ٻه قومي نظريي جي ڪري پيدا ٿيندڙ قتل و غارت جي درد ڪٿا -فهيم فدا شورو مسلم ليگ جي طرفان جڏهن کان پاڪستان جي حاصل ڪرڻ لاء ٻه قومي نظريو پيش ڪيو ويو ان ڏينهن کان وٺي مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ ڏند چڪ شروع ٿي وئي ۽ هندو مسلم فساد وڌڻ لڳا جيڪي بالآخر آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. تاريخ دهرائجڻ سان پروڙ پوي ٿي ته ٻه قومي نظريي کان پهرين پوري هندستان ۾ هندو مسلم فساد ايتري قدر تيز نه هئا جيتري قدر ٻه قومي نظريي بعد منظر عام تي آيا. انهن فسادن جي جڙ ٻه قومي نظريو هو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اندازي موجب خان عبدالولي خان پنهنجي شهرت يافته تصنيف “حقائق حقائق هين“ ۾ پنجاب جي صوتحال بابت لکي ٿو ته صرف پنجاب ۾ 3000 کان 4000 عورتون اغوا ٿيون. اهو آخري تحفو هو جيڪو انگريز ڌارين ويندي ويندي هندستانين کي ڏنو. اهي هندستاني جن ٻن صدين تائين انگريزن جي ٻارن ٻچن جي لاء پنهنجي جگر جي ٽُڪرن کي بکيو اُڃيو رکيو.…… جن پنهنجا جوان پٽ برطانيا جي تخت و تاج جي حوالي ڪري ڇڏيا...... ايتري قدر جو هندستاني پنجابي انگريز جي چوڻ تي خانه ڪعبه تي حملي ڪرڻ کان به نه رڪيا. ۽ ڪعبت الله تي گوليون هلايائون. ان کان علاوه ٻي هند خان عبدالولي خان لکي ٿو ته، "جیسا که مری میں ایک مسلم لیگی نے کئی ساتھی اکٹھے کیے اور ایک هی رات میں ھندوؤں اور سکھوں کے تقریبن ١٢٠ مکانات اور بنگلے جلادیے. یه بنگلے تو ھندو اور سکھ چھوڑ گئے تھے جو که پاکستان کی دولت تھی تو یه تعصب میں ایسے اندھے هوگئے تھے که یه پاکستان کو جلانے لگے." (حقائق حقائق هیں صفحه نمبر ٢٥٠) انهن پيدا ٿيل فسادن جي ڪري انسان هڪٻئي جو شڪار ڪرڻ لڳا. هر هڪ فرد پنهنجي پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهڻ لڳو. پوري قوم هڪٻئي جي ڪوس ڪرڻ ۾ هڪٻئي کان گوء کڻڻ لڳي. گهر، مال ملڪيتون، ڌن دولتون لٽجي رهيون هيون، عورتن جون عصمتون ۽ عزتون محفوظ نه هيون. اغوا، ڦُرلُٽ جون واردتون نه رات ڏسڻ لڳيون ۽ نه ئي ڏينهن. هنڌان هنڌان انسانيت، اخلاق، ڪردار، سيرت، ساڃاهه ۽ شرافت جا جنازا نڪري رهيا هئا. هر جاء فرقيواريت، فتني ۽ فساد جا آڙاهه آسمان کي ڇُهڻ لڳا. خوني رت جي سيلاب پوري برصغير جي ڌرتي کي رت سان رڱي ڪربلا جو ويس ڍڪائي ڇڏيو هو. لاڏ ڪوڏ ۽ انگل آرائن سان پليل لخت جگر ۽ غلمان خون ۾ رڱجي رهيا هئا. سرزمين هندستان جي حورن ۽ حسينائن جون عزتون واٽ ويندي درندن هٿان لُٽجي رهيون هيون. قيامت کان پهرين قيامت جو منظر هو، هر هڪ نفس پنهنجي نفسانفسي ۾ هو. کُليل آسمان ۽ هلندڙ روڊ رستن تي هزارين خاندان بي يار و مددگار بڻجي پنهنجي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت لاء واجهائي رهيا هئا. بر صغير جي سموري ڌرتي فتنن، فسادن، قتل و غارت جي باهه ۾ ٻري رهي هئي. ٻه قومي نظريي هندستان جي اصل واڳ ڌڻين يعني مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ ايڏا ته حقارت ۽ دشمني جا ويڇا وڌائي ڇڏيا جو اخلاقيات ته پنهنجي جاء تي، منجهن انسانيت به نه رهي ۽ ڏينهون ڏينهن انسانيت جي چمڙي ۾ حيوانيت پنهنجون پاڙون مضبوط ڪرڻ لڳي. پورو هندستان هڪ اهڙي فرقيواريت جي زد ۾ اچي چڪو هو. جيڪا ٻه قومي نظريي بعد وڌي وڻ بنجي چڪي هئي. جنهن منجهان فتني ۽ فساد، قتل و غارت، ڦرلٽ، اغوائن ۽ ڌاڙا، عزتون ۽ عصمتون لٽڻ، خونريزي، سڙيل چچريل لاشن، ڪونڌرن جو ڪوس اهڙيون مضبوط ٽاريون نڪري چڪيون هيون جن کي پوري طاقت سان وڍي ختم ڪرڻ محال بنجي چڪو هو. اسان اهڙن ملڪن جي تباهڪاري جي باري ۾ جڏهن ٻڌندا آهيون ته خبر پوندي آهي ته اتي جو فرمانروا بادشاهه پنهنجي بادشاهت سان هٿ کڻي پنهنجو ملڪ ڇڏي روپوش ٿي ويو آهي، پر حسرت ۽ افسوس جو مقام هي آهي ته ٻه قومي نظريي بعد متحده هندستان جي صورتحال ڏسي هتان جي عوام ۽ خلق خدا پنهنجا گهر ٻار، مال ملڪيتون، زمينون ۽ جائيدادون، واپاري مرڪز ۽ دڪان ڇڏي وڏي مشڪل سان پنهنجي جان بچائي ڌارين جي ديسن ڏانهن ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا، جتي نه ته کين ڪو سندن غمخوار سجهيو ٿي ۽ نه ئي ڪو حال ڀائي. اهڙن انسانن جو تعداد بنهه گهٽ هو جيڪي پنهنجي جان بچائي پنهنجي ڌرتي کي آهن ۽ سڏڪن سان الوداع ڪرڻ تي مجبور ٿي نڪتا جڏهن ته اهي عظيم انسان هزارن جي تعداد ۾ هئا جيڪي پنهنجي ديس تان ڪُسجي شهيد ۽ سرڳواسي ٿي امر ٿيندي ويا. اوهان ڇا ٿا سمجهو ته انهن جيجلن جون هنجون خالي ٿيڻ ۽ سندن ڪونڌرن جي ڪوس تي سندن دلين ۽ قلبن مان آه و فغان سان ڀريل ڪيڏيون ڪيڪون، آهون ۽ دانهون نڪتيون هونديون.…… هزارين عورتن جا سُهاڳ کانئن جدا ٿي انهي فرقيواريت ۽ فتني فساد جي آڙاهه ۾ سندن سامهون سڙندي پچندي ڪوئلو ٿي ڦُلهيار بڻجي ويا. اهڙا ڦُلهيار جو نه ته کين ڪنهن ڪفن جي ضرورت هئي ۽ نه ئي اگنا سنسڪار ٿيڻ جي.……انهن ادڙين ۽ ڀينرن جي غمن ڀريل دلين ڏانهن به متوجهه ٿجي جن جي نازڪ ڪلائين ۾ راکي ٻڌڻ وارا سندن پيارا ڀائر کانئن هميشه هميشه لاء رُسي نه صرف پنهنجو ديس ڇڏي ويا پر هن پاپي سنسار کي الوداع ڪري اهڙو وڃي ديس وسايائون جتي ٻه قومي نظريي جي ڪري پيدا ٿيندڙ فتنن ۽ فسادن جي رسائي مشڪل بڻيل هئي. انهن فسادن ۽ فتنن ۾ تڏهن ڪجهه ٺاپر آئي جڏهن ڪانگريس جا ڪجهه رهنما خاص ڪري مهاتما گانڌي ۽ علماء ديوبند انهي ڪوشش ۾ همه تن ڪوشان هئا ته ٻه قومي نظريي جي ڪري پيدا ٿيندڙ فتنن فسادن کي ٻُنجو ڏجي. مهاتما گانڌي ته ايتري قدر اڳتي وڌي ويو جو مهاتما پنهنجي جان داءُ تي لڳائي ڇڏي ۽ ڪلڪتي ۾ انهن فسادن جي ختم ٿيڻ جي حوالي سان مرڻ گهڙي تائين روزي رکڻ ۽ بکيو اڃيو رهڻ جو اعلان ڪيائين. سندس انهي ذاتي قرباني جي ڪري هڪ اهڙي فضا پيدا ٿي پئي جو عام ماڻهو ۽ عوام الناس ته پنهنجي جاء تي پر مختلف کاتن جا سرڪاري ملازم پنهنجي ڪيل حرڪتن تي سخت پشيمان ٿيا ۽ ڪجهه قدر انهن فسادن ۾ ماٺ آئي. مسلمان، هندو ۽ سک گڏجي مهاتما گانڌي وٽ ڪلڪتي ۾ لنگهي آيا ۽ کانئس اهو اعلان واپس وٺڻ ۽ مرڻ گهڙي تائين رکيل روزي ڇوڙڻ لاء کيس ايلاز ۽ منٿون ڪيائون. بالآخر مهاتما کين مان ڏيندي اهو اعلان واپس ورتو ۽ مرڻ گهڙي تائين ڪيل بک هڙتل ختم ڪيائين. پر افسوس ته فتني ۽ فساد جي اها باهه پوري هندستان ۾ ايستائين ٻري چڪي هئي جو جيڪڏهن هڪ جاء تان اها وسائي ٿي وئي ته وري ٻي جاء تي ٻري ٿي پئي. پوء ڪلڪتو هجي يا دهلي، بنگال جي رياست هجي يا جيسلمير، پنجاب هجي يا سنڌ. مطلب ته پوري برصغير کي فتني ۽ فساد جي باهه پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو.