فيض گل ڇلگري
سينيئر رڪن
اچ ڪو نئون گلشن جوڙيون
ڪيون تخت باد صبا جِي بُلبُل حوالي
جيڪا رڻ ۾ ڀٽڪي پئي وَيساه لاء
اچ اڀري پَئون سج بڻجي
ڏور اُفق جي منزل ڏانهن
نڪري پئون آبشار بڻجي
گمنام اُونهايون پار ڪري
ڪو نئون ماڳ ڳولهيون
اچ ستارن جي پويان پرڀات تي
ڪو نئون ديس سنواريون
اچ موت جو ڏهڪاء ٽوڙي
موت ڇا آهي؟
موت ته نئين زندگي جو نالو آ
قبرن تي چِٽيل ڪُتبا
جسم جي زوال جي گواهي آهن
جيڪڏهن تو وٽ قوم لاء ڪو مثال آهي
ته پوء تنهنجي زندگي لازوال آهي.
”فيض گل ڇلگري“
ڪيون تخت باد صبا جِي بُلبُل حوالي
جيڪا رڻ ۾ ڀٽڪي پئي وَيساه لاء
اچ اڀري پَئون سج بڻجي
ڏور اُفق جي منزل ڏانهن
نڪري پئون آبشار بڻجي
گمنام اُونهايون پار ڪري
ڪو نئون ماڳ ڳولهيون
اچ ستارن جي پويان پرڀات تي
ڪو نئون ديس سنواريون
اچ موت جو ڏهڪاء ٽوڙي
موت ڇا آهي؟
موت ته نئين زندگي جو نالو آ
قبرن تي چِٽيل ڪُتبا
جسم جي زوال جي گواهي آهن
جيڪڏهن تو وٽ قوم لاء ڪو مثال آهي
ته پوء تنهنجي زندگي لازوال آهي.
”فيض گل ڇلگري“