هاڻ توهان فيسبوڪ ذريعي ايس.ايم.ايس به ڪري سگهو ٿا.

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2016۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    [​IMG]
    ميسيجنگ ايپليڪيشنز جي هوندي اسان روايتي ايس.ايم.ايس کي تقريبن وساري ويٺا آهيون. جڏهن سڀ دوست فيسبوڪ تي آنلائن هجن ٿا ته ظاهر آ انهن سان فيسبوڪ تي ئي رابطو رکنداسين :)

    صارفين جي اِن دلچسپي کي محسوس ڪندي فيسبوڪ پنهنجي ميسينجر ۾ ايس.ايم.ايس جِي سپورٽ ٻيهر پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. يعني هاڻ توهان فيسبوڪ ميسينجر ذريعي به عام ايس.ايم.ايس ڪري سگهندا.
    هِن کان اڳ 2013 ۾ به فيسبوڪ اها سهولت پيش ڪري چڪو آهي پر صارفن جي عدم دلچسپي جي ڪري هِن فيچر کي بعد ۾ ختم ڪيو ويو هو.
    هن فيچر سان توهان سادن ايس.ايم.ايسز جي جا تي ميسيجنگ ايپليڪيشن وانگيان دلچسپ اموجيز سان دوستن سان ڪچهري جو ڀرپور مزو وٺي سگهو ٿا. ان کان علاوه تصويرون به ايس.ايم.ايس ڪري سگهو ٿا.
    في الحال هي سهولت صرف ائنڊرائيڊ استعمال ڪندڙن لا فراهم ڪئي پئي وڃي

    ايس.ايم.ايس ۽ ميسينجر جي ڳالهين کي پاڻ ۾ ملڻ کان بچائڻ لا رنگن کي استعمال ڪيو ويو آهي. ايس.ايم.ايس جا پيغام واڱڻائي رنگ جي آئڪان سان جڏهن ته ميسينجر جا پنهنجا ميسيج سُرمئي رنگ ۾ نظر ايندا. ان کان علاوه هڪ ئي فرد جا ايس.ايم.ايس ۽ ميسينجر تي ٿيندڙ گفتگو کي به الڳ الڳ ٿريڊز ۾ رکي سگهبو تاڪه توهان کي اندازو ٿي وڃي ته ايس.ايم.ايس تي ڳالهه ٻولهه پئي ٿئي يا ميسينجر تي.
    پرائيويسي جي حوالي سان فيسبوڪ ان ڳالهه جي ضمانت ڏني آهي ته توهان جو ڪوبه ايس.ايم.ايس فيسبوڪ جي سرور تي محفوظ نه ڪيو ويندو بلڪه توهان جي فون مان اهي پيغام وصول ٿيندڙ جي فون ۾ منتقل ڪيا ويندا.
    هي فيچر پنهنجي فون تي به باآساني فعال ڪري سگهو ٿا. ان لا ميسينجر کولي اُن جي ساڄي پاسي مٿئين حصي ۾ پروفائل جي آئڪان تي ڪلڪ ڪريو.
    پروفائل ۾ نوٽيفڪيشنز اينڊ سائونڊز جي هيٺيان ايس.ايم.ايس جو آپشن موجود هوندو
    جيڪڏهن توهان وٽ هِي آپشن نظر نٿو اچي ته گوگل پلي اسٽور مان ميسينجر کي اپڊيٽ ڪريو. جيڪڏهن ايپليڪيشن پهرين کان اپڊيٽڊ آهي ته اِن جي ايندڙ اپڊيٽ جو انتظار ڪريو هي فيچر جلد سڀني ائنڊرائيڊ صارفن کي مهيا ڪيو ويندو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    پر يار ايس ايم ايس کي فيسبوڪ مسنجر کان الڳ ئي رکجي ته بهتر آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    بهترين
    شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو