• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عبد الغفار تبسم تُنهنجي شَهر جي ڳَلِيُن ۾ پَنهنجي زِندگي ٿو ڳولهيان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

عبد الغفار تبسم

تُنهنجي شَهر جي ڳَلِيُن ۾ پَنهنجي زِندگي ٿو ڳولهيان
تُنهنجي عِشق جي قِصَن ۾ پَنهنجي عاشِقي ٿو ڳولهيان

جا عُمر لَئِه اَرِپبي هُئي جنهن ۾ جانِ آڇبي هُئي
جا نهَ جوڙي ٽوڙِبي هُئي سا مَان دوستي ٿو ڳولهيان

سَچَ سُونهن وَفا جي پِيڇَن پاڳل ڪري پَڇَاڙيو
سوچُن جي مان دَڳنِ تي دِيوانگي ٿو ڳولهيان

سي جُنون جي دورَ وارا آدابَ جَا زَمانا
اڄُ ڀي اُنهن ڏِينهنَ جي آوارگِي ٿو ڳولهيان

آئِيني کي چيُم آئِينا ”تبسم“ ۾ ڇا ٿو جَانِچين
چَيائِين وَهِيءَ جي پوڙها تو ۾ تازِگي ٿو ڳو لهيان​
 
Back
Top