هڪ هاري ٽي گڏهه کپائڻ لاءِ مارڪيٽ ڪاهي پئي ويو.. رستي ۾ هڪ شاخ پئي گذري.. هاري کي گرميءَ به ڪافي ستايو پئي سوچيائين ڇونه هن وهندڙ ٿڌي پاڻي مان ٽٻي هڻي گرمي گهٽ ڪري اڳتي نڪرجي.. پر گڏهن کي ٻڌڻ لاءِ هن وٽ رڳو ٻه رسا هئا.. هن ڀرسان ئي هڪ بزرگ ڏٺو .. هاري بزرگ کان مدد لاءِ رسو گهريو.. بزرگ وٽ رسو ته ڪونه هو.. پر هن کيس صلاحيو ته ”ٻن گڏهن کي ٽئي گڏهه جي سامهون وڻ سان ٻڌ.. جڏهن ته ٽئين کي ٻڌڻ جو رڳو ڊرامو ڪر“.. هاري ائين ئي ڪيو واپسي تي هاري بزرگ جو شڪريو ادا ڪيو جو ٽئي گڏهه ساڳي جڳهه تي ئي بيٺل مليا.. هاري ٻن گڏهن کي وڻن مان ڇوڙيو ۽ ٽئين کي اڳتي وڌڻ لاءِ هڪليو.. پر ٽيون گڏهه اڳتي نه چريو.. هاري ٽئين گڏهه کي ٻڄڪار به ڏني، هڪل به ڪئي پر ٽيون گڏهه اڳتي نه وڌيو.. تڏهن هاري ٻيهر بزرگ ڏانهن ويو جنهن کيس چيو ته ”ٽئين گڏهه کي به ڇوڙ“ ”پر“ هاري وراڻيو.. ”مون ٽئين گڏهه کي ٻڌو ئي ڪڏهن هيو؟“ بزرگ چيو..”اهو ته تون ٿو ڄاڻي .. تنهنجو گڏهه نه ٿو ڄاڻي..“ هاري واپس وريو ۽ ٽئين گڏهه کي ڇوڙڻ جو ڊرامو ڪيو.. جنهن کان پوءِ هڪلڻ سان ٽيون گڏهه به باقي ٻن ڏانهن وڌڻ لڳو.. سبق: اسان به اهڙن ڪيترن ئي رسن سان ٻڌل آهيون جيڪي دراصل موجود ئي ناهن.. اهي ته رڳو اسان جي ذهني سوچ سان ٻڌل آهن.. حقيقت ته اها آهي ته زندگي ۾ ڪي حد بنديون ناهن.. بس اسانکي پنهنجي محدود سوچي کي وسعت ڏيڻ گهرجي..