومي نظريو دين اسلام جي مواقف آهي ته پاڪستان جي اسلامي رياست هجڻ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه شڪ شبهو ڪرڻ اسلام مان خارج ٿيڻ جي برابر آهي. پر جيڪڏهن ٻه قومي نظريو تحقيقي ڳالهين ۽ ديني نڪته نظر سان غيراسلامي بڻجي پوي ٿو ته پوء پاڪستان کي اسلامي اسٽيٽ تصور ڪرڻ يا تسليم ڪرڻ سان مسلمان جي اسلام ۽ ايمان ۾ شڪ شبهو هجڻ جي جواز کي ڪير به روڪي نٿو سگهي.……خير……… پاڪستاني قوم جي هر هڪ فرد کي خبر آهي ته ٻه قومي نظريي جو مقصد مسلمان ۽ هندو الڳ الڳ قومون آهن. انهي مان قوميت جو بنياد دين ڌرم کي ڄاڻايو ويو آهي. مولانا سيد حسين احمد مدني اسلامي گهرجن جي پٽاندر ۽ دنيا جي جاگرافيائي حوالي جي بنياد تي انهي ٻه قومي نظريي کي غلط ۽ سراسر غير اسلامي قرار ڏنو آهي. مولانا مدني جي اسلام ۽ ان وقت جي حالات کان واقفيت جو ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهجي. مولانا مدني جو فرمان آهي ته؛ “ملة از وطن است“ يعني قوم جو بنياد ملڪ جي ڪري آهي ڪنهن دين ڌرم جي ڪري نه آهي. ڇوته گهري نظر سان ڏسجي ته قوم جو بنياد ڪنهن دين ڌرم جي هجڻ مان فرقيواريت ۽ دقيانوسيت جي بدبوء جو اچڻ لازم اچي ٿو. مولانا مدني اها قوميت جي ڳالهه، ته قوم جو بنياد ديس ۽ وطن جي ڪري آهي، 8 جنوري 1938ع ڌاري صدر بازار دهلي ۾ هڪ جلسي ۾ ڪئي. انهي جلسي جي صدارت مولانا نورالدين ڪئي. ٻي ڏينهن الامان اخبار ۾ مولانا مدني جو اهو موقف ڇپجي منظر عام تي آيو ۽ مسلم ليگين طرفان وڌ ۾ وڌ مخالفت ڪئي وئي. شاعر مشرق علامه اقبال سميت سمورن مسلم ليگين مولانا مدني جي انهي موقف جو علمي ۽ تحقيقي جواب ڏيڻ کان هٽي ڪري جهاليت جو اظهار ڪندي مٿس غدار، زرخريد، ملت فروش، بي دين وغيره جا القاب مڙهيا. علامه اقبال مولانا مدني جي مذمت ۾ ٽن فارسي شعرن ۾ مٿس ڇِتي تنقيد ڪئي اهي ٽي شعر هيٺ لکجن ٿا جن جو ترجمو احتجاجاََ نٿو لکان. عجم هنوز نه داند رموز دين ورنه ز ديوبند حسين احمد اين چه بوالعجبي است سرود بر سر منبر ڪه ملت از وطن است چه بي خبر ز مقام محمد عربي است به مصطفيٰ برسان خويش را ڪه دين همه اوست اگر به او نه رسيدي تمام بولهبي است آخري شعر جي آخري مصرع ۾ علامه اقبال واضع لفظ ۾ مولانا مدني کي ابو لهب ڪوٺيو آهي. عرب ۽ عجم ٻنهي فريقين جي اڳواڻ ۽ مايه ناز عالم دين مولانا مدني جيڪو نسلي حوالي سان آل نبي صه مان آهي، ان کي ابو لهب ڪوٺڻ حقيقت ۾ علامه اقبال خود ابولهب هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. علامه اقبال اهي جيڪي ٽي شعر چيا انهن جو بنياد اصل ۾ مشهور فارسي شاعر حافظ شيرازي جي هيٺئين شعر کي بنايو ويو. حسن ز بصره بلال از حبش صهيب از روم ز خاڪ مڪه ابو جهل اين چه بوالعجبي است حافظ شيرازي جو اهو هڪ بيت نه پر پورو غزل آهي جيڪو ديوان حافظ ۾ پڙهي سگهجي