ماضيء جو آئينو؛ جپان جا پاڻيء هيٺ چبوترا.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    ماضيء جو آئينو؛ جپان جا پاڻيء هيٺ چبوترا.

    شفيق الرحمان شاڪر

    جاپاني ٻيٽ “ اوڪي ناوا ” جي ڪنارن ويجھو سمنڊ ۾ 60 کان 100 فٽن جي اونهائيء ۾ ٺهيل ڪجھ پٿريلا ڍانچا هٿ آيا آهن جن مان اندازو ٿئي ٿو ته جاپان (يا ان جڳهه تي موجود ڪو قديم ملڪ) به ڪڏهن “ لي موريا ” جي گم ٿيل کنڊ جو حصو هو.اهي پٿريلا ڍانچا اصل ۾ چبوترا آهن جن کي انساني هٿن بنايو هو.انهن جي آسپاس هڪ سڙڪ جا نشان به مليا آهن جنهن جي ڪناري ان قاسم جا ئي پٿريلا ڪنگرا ۽ ڏاڪڻيون ٺهيل آهن جهڙيون اڄڪلهه جي قلعن ۾ هونديون آهن.

    “ اوڪي ناوا ” جي شهر “ناها” جي ويجھو موجود اهي عجيب غريب چبوترا دگھي عرصي کان ماهرن جي تحقيق ۽ دلچسپيء جو مرڪز بڻيل آهن.اهڙيء طرح جاپان جي نهايت ئي ڏاکڻئي ۽ ننڍڙي ٻيٽ “ يونا گوني” جي ڏکڻ ۾ پنج بي ترتيب ديوارون دريافت ٿيون آهن جيڪي ظاهر ۾ گڏجاڻين ۽ سماجي تقريبن جي لاء استعمال ٿيندڙ بالڪونيون معلوم ٿين ٿيون.2008ع تائين ان جهڙيون اٺ جڳهيون هٿ اچي چڪيون آهن.

    جاپان جا ٻه چوٽيء جا محقق “ ڪيها چيرو آرٽيڪ، جنهن سڀ کان پهرين يوناگوني سائيٽ هٿ ڪئي ۽ “ پروفيسر ماساڪي ڪيمورا” جيڪو “اوڪي ناوا يونيورسٽي” ۾ سامونڊي جيولوجسٽ آهي،1985ع۾ يوناگوني سائيٽ معلوم ٿيڻ بعد ان تي تحقيق ڪندا رهيا آهن.ڪيمورا جو خيال آهي ته اهي اڏاوتون انساني هٿن جون آهن جن جو تعلق ڪنهن نامعلوم تهذيب سان هو،يا ٿي سگھي ٿو ته اها ايشيا جي ئي ڪا تهذيب رهي هجي جنهن کي جاپاني به پنهن جي پراڻي تهذيب مڃين ٿا. ڪيمورا جو دليل آهي ته جيڪر اهي پنج ئي ديوارون قدرتي طرح جڙيل هجن ها ته انهن جي ويجھو ڀڃ ڊاه جا نشان ضرور هجن ها پر اتان هڪ پٿر به هٿ نه آيو آهي.

    انهن ڀتين جي ويجھو سڙڪ جي موجودگي ان ڳالهه طرف اشارو ڪري ٿي ته ڪڏهن اها انسان جي استعمال هيٺ رهي هوندي.البته اهو طيء آهي ته انهن ديوارن جي تعمير ۾ اعليٰ درجي جي ٽيڪنالاجي ۽ مشينري به استعمال ٿيل آهي پر ان جي نوعيت جي باري ۾ ڪو اندازو لڳائي نٿو سگھجي.

    ديوارون ڪهڙي زماني ۾ تعمير ڪيون وييون ؟ ان تي به مختلف رايا پاتا وڃن ٿا.هڪڙو خيال آهي ته اهي جايون ان وقت پاڻيء هيٺ آيون هونديون جڏهن آخري برفاني زماني جي خاتمي تي وڏين وڏين برفاني ڇپن پگھرجي سمنڊن جي سطح بلند ڪري ڇڏي يا جيئن جو پورو جاپان الا ڪڍندڙ جبلن تي بيٺل آهي.ان حوالي سان ٿيندڙ ڪنهن زميني تبديليء سبب اهي جڳهيون پاڻيء هيٺ اچي وييون هونديون.يا وري اهو به ممڪن آهي ته ڪنهن عالمي سيلاب انهن جاين کي غرق ڪري ڇڏيو هجي.

    ٽوڪيو يونيورسٽيء جي پروفيسر آف جيولاجيء جو چوڻ آهي ته اهي جڳهيون جزوي طور تي انساني هٿن سان مڪمل ٿيون جڏهن ته انهن جو باقي حصو قدرتي جڙيل آهي.هن جو خيال آهي ته اهي اڏاوتون 8000 سال قبل مسيح جون آهن جڏهن ته باقي ٻين ماهرن مطابق انهن جي اڏاوت جو زمانو 12000 سال قبل مسيح آهي.پر انهن ٻنهي دعوائن کي قبول ڪرڻ جي نتيجي ۾ ماهرن جا اهي اندازا بلڪل غلط ثابت ٿي وڃن ٿا ته جاپان يا هتي آباد ٻيو ڪو ملڪ، ليموريا جي تهذيب جو حصو هو.ڇو ته تاريخي ۽ تحقيقي شاهدين مطابق ليموريا ءُ اٽلانٽس جون تهذيبون 24000 سال قبل مسيح هن دنيا جي تختي تان مڪمل طرح مٽجي چڪيون هيون جڏهن ته اهي ديوارون انهن تهذيبن کان هزارين سال پوء تعمير ٿيون.

    آمريڪي محقق به انهن ديوارن جي عمر جو اندازو مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن تنهن هوندي به انهن موجب “يوناگوني سائيٽ”پڪ سان سماجي گڏجاڻين ۽ تقريبن جي لاء استعمال ٿيندڙ چبوترا رهيا آهن.جڏهن ته“ اوڪي ناوا سائيٽ” ڪنهن قلعي جي ديوار وانگي معلوم ٿئي ٿي.

    بهرحال ٻنهي اڏاوتن جي باري ۾ هن وقت تائين ماهرن جي آخري راء اها ئي آهي ته اهي انساني هٿن جون تعمير ٿيل آهن!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو