روح در در رلي رهيو آهي، سج اڀري لهي رهيو آهي“ رات چادر وجهي ستي پئي آ،چنڊ سئِ ۾ ڏڪي رهيو آهي“ باه ٻاري متان وجهي ساڙي،درد دل ۾ دکي رهيو آهي“ رات جي آخري پهر تائين،شعر شاعر لکي رهيو آهي“ شاعري فياض منصور
جواب: منهنجي شاعري پيارا شاعر ڀا فياض منصور سڀ کان پهرين ته توهان جو لکين ڀلايون جو هن محبتي اڱڻ تي قرب جا قد ڀر ي آيا اسان سنڌ سلامت جاسمورا ساٿي توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔ توهان شاعر آهيو پر مان وري ٽي درجي وارو شاعر آهيان اميد ته خوب گُذرندي جب مل بيٺينگي ديواني دو اها ته خبر پئجي وئي ته توهان به شاعر آهيو، پر توهان جي باري ۾ خبر پئجي نه سگهي ته ڪهڙي شهر سان تعلق رکو ٿا، تعليم ڪيتري اٿوَ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو ڏس پتو ڪٿان مليو توهان کي۔ اميد ته توهان پنهنجي نئين شاعري سنڌ سلامت جي شاعري واري سيڪشن ۾ ونڊ ڪندا ۽ تعارف واري هن شعبي ۾ پنهنجو مڪمل تعارف ڪرائيندا۔ شال سدائين جُڙيا هجو۔
جواب: منهنجي شاعري ادا تونهان جي وڏي مهرباني، مان سيتاروڊ شهر ۾ رهندو آهيان،جيڪو دادو ضلع ۾ آهي،تعليم انٽر آهي شاعري ۾ استاد منهجو والد محترم آهي جيڪو هينئر سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو۔
جواب: منهنجي شاعري پنهجي تن تي رات اوڍي چادري آ، تون ن آئين زندگي ڀي عارضي آ۔ ساه جيڪو ڀي کنيو ٿي دوستو مون، ايئن ٿي محسوس ٿيو ڄڻ آخري آ۔ لفظ رولو پيا رلن ڪاظذ جي رڻ ۾، توسوا اهڙي مونکان ٿي شاعري آ۔ جان دردن کان ڇڏايان مان ڀلا ڪيئن؟ سوچ ان ۾ گم هتي هر آدمي آ
جواب: منهنجي شاعري حياتي جيان حياتي ڀر نڀايو هان،ڏئي هٿ ن هٿن مان ايئن ڇڏايو هان؟ن هئي جي روشني محفل ۾ ڇا ٿي پيو؟ ڪري دل کي ڏيو ٿورو جلايو هان۔ن هي حال ٿئي هان سنڌ جو جيڪر،وکن سان گڏ وکون اڳتي وڌايو هان۔ اٿي اڌ رات جو سپني مان جاڳي پو،مونکي ايڏو ن ساريو هان،ڀلايو هان۔ڪٿان ديدار تنهجو هان ڪرڻ آيو؟چوئي ٿو چنڊ اڱڻ تي آءُ آيو هان۔ فياض منصور