ٿو. مسلم ليگي ته پهرين ئي مولانا مدني جي مخالفت ۾ رات ڏينهن هڪ ڪريو ويٺا هئا ويتر جو علامه اقبال جا هي بيت کين هٿ لڳا ته کين هڪ حوالي سان هڪ ادبي، علمي ۽ فلسفيانه گار بولهبي ملي پئي پوء ته بس ٻُڏي جا ٻيڻا ٿي پيا. علامه اقبال تي شاعر اسلام، شاعر مشرق، حڪيم الامت ۽ داناءِ راز جي لقبن جي وارو وار ٿي وئي. ٻي طرف مولانا مدني جا معتقد ۽ عقيدتمند پوري برصغير ۾ لکن جي تعداد ۾ هئا جيڪي مولانا مدني جي شايان شان ۾ معمولي گستاخي به برداشت نه ٿي ڪري سگهيا. اهي معتقدين ڪاوڙ ۽ غم ۾ غلطان ٿي ويا جو مولانا مدني جي شان ۾ علامه اقبال جي هي تنقيد ۽ مخالفت کين ٻڌڻ ۾ ملي. انهن معتقدين ۾ شاعرن علم و ادب طرف مائل فردن جو تعداد ڪافي هو انهن سمورن علامه اقبال جي انهن ٽنهي بيتن جي جواب ۾ ڪيئي شعر چيا ۽ هزارين خط لکيا جيڪي هتي هوبهو بيان ڪرڻ کان هٽي ڪري چند خط ۽ شعر عرض ڪندس جن جي نتيجي ۾ علامه اقبال جي اندر ۾ اهو احساس جاڳيو ته پاڻ غلط آهي ۽ مجبور ٿي هن پنهنجا چيل لفظ واپس ورتا. مولانا مدني جي هڪ جان نثار خادم ۽ مريد مولانا سيد عزيز احمد قاسمي هڪ طويل جوابي نظم چيو جنهن جو هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو. خموش شاعر گستاخ قدر خوش بشناس ز حد خويش گذشتن ڪمال بي ادبي است ترجمو؛ اي گستاخ شاعر! چُپ ٿي پنهنجو قدر سڃاڻ. پنهنجي حد کان لنگهڻ بي ادبي جو مقام آهي. جوابي نظمن ۽ خطن جو تعداد ڪافي مقدار ۾ هو جن کي مولانا حسين احمد مدني جي ڏوهٽي مولانا سيد فريد الوحيدي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ جمع ڪري ڇپرائڻ چاهيو ٿي پر مولانا فريد الوحيدي جي چوڻ موجب مولانا مدني کيس ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. مولانا مدني جي حمايت ۾ هڪ فارسي نظم مولانا اقبال سهيل لکيو جنهن جا چند شعر هيٺ لکجن ٿا. درست گفت محدث ڪه قوم از وطن است ڪه مستفاد ز فرمودہ خدا و نبي است علامه اقبال کي مخاطب ٿيندي مولانا اقبال سهيل فرمائي ٿو. زبان طعن ڪشودي مگر نه دانستي ڪه فرق ملت و قوم از لطائف ادبي است خداءِ گفت بقرآن لڪل قوم هاد ولي به نڪته ڪجا پي برد ڪسي ڪ غبي است محبت وطن است از شعاير ايمان همين حديث پيمبر فديته بابي است به ديوبند گذر گر نجات مي طلبي ڪه ديو نفس شور و دانش تو صبي است بگير راه حسين احمد از خدا خواهي ڪه نائب است نبي را و هم ز آل نبي است. مولانا اقبال سهيل کان علاوه سيد سليمان ندوي جو جوابي مقالو حرف آخر آهي. موضوع جي مناسبت سان اختصار جي راهه اختيار ڪندي چند ڳالهيون لکجن ٿيون. "جناب مولانا حسین احمد مدنی کے سیاسی خیالات سے کسی کو کتنا هی اختلاف هو، مگر ان کی شخصی عزت و احترام، علمی فضل و کمال اور تقوی اور حسن نیت کی نسبت ایک لمحے کیلئے بھی کوئی خلاف بات گوارا نهیں کی جا سکتی. دلی کے بعض اخباروں میں مولینا کی تقریر کے ایک فقره کو جس طرح سیاق و سباق سے قطع کر کے اچھالا گیا هے اور اس کے جو جو معنی پهنائے گئے وی صریحا دیانت کے خلاف تھے. اور اسی لیے ان کا اعتبار کرکے شاعر اسلام ڈاکٹر اقبال کا ایک ایسا قطعه کهه دینا جس میں حد درجه کی بری تلمیح حافظ شیراز کے مشهور شعر کی بناء پر تھی. صاف کهه دوں که باوجود ڈاکٹر صاحب سے میرے خاص تعلقات هونے کے میرے لئے بهت اندوهناک تھا، میں بے چین هوگیا." سيد سليمان ندوي جو اهو جوابي مقالو اخبار مدينه بجنور 13 اپريل 1938ع ۾ ڇپيو. ان کان علاوه ديوبند جي هڪ عالم فاضل مولانا عبدالرشيد نسيم طالوت به علامه اقبال کي مولانا مدني جي حمايت ۾ جوابي خط لکيو. جنهن جي جواب ۾ علامه اقبال 16 فيبروري 1938ع ڌاري خط لکيو جنهن ۾ علامه اقبال روزنامه احسان لاهور ۾ انهي موضوع کي ختم ڪرڻ جي خاطري ڏياري هئي. . بالآخر علامه اقبال کي مولانا مدني جي مذمت ۾ پنهنجي چيل لفظن تي سخت پشيماني ٿي ۽ روزنامه احسان لاهور بتاريخ 28 مارچ 1936ع ۾ ايڊيٽر جي نالي هڪ خط لکيو جنهن ۾ هن پنهنجي چيل لفظن کي واپس ورتو ۽ ائين مولانا مدني ۽ علامه اقبال جي وچ ۾ هلندڙ علمي بحث جو خاتمو آيو. علامه اقبال جو مڪتوبنامو ملاحظه فرمايو. "میں نے جو تبصره مولینا حسین احمد مدنی کے بیان پر شایع کیا هے اور جو آپ کے اخبار میں شائع هو چکا هے اس میں اس امر کی تصریح کردی گئی تھی که اگر مولانا کا یه ارشاد که "زمانه حال میں اقوام اوطان سے بنتی هیں." محض بر سبیل تذکره هے تو اس پر مجھے کوئی اعتراض نهیں......... علامه اقبال مولانا طالوت جي خط بعد چيو ته. "خط کے مندرجه بالا اقتباس سے صاف ظاهر هے که مولانا اس بات سے صاف انکار کرتے هیں که انهوں نے مسلمانان ھند کو جدید نظریه قومیت اختیار کرنے کا مشوره دیا. لهاذا میں اس بات کا اعلان ضروری سمجھتا هوں که مجھ کو مولانا کے اس اعتراف کے بعد کسی قسم کا کوئی حق اس پر اعتراض کرنے کا نهیں رهتا. " حوالو- مڪتوبات شيخ الاسلام جلد 3 صفحو 140 مولانا مدني هڪ جلسي ۾ تقرير ڪرڻي هئي. مولانا مدني جيئن ئي جلسه گاهه وٽ ڪار مان لهي رهيو هو ته کيس ان وقت خبر ڏني وئي ته علامه اقبال جو انتقال ٿي ويو. مولانا مدني اهو ٻڌي انا لله و انا اليه راجعون چيو ۽ علامه اقبال جي روح جي ايصال ثواب لاء دعا فرمايائون. اهو هو مولانا سيد حسين احمدني جو اخلاق، ڪردار ۽ سيرت جو نمونو. نه صرف ايترو پر جڏهن کيس چيو ويو ته تمام مسلمين جي لاء دعاءِ خير ڪرڻ فرمايو. اهو ٻڌي مولانا مدني فرمايو ڇا غير مسلمين جي لاء دعا نه گهران؟ ڇا اهي خلق خدا جي کاتي ۾ نٿا اچن. اها هئي مولانا مدني جي سيرت ۽ بهترين اخلاق جو نمونو. ٻه قومي نظريي جي حمايتين کي حبيب جالب جي هن بيت ذريعي پيغام ڏيندس ته؛ "ضمیر بیچ کے مسند خریدنے والو اھل وفا کی نظروں میں تم بهت حقیر هو"