فرعونِ مصر

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهيم فدا شورو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2016۔

  1. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    فرعونِ مصر

    فهيم فدا شورو

    فرعون لفظ جي معنيٰ آهي “سورج ديوتا جو اولاد”. قديم ترين مصري باشندا سج کي پنهنجي ڌرمي ٻولي ۾ “رَع” جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ گڏوگڏ سج جي پوڄا پاٺ پڻ ڪندا هئا. مصري مصر جي بادشاهه کي انهي سورج ديوتا جو جسماني مظهر ۽ زميني نمائندو مڃيندا هئا. ان ڪري جيڪو به خاندان مصر ۾ برسر اقتدار ٿي تخت نشين ٿيندو هو، ان کي “فرعون” جي لقب سان سڏيو ويندو هو ۽ وقت جو فرعون مصر جي باشندن کي اهو يقين ڏياريندو هو ته “آئون ئي اوهان جو رب عظيم يا مها ديو آهيان.” قرآن مجيد ۾ انهي يقين دهاني لاءِ آية ڪريمة آهي “فَقَالَ اَنَا رَبُّڪُمُ الاَعليٰ.” يعني آئون اوهان جو وڏو پالڻهار آهيان. حضرت موسيٰ عليه السلام جي دؤر ۾ مصر تي “قبطي” نالي نهايت ئي هڪ سرڪش خاندان حڪومت ڪندو هو. تاريخ ۾ هن خاندان جا به سمورا بادشاهه يڪي بعد ديگري “فرعون” سڏيا وڃن ٿا.
    حضرت موسيٰ عليه السلام الله جو نبي ۽ رسول هجڻ کان علاوه پنهنجي قوم “سبطي” يعني بني اسرائيل جو سردار پڻ هو. پاڻ جن قبطي خاندان جي فرعونن سان مهاڏو اٽڪايائين، انهن جوتعداد ٻه آهي. پهريون اهو فرعون جنهن جي گهر ۾ حڪمت الاهي سان سندس پالنا ۽ پرورش ٿي ان جو نالو رعمسيس ثاني هو. سندس دور حڪومت 1235 قبل مسيح کان 1292 قبل مسيح تائين رهيو. توريت جي روايت موجب مصر مان نڪرڻ کان پهرين جيڪو مصر جو بادشاهه مري ويو اهو فرعون رعمسيس ثاني هو.
    ٻيو اهو فرعون جيڪو حضرت موسيٰ عليه السلام جو منڪر ٿيو ۽ ٻُڏي مئو اهو رعمسيس ثاني جو پٽ “منفتاح” جي نالي سان هو. رعمسيس ثاني جو ڪل اولاد 150 جي لڳ ڀڳ هو. منفتاح انهن مان تيرهون نمبر پٽ هو، جنهن کي پيءُ پنهنجي حياتي ۾ ئي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ ۾ شريڪ ڪار بڻايو هو. منفتاح وچولي قد جو تقريبن ساڍا ڇهه فٽ ڊگهو هو. ڊگهي قد ڏيکارڻ خاطر کُڙي وارو جوتو استعمال ڪندو هو. سندس مٿي ۽ ڏاڙهي جو هر وار قيمتي موتين سان جڙيل هوندو هو.
    ملڪن جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان پروڙ پوي ٿي ته هر ملڪ جي واڳ ڌڻي جو هڪ خاص لقب هوندو هو، جيئن ايران جو شهنشاهه ڪسريٰ ۽ ڪَي جي لقب سان سڃاتو ويندو هو. روم جي شهنشاهه کي قيصر سڏيو ويندو هو، اسان جي سونهاري سنڌ جي سمن حاڪمن جو لقب “ڄام” هوندو هو. بلڪل اهڙي ريت قديم مصر جي بادشاهن جو لقب “فرعون” هو. اڄ به صدارتي نظام جي واڳ ڌڻي لاءِ “صدر” جو خطاب مختص آهي.

    * قبطي فرعونن جي گاديءَ جو هنڌ
    مصر تي حڪمراني ڪندڙ قبطي فرعونن جي گادي جو هنڌ طيبه يا ثيبه رهيو، جنهن کي انگريزي ۾ Thebes چئجي ٿو. طيبه جو موجوده نالو الاُقصر Luxor آهي. هي مصر جي “قِنا” نالي صوبي ۾ نيل ندي جي اڀرندئين ڪناري تي واقع آهي. طيبه موجوده گادي واري هنڌ قاهره کان پوڻا ست سئو ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع آهي. هي شهر مصر جي يارهين فرعون (بادشاهه) جي دور ۾ آباد ٿيو. اڳتي هلي ارڙهين فرعون توتن خامن طيبه کي گادي جو هنڌ بڻايو. 1198 ق.م کان 1314 ق. م تائين هي شهر گادي جو هنڌ رهيو. رعمسيس ثاني پڻ طيبه کي پنهنجي گادي جو هنڌ برقرار رکيو. رعمسيس ثاني طيبه کان علاوه ٻين شهرن نوبيه ۽ ڪرنڪ ۾ پڻ بادشاهي محل ۽ محلاتون تعمير ڪرايون.

    * فرعون منفتاح جو غرق ٿيڻ
    حضرت موسيٰ عليه السلام فرعون منفتاح جي درٻار ۾ پهچي کيس توحيد جي دعوت ڏنائين جنهن کان فرعون انڪار ڪيو ۽ پنهنجي رب اعليٰ ۽ مها ديو جو نعرو هڻي حضرت موسي ٰ عليه السلام جي توحيد جي دعوت کي ٺُڪرائي ڇڏيائين. ان کان علاوه فرعون منفتاح بني اسرائيل قوم جي آزادي تي پڻ راضي نه ٿيو. درٻار ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام قدرت جي طرفان مليل معجزا پيش ڪيا جن کان فرعون جا جادوگر لاجواب ٿي ايمان آڻي حضرت موسيٰ عليه السلام جا پيروڪار بڻجي پيا، پر فرعون پنهنجي غرور ۽ هوڏ تي اٽل رهيو. آخرڪار حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي قوم بني اسرائيل کي طيبه Thebes گادي جي هنڌ مان وٺي، مصر ڇڏي نڪتو. اڳتي هلي پوري بني اسرائيل قوم حضرت موسيٰ عليه السلام سان جڙندي وئي ۽ مُره جي دريائي پٽي جي قريب پهچي ويا. بني اسرائيل قوم جڏهن مذڪوره دريا جي ڪناري تي پهتي، عين انهي وقت فرعون ۽ ان جو لشڪر به کين اچي پهتو. قريب هو جو فرعون کين گرفتار ڪري، حضرت موسيٰ عليه السلام الله جي حڪم سان دريا جي مٿاڇري تي پنهنجي لٺ هنئي جنهن سان پاڻي ديوارون بنجي بيهي ويو ۽ منجهانئس هڪ ڪشادو رستو ظاهر ٿي پيو. بني اسرائيل قوم انهي رستي مان هلندي اُڪري وئي. فرعون پنهنجي لشڪر سميت دريا جي اورئين ڪناري ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي قوم سميت دريا جي پرئين ڪناري . فرعون منفتاح جيستائين پنهنجي لشڪر سميت دريا جي ڪناري تي بيٺل هو ، تيستائين دريا جي وچ ۾ ٺهيل قدرتي رستو ائين جو ائين موجود هو جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام جي معجزي سان پاڻي ديوارون بنجي بيهي ويو هو ۽ وچان ڪشادو رستو بنجي پيو هو. فرعون منفتاح سمجهي ورتو ته هي رستو منهنجي لاءِ نه بلڪه موسيٰ ۽ ان جي قوم جي لاءِ قدرت طرفان ظاهر ٿيو آهي. ان ڪري فرعون ان منجهان گذرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. پر فرعون جي وزيرن، مشيرن ۽ امير امرائن کيس چيو ته سائين دريا مها ديو (رب اعليٰ) فرعون کي رستو ڏنو آهي ته جيئن پاڻ آساني سان پنهنجي لشڪر سميت اُڪري پار ٿئي. دلي طرح ته فرعون انهي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو پر پنهنجي امير امرائن، وزيرن ۽ مشيرن جي چوڻ تي دريا ۾ لهي پيو. جڏهن سندس پورو لشڪر دريا ۾ لهي چڪو هو، عين انهي وقت خدا پاڪ پاڻي کي پاڻي سان ملائي ڇڏيو جيڪو ديوارون بنجي بيٺل هو. اهڙي ريت فرعون پنهنجي پوري لشڪر سميت ٻُڏي مئو. فرعون منفتاح جي لشڪر سميت ٻُڏي مرڻ وارو واقعو غالبن 1824 قبل مسيح سمجهڻ گهرجي.

    * بحيرات مُره (مُره جي ندين جو سلسلو)
    مُره جي دريائي سلسلي جو پاڻي سمنڊ جي پاڻي وانگر ڪڙو ۽ نمڪين آهي. ڪڙي پاڻي جون هي نديون ڪنهن زماني ۾ بحيره قُلزم يعني خليج سوئيز سان لاڳاپيل هيون. بعد ۾ جاگرافيائي تبديلين جي ڪري هي دريائي سلسلو بحيره قلزم کان ٽُٽي ويو. 1869ع ۾ جڏهن سوئيز نهر جو افتتاح پئي ٿيو ته ان وقت مُره جو هي دريائي سلسلو هڪ دفعو ٻيهر بحيره قلزم سان ملي ويو.

    * جبل فرعون
    صحراءِ سينا جي الهندئين ڪناري تي واقع هن جاءِ بابت مصر جي مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جبل فرعون اها جاءِ آهي جتي فرعون جي لاش کي پاڻي اڇليو هو. يعني فرعون تي خدا پاڪ ايترو ته ڏمريو هو جو سندس مرده لاش کي به پاڻي جاءِ نه ڏني. نه صرف ايترو پر زمين به فرعون منفتاح کي جاءِ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. آخرڪار مصري قانون موجب 1370 ق.م جي فرعونن کان وٺي 1400 ق.م جي فرعونن واري مقبري ۾ سندس لاش کي مختلف ڪيميڪل لڳائي، لاش جي مَمي بنائي کيس شيشي ۾ رکيو ويو. البته فرعون جي لاش جي نڪ جو اڳيون حصو موجود نه آهي. هڪ روايت مطابق ٻُڏڻ مهل ڪنهن سامونڊي جانور يا مڇي کاڌو هو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اسان وٽ فرعون لقب ڪنهن کي گهٽ وڌ چوڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اوهان جي تحرير معلوماتي لڳي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين ۽ معلوماتي لکڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    مهربانيون سڀني سڄڻن جون جن پسند ڪيو ۽ جواب لکي همت افزائي ڏياري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو