تنوير عباسي پيارو پيارو اهو پَلُ ويو لکجي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    ڊاڪٽر تنوير عباسي

    پيارو پيارو اهو پَلُ ويو لکجي
    تو نهاريو ته غَزلُ ويو لکجي

    تنهنجي پوشاڪ جيان ئي سُرهو
    جملو ڪو رنگ رَتَلُ ويو لکجي

    ڍنڍ جي منهن تي سندءِ جيان
    آهي ڪو نيل ڪَمَلُ ويو لکجي

    رات جي اک ۾ ڪاتب کان
    ڪارو ڪارو آ ڪَجَلُ ويو لکجي

    ڪيئن تقدير لکڻ واري کان
    عشق سان لفظ اَجَلُ ويو لکجي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو