• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آزاد نظم :اچو اسانجي مدد ڪريو- فيض گل ڇلگري

فيض گل ڇلگري

سينيئر رڪن
او مٽي ۾ لَٽيل
مُئن جي دڙي وارؤ
اُٿو اسانجي مدد ڪيو
رياستي تيرن جي ڇاؤن آ
شهيدن لاء ڪانڌي کٽي پيا هِن
او اياز! پنهنجي تند واپس کڻي آ
اُتساهي جي قحط لٿل آ
اِجهو ڄڻ اجهامِي لاٽ جي وائي
ڀٽائي اُهو تنبورو ته ڏي
اسان جا ساه چِيڙهيل هِن
اَچي پيو ”مَلِک“ ڪو سمنڊ بڻجي
ڳڙڪائڻ سنڌ ڌرتي کي
وري آء هوشو!
اُٿي پَؤ قبر جو زندان ٽوڙي
پناما جي تجوڙين ۾
اغوا هِن ڌڙه مزدورن جا
او منهنجا علڻ! اڃان نه آئين
کڻي ٿر تي وڏ ڦڙو
لانگ بوٽن جي لتاڙيل پيچرن تي
رت جي ڦوهارن سان
ڏِس ٽڙيا هن گل تولاء
تو ته چيو هو ”تڏهن ملنداسين“.
او استاد بخاري!
معصوم ڌنارن کي
ڏي پنهنجو قلم تحفو ڪري
کَٽيون هِي جهل جي جنگ
ٿين روشن درسگاهون
علم جي سوجهري سان
ڇنڊي ساز ماڪا جا
اچ وري ڳاءُ چندر!
جياري ڏي سورهيه
رشوت جي روپوشن کي
ٻَڌِي توبُن اڳيان ڪيون ڪو ڌماڪو
وري اچو سڀ اُڏريل ڪونجون
اچو ڪينجهر کي پرچايون.

اچو اسانجي مدد ڪريو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top