پنجاب سامراج جي باري ۾ عطاءُ الله شاه بخاري جي شاعري

فهيم فدا شورو

سينيئر رڪن
پنجاب سامراج جي باري ۾
امير شريعت سيد عطاءُ الله شاهه بخاري جي شاعري

ترجمو: فهيم فدا شورو

حواله ؛ بيس بڙي مسلمان، صفحه 881
مرتب: عبدالرشيد ارشد، ڇاپو: ڇهون مئي 1988ع

ندیدم کشورے مردود و مرتاب
بہ شومی ہائے کفر آباد پنجاب

ترجمو: نڀاڳ ۾ پنجاب جي “ڪُفرآباد” سرزمين جهڙو ڪوبه تڙيل ۽ شڪي وهم جو شڪار ملڪ نه ڏٺم.

چہ ملکے ننگ و عار ہفت کشور
ز شرق و غرب بادش خاک بر سر

ترجمو: (هي) اهڙو ملڪ آهي جيڪو ستن کنڊن لاءِ شرمساري ۽ لڄ برابر آهي، اوڀر کان وٺي اولهه تائين مٿس شل ڌُوڙ وسندي رهي شال.

خمیر طینتش مردم کشی ہا
ز قتلِ مسلمش باشد خوشی ہا

ترجمو: هن ملڪ جي مزاج جو خمير انسانيت جي ڪوس سان ڀريو پيو آهي، مسلمانن جي قتلام ۽ خونريزي تي هن ملڪ کي خوشي ۽ فرحت ملي ٿي.

چہ پیرانش مُریدانِ فرنگی
لقب کافور و ذاتِ پاک زنگی

ترجمو: پنجاب جي پِيرن جو ڇاٿو پڇين؟ اهي ته انگريز ڌارئي جا مُريد آهن. سندن لقب ته سفيد ڪافور پٿر آهن پر سندن ڪڙم قبيلو شيدي (وانگر) ڪارو (ڦُلهيار) آهي.

ز نواب و رئیسانش چہ پُرسی
سگ و سگ زادگان کرسی بکرسی

ترجمو: هن ملڪ جي رئيسن ۽ نوابن جي باري ۾ ڇاٿو پڇين؟ ڪرسي بَ ڪرسي ڪُتا ڪُتي جا پُٽ آهن.

چناں فرزند ناہموار زاید
کہ از خر قیمتش بر تر نیاید

ترجمو: هي ملڪ اهڙو ته ڦِڏو ڦر ٿو ڄڻي جو ان جي گڏهه کان وڌيڪ ڪا قيمت ۽ ملهه نه آهي.

چکد از لالہ اش خون مسلمان
ازو نالاں حجاز و مصر و ایران

ترجمو: هن ملڪ جي ڳلن مان مسلمانن جو ناحق خون ٽِمي ٿو، هن ملڪ کان حجاز، مصر ۽ ايران جهڙا ملڪ ڪُوڪون، آهون ۽ دانهون ويٺا ڪن.

جوان نش غُلامانِ فرنگی
پناہِ شاں بدامانِ فرنگی

ترجمو: انهي ملڪ جا جوان انگريز ڌارين جا غُلام ۽ انگريزن جي جهولي ۾ پناهه وٺندڙ آهن.

چہ پنجاب آن فرنگی را معسکر
مسکرہا غُلام احمد پیمبر

ترجمو: ڪهڙو پنجاب؟؟؟ اهو پنجاب جيڪو انگريز ڌارئي جي ڇانوڻي بڻيل آهي ۽ انهي ڇانوڻي جو (ڪوڙو) پيغمبر ۽ نبي غلام احمد قادياني آهي.

ضلالت را پیمبر ہست پنجاب
فرنگی را معسکر ہست پنجاب

ترجمو: گمراهي جو پيمبر (پيغام ڏيندڙ) پنجاب آهي، انگريزن جي ڇانوڻي پنجاب آهي.

فضائش کفر و ریز و کٖفر بیز است
بہ آئینِ الٰہی در ستیز است

ترجمو: هن ملڪ جون هوائون ۽ فضائون ڪفر جو ٻج ڇٽيندڙ ۽ ڪفر پيدا ڪندڙ آهن، جيڪي الله جي قانون ۾ هميشه هٿ چُراند ڪندڙ (جهيڙو ڪندڙ) رهيون آهن.

زمینِ فتنہ زائے فتنہ خزے
کہ شیطان پیش پائش سجدہ ریزے

ترجمو: اهڙي سرزمين جيڪا فتنا ڄڻي ۽ پيدا ڪري، جو خود شيطان هن ملڪ کي (خراجِ تحسين پيش ڪري) نِمي، جُهڪي سجدا پيو ڪري.
 
Back
Top