• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيدِ سنڌ راجا ڏاهر

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
ڇا اوهانکي خبر آھي ت اڄ ڏھين رمضان آھي اڄوڪي ڏينهن تي عرب جي بنو اميه گهراڻي جن ڪربلا ۾ رسول خدا جي آل سان تعديون ڪيون هيون انهن سنڌ تي حملو ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو حلالي فرزند مھا راجا ڏاھر ڌرتي ماء جي حفاظت ڪندي شھيد ٿي ويو هو ، 712 ع ۾ حجاج بن يوسف جي تجويز سان اهو جيڪو سنڌ مٿان حملو ڪيو ويو هو ان وقت عرب تي بنو اميه جو عبدالملڪ بن مروان حڪمران هيو ، بنو اميه وارا ان کان اڳ ب سنڌ تي 13 حملا ڪري چڪا هئا جيڪي سنڌين وقت بوقت ناڪام بنايا هئا محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ ٿيل هنن جو حملو ان ڪري ڪامياب ويو ڇو ت مڪران واري علائقي ۾ ابن قاسم وارن کي اڏا ملي ويا جتي ويهي هنن سنڌ ين جون ڪمزوريون هٿ ڪيون ۽موڪي پٽ وسائي جهڙا غدار خريد ڪيا جن هنن کي رستا ڏسيا ، اسان کي سدائين نصاب ۾ اهو پڙھايو ويو ت محمد بن قاسم عظيم ۽ راجا ڏاهر ظالم هو پر سلام هجي سن جي سيد کي جنهن سنڌ جا سورما ڪتاب لکي واضع ڪيو ت محمد بن قاسم لٽيرو هيو ۽ نبي سرڪار ص جي آل جي قاتلن جو ساٿاري هيو ۽ راجا ڏاهر سنڌ جو سورمو هو جنهن پنهنجي ٻنين ۽ ونين جي حفاظت ڪندي پنهنجو سر قربان ڪيو پر يزيدين جي ساٿي ابن قاسم آڏو سر ن جهڪايو ، هي گهوڙي تي ويڻھل خيالي تصوير سنڌ تان سر گهور ڪندڙ راجا ڏاهر جي آھي ، هي تصوير سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتاب سنڌ جا سورما جي ڇپيل پهرين جلد تي پويان بلئڪ اينڊ وائيٽ ڻھھيل هئي جنهن کي مون لاڙڪاڻي جي هڪ مصور دوست کان نئين سر ڪلرفل ڪرايوآھي ، اڄ 10 رمضان آھي ان حوالي سان اڄ راجاڏاهر جي 1303 ورسي آھي اسان کيس لک سلام پيش ڪيون ٿا ۽ ابن قاسم کي بنو اميه جو ايجنٽ سڏي واضع چئون ٿا ت سنڌ ۾ اسلام نبي سرڪار جي وقت ۾ اچي چڪو هو ابن قاسم جو حملو سنڌ جي لٽ مار لاء هيو.
 
27096150513_d82d383cfd_o.jpg

راجا ڏاهر سنڌ ملڪ لاءِ وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو.

راجا ڏاهر کي سنڌي قوم جو سلام هجي
 
Back
Top