شيطان ۽ جهيڙو ”شيطان“ کان پڇيو ويو ته دنيا ۾ تون ”جهيڙو“ ڪيئن ڪرائيندو آهين؟ ”شيطان“ ورندي ڏيندي چيو ته آئون محض اشارو ڪندو آهيان، جهيڙو خود بخود ٿي ويندو آهي. پڇندڙ کي شيطان چيو ته هاڻي ڏِس ته منهنجي اشاري تي ڪيئن ٿو جهيڙو ٿئي. شيطان ڳُڙ کي ڀِت سان چنبڙائي ڇڏيو. ٿوري دير ۾ ڳُڙ تي ”مکيون“ اچڻ لڳيون. مکين جي مٿان ”سانڊين ۽ سانڊن جا ڪَٽَڪ“ پهچي ويا. ويرم ئي نه گُذري سانڊن ۽ سانڊين جي مٿان ”نوريئڙا“ نروار ٿي بيهي رهيا. نوريئڙن تي ”ٻِلا ۽ ٻِليون“ ٻهڪندي پهچي ويون. ٻِلن ۽ ٻِلين جي شڪار لاء ”ڪُتا“ ڪَٺا ٿي ويا. ڪُتن جي مٿان ڪنهن آدمزاد لٺين جو وسڪارو شروع ڪيو ته ڪُتن جي مالڪن ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو. .……ڪي زخمي ٿيا. .…… ڪن جو مٿو ڦاٽو. .…… ڪنهن جو ڪنڌ ٽُٽو. .…… ڪو لُولو ٿيو. .…… ڪو لنگڙو ٿيو. ……. ڪو ٻانهن کان کريو. ……. ڪنهن جي ٽنگ ٽُٽي. ……. ڪو ٿاڻي حوالي. ……. ڪو گهاڻي حوالي. شيطان اهو جو اهو، ماڻهن جي وچ ۾ پيدا ٿيل جهيڙي کي تماشبين ٿي ڏسڻ لڳو.
ادا..! ڳالھ تہ مڙئي مزي واري ۽ سبق آموز حقيقتن تي ٻڌل آھي . پر سائين ماخوذ لکڻ ضروري هو . (يعني تہ اوهان هي خيال ڪٿان ورتا آهن)
ڀاءُ در اصل ڪنهن سگهڙ کان اهو قصو ٻُڌم جنهن کي پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪيو اٿم. ڪنهن ڪتاب وغيره ۾ پڙهڻ جو اتفاق نه ٿيو آهي. ٿي سگهي ٿو ڪنهن ٻي هنڌ مڪتوبي ويس ۾ اهو قصو آيل هجي، والله اعلم
ها ادا ! هي ڪرشن چندر جي هڪڙي ناول جو خلاصو آ “ مون ڪافي اڳ پڙهيو هو ...پوري طرح ياد تہ ناهي پر ڪجھ نقش ذهن ۾ محفوظ آهن .بهر حال تمام بهترين خيال آهن ۽ وقتائتا پڻ .