ذڪر ڪجھه “زبانن” جو! شفيق الرحمان شاڪر مختلف زبانن جي باري ۾ ته هرڪنهن ٻڌو هوندو،دنيا ۾ لکين زبانون هونديون ،انگريزي، عربي، سنڌي وغيره وغيره پر جيڪر غور ڪيو وڃي ته زبان يا ٻوليء جي جيڪا وصف بيان ڪئي ويئي آهي سا اها ته “ اّظهار جو اهڙو ذريعو جنهن جي مدد سان هڪ ٻئي کي پنهن جي معنيٰ،مقصد يا مطلب سمجھائي سگھجي.” هاڻي جيڪر زبان جي ان وصف جي ڪسوٽيء تي پرک ڪبي ته پوء اهي گونگا جيڪي ڳالهائڻ جي صلاحيت کان محروم آهن انهن وٽ به هڪ زبان آهي،اشارن جي زبان، اهڙيء طرح جانور،پکي پکڻ ۽ جيت جڙا به ڪا زبان رکن ٿا جنهن جي ذريعي اهي هڪٻئي جا جذبا، احساس ۽ مقصد پاڻ ۾ شيئر ڪن ٿا. بهرحال اسان جو ڪنهن سنجيده قسم جي بحث ۾ ڦاسڻ جو بلڪل ارادو نه آهي .اهي سنجيده بحث في الحال سنجيده ماڻهن لاء ڇڏي ٿا ڏيون.اسان هلون ٿا ٻولين جي ڪجھ ٻين دلچسپ قسمن طرف! مثال؛ ڌنڌي ڌاڙي ۽ پيشي جي لحاظ کان به مختلف زبانون ٿين ٿيون جهڙوڪ سفارتڪاري يا ڊپلوميسيء جي زبان، اها زبان ڪا عربي، انگريزي يا فارسي نه هوندي آهي پر ڊپلوميسيء جي زبان جو مطلب اهو هوندو آهي ته صحيح کي ته پنج سو سيڪڙوصحيح چوڻ پر پوري همت ۽ ڪوشش ڪري غلط کي به صحيح چوڻ يا گھٽ ۾ گھٽ صحيح سمجهندي خاموش رهڻ! .ڪنهن دوست ڊپلوميسيء جي زبان جي تشريح ڪندي ڏاڍي عجيب انداز ۾ اهو گر بيان ڪيو ته “ ڊپلوميسيء جي ميدان ۾ توکي هڪ ڳالهه جوهميشه لاء يقين ڪري ڇڏڻ گھرجي ته تنهن جو “باس” جيڪي ڪجھ توکي چئي رهيو آهي اهو ڪنهن به صورت ۾ غلط ٿي ئي نٿو سگھي پر جيڪر تنهن جي دماغ ۾ ويٺل ڪو کر بار بار توکي بغاوت تي ڀڙڪائي رهيو هجي ته به اهو قطعي طيء ڪري ڇڏڻو آهي ته توڙي جو هو سو سيڪڙو غلط چئي رهيو آهي پر ان کي آخرڪار پنج سو سيڪڙو صحيح تسليم ڪرڻو آهي.” قربان وڃجي ڊپلوميسيء جي ان عظيم زبان تان جنهن ذريعي قوم جي باشعور طبقي کي ڪيئن نه اجتماعي منافقت جا سبق سيکاريا پيا وڃن! اهڙيء طرح شاعريء ۽ ادب جي به زبان ٿيندي آهي،مٺي، نمڪين،کٽي ته ڪڏهن ڦڪي به! رکا،ٽڙيل پکڙيل لفظ پاڻ ۾ پروئجي خوبصورت مالا جي شڪل وٺندا آهن جيڪي دلين تي ديرپا اثر ڇڏين ٿا. ڪو شاعر ويچارو ٻن ڏينهن کان بکن ۾ پاه ٿي رهيو هو.ڪنهن امير دوست جنهن کي شعر شاعريء سان لڳاء هو تنهن کيس محفل جي دعوت ڏياري موڪلي.همراه جي پيٽ ۾ وڃي ساه پيو ته اڄ اتي ڪجھ نه ڪجھه چٽڻي يا سنبوسو ضرور هوندو،جڏهن هو اتي پهتو ته سندس دوست لڳو فرمائشن مٿان فرمائشون ڪرڻ.هاڻي شاعر حضرت جي پيٽ ۾ ڪو پيٽرول هجي ته دونهون ڪڍي! بهرحال بک کان اکيون بند ڪندي ٻٽن شعرن جي بمباري جيڪا ڪيائين سا ڪيائين پر هاڻي سندس حالت ڏاڍي نازڪ هئي سو پنهن جي پيٽ طرف نفيس اشارو ڪندي عرض ڪيائين؛ ” اي بنده پرور! هن بندي تي به ٿئي نگاه ـــــــ جنهن جا ٻن ڏينهن کان بک ڪڍي ڇڏيا هن لاه. شعر سخن جو بيشڪ ثاني نه ڪو آفن، ــــــــ پر خوف آ مري نه وڃي شاعر هي واللھ.“ هاڻي اچون ٿا ڪاروبار جي زبان طرف ته هڪ پڪو ڪاروباري ماڻهو پنهن جي گھر ۽ پريواڙ ۾ ڪهڙي زبان استعمال ڪري رهيو آهي۽ پنهن جي پٽ کي ڪهڙيء طرح نصيحت ڪري رهيو آهي ” جيڪر توکي هن گھر۾ بنان ٽينشن جي رهڻو آهي ته آمدني ۽ خرچ جو اڪائونٽ مينٽين ڪندي انهي ۾ بيلنس پيدا ڪرڻو پوندو،جيڪو به ذهن ۾ ڊيڊ اسٽاڪ آهي تنهن جو آڪشن ڪرڻو پوندو ته جيئن حاصل ٿيل سرمايي مان وڌيڪ نون ڪاروباري خيالن ۽ اسڪيمن جي سيڙپڪاري ڪري سگھجي.هر ايندڙ ويندڙ مهمان جي لاء لاڪر نه کوليندو ڪرجو هروڀرو ڪنهن خساري کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي.مٽن مائٽن کي قرض ڏيڻ ۾ حرج ڪونهي پر سود جي نفعي جو حساب هر مهيني چڪتو هئڻ گھرجي.اصل سرمايي جي رٽرن جو ڪو فڪر نه ڪر،سرمايو واپس ملي ويو ته منافعو ڪٿان ملندو!“ هاڻي ذڪر ڪجھ سياست جي زبان جو. اهڙي زبان جنهن ذريعي معاملن کي ڏسي وائسي ايترو ته الجھايو ۽ منجھايو ويندو آهي جو سچ ۽ ڪوڙ،جائز ۽ ناجائز،صحيح ۽ غلط جو ڪو سرو ئي نه ملي سگھي. ڀلي نادان عوام پيو اونده ۾ ٿاڦوڙا هڻي. جيئن سنڌيء ۾ چوندا آهن ته ”ڪانء کي اچي لڙ ۾ مزو.“ سو جيڪر ڪو سياستدان ڪنهن سوال ”اٽي“ جي جواب ۾” گھوٻاٽو“ نه چوي ته سمجھو ته اهو ڪواليفائيڊ سياستدان ناهي.مثال؛ سوال ؛” سا.ئين! توهان جي حڪومت اندر ٿر ۾ ٻار مري چٽ ٿي ويا“ جواب؛.” اڙي پنجاب ۾ هيترا ٻار جي ڊينگيء کائي ماري ڇڏيا انهن جي ته ڪو ڳالهه ئي نٿو ڪري“ سوال؛ ” سائين صوبي ۾ غضب جي ڪرپشن ٿي رهي آهي،ڪو قدم کڻڻ لاء ئي تيار ناهي.“ جواب؛ ” ابا مٿو نه وڃاء،ڪرپشن رڳو هن صوبي ۾ ڪانهي،ٻين صوبن ۾ به ڪن لڳي پيئي آهي.“ سوال؛ ”جناب! پوري ملڪ ۾ احتساب جو ڪو اڻ ڌريو ۽ موثر نظام ڇو نٿا قائم ڪريو؟“ جواب؛ ” سياستدان جي احتساب جو حق صرف عوام کي آهي.پنجن سالن کان پوء عوام جي عدالت ۾ وينداسين.جيڪر اسان واقعي ڪرپٽ هونداسين ته عوام اسان کي ووٽ نه ڏيئي رد ڪري ڇڏيندو. اوهان کي بار بار ڪهڙو پيٽ ۾ وڪڙ ٿو اچي رڳوويچارن سياستدانن جي احتساب لاء!“