اَليَومَ يَومُ المَرحَمَة - فهيم فدا شورو / مسڻ وڏي ... ... ... سندس هٿ ۾ پرچمِ پيمبر صلي الله عليه وآله وسلم آهي. خوشيءَ وچان جهنڊي کي جهولائيندو پنهنجي جنم ڀوميءَ مڪي شريف جي گهٽين ۽ گلين ۾ لهرائيندو وڏي واڪي “الله اڪبر الله اڪبر” جون صدائون بلند ڪندو جهومي رهيو آهي. مڪي شريف جي ڌرتي تي قريشن طرفان ٿيندڙ ڪلورن کي ساريندي، آهسته آهسته سندس طبيعت ۾ شوخي، اکين ۾ آلاڻ، جسم ۾ بيچيني، چهري تي ڳاڙهاڻ سندس جذبات تي اُڀري رهيا آهن. اڄ سندس سامهون اها ئي ڌرتي هئي جتي اڄ کان پهرين کين طرحين طرحين جون اذيتون ۽ ايذاءَ ڏنا ويا هئا... کين ٽانڊن تي ٽهڪايو ويندو هو. ... کين تتل ڪاڙهي دوران گرم گرم پٿرن تي سمهاري، سندن سيني تي وڏا وزني پٿر رکيا ويندا هئا... هو ڇو نه ساري انهن ڏينهن کي جن ڏينهن قريش ڪافرن سندن زبانن تان “احد احد” جي آواز کي دٻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئي. کين ماءُ پيءُ، ٻچن ٻارن کان وڌيڪ عزيز ۽ پياري رسول صلي الله عليه وسلم جي مٿان، هن ئي ڌرتي جي رهواسين اوجهريون اڇلايون هيون... رستي تي ڪنڊا رکي رڪاوٽون وجهيون... شاعر ۽ ساحر چئي رسول خدا صه جي شان ۾ گستاخي ڪئي وئي ... هن ئي ڌرتي جي پٿر دل رهواسين اَٺَ سال اڳ پاڪ پيغمبر صه کي جان نثار اصحابين سميت پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ... سندن ڇڏيل مال ملڪيت، ڌن دولت تي راتاها هنيا ... سندن ڇڏيل جائيدادن تي غاصبانه طور قابض بنيا ... جن درندن رسول خدا جي چاچي ۽ ٿڃ شريڪ ڀاءُ حضرت امير حمزه کي بيدردي سان شهيد ڪري، سندس ڪن نڪ چپ وڍي، سينو چيري، دل چٻاڙي ڳيهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي ... جن حبشه جي طرف هجرت ڪندڙن کي محض ان ڳالهه جي ڪري واپس موٽايو هو ته جئين هي مسلمان اڃان به ڪئين صدين تائين سندن غلاميءَ ۾ جڪڙيل ئي رهن ... اهي سڀ ڏينهن ساري سندس لڱ ڪانڍارجي وڃن ٿا ۽ سندس زبان “الله اڪبر الله اڪبر” جي صدائن بجاءِ ، وڏي جوش و جذبي سان هڪ نئين نعري سان گونجڻ لڳي ٿي ته ؛ “ اَلْیَوْمَ یَوْمُ الْمَلْحَمَةٌ”۔ يعني! اي قريشؤ! خبردار ٿيو! ياد ڪريو اهي ڏينهن، جڏهن اوهان اسان کي تڪليفون ۽ ايذاءَ ڏيندي نه ڍاپندا هئا. قسمين قسمين ڪلور ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڪڍندا هئا. اڄ اسان اوهان کان انهن سڀني تڪليفن، اهنج ايذائن جو پائي پائي جو حساب وٺنداسون. اڄوڪو ڏينهن ڪُهه – ڪُهان جو ڏينهن آهي. سندس زبان مان اهو نعرو ٻُڌڻ شرط مڪي جي ناليرن سردارن ۽ اڳواڻن جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون. مٿن خوف و حراس جو عالم طاري ٿي وڃي ٿو. ڊپ جي ڪري جسم ڏڪڻ لڳي ٿو. پنهنجي زندگي جي هن اڀاڳي ڏينهن تي سندن نيڻن مان نِير وهي نڪرن ٿا. اڄ کين يقين ٿي ويو آهي ته عنقريب مٿن ڪا قيامت برپا ٿيڻ واري آهي. انهي ڪشمڪش دوران قريشن جو اهو سردار ابو سفيان مسلمانن جي اندوهناڪ لشڪر ۾ آقاءِ نامدار سيد الابرار حضرت محمد مصطفيٰ کي ڳولڻ لڳي ٿو، جيڪو هن کان پهرين چند گهڙيون اڳ حضرت عباس رضي الله تعاليٰ عنه جي امان ۾ هوندي مسلمانن جي لشڪر جي هشمت، رعب ۽ دٻدٻي جو تاب نه سهندي اسلام قبول ڪري چڪو هو. ابو سفيان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن کي ڳوليندي ڳوليندي کيس پرچم نبوي جي ڇانوَ ۾ پنهنجي نوراني لشڪر سان گڏ، پيغمبرانه جاهه و جلال سان نمودار ٿيندي ڏسي ٿو. گهٻرائٽ جي عالم ۾ نبي پاڪ صه وٽ پهچي ٿو ۽ هڪدم بارگاهه رسالت ۾ عرض ڪري ٿو ته ، اي الله جا رسول صه! ڇا اوهان کي اها ڄاڻ آهي ته اوهان جو اصحابي حضرت سعد بن عباده رضي الله تعاليٰ عنه ڇا چئي رهيو آهي؟ پاڻ سڳورن صه ارشاد فرمايو ته “هُن ڇا چيو آهي؟” ابوسفيان ورندي ڏيندي چيو ته، هن چيو آهي ته “اڄ ڪُهه – ڪُهان جو ڏينهن آهي.” اهو ٻُڌي پاڻ سڳورن صه فرمايو ته، “سعد بن عباده اهو غلط چيو آهي. اڄ ته ڪعبي جي عظمت ۽ لباس پهرائڻ جو ڏينهن آهي، ” اهو چئي پاڪ پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن حضرت سعد بن عباده رضه کان پرچم نبوي واپس وٺي، سندس فرزند حضرت قيس بن سعد رضي الله عنه جي هٿ ۾ ڏنو ۽ فرمايائون ته هي نعرو هڻ ؛ “ اَلْیَوْمَ یَوْمُ الْمَرْحَمَةٌ”۔ يعني اڄو ڪو ڏينهن ڪُهه – ڪُهان جو ڏينهن نه بلڪه ٻاجهه ۽ رحمت، ڪهل ۽ ڪِياس جو ڏينهن آهي. سيد الانبياءَ صلي الله عليه وسلم جي ٻاجهه ۽ رحمت جو اهو هڪ اهڙو عاليشان مثال آهي جنهن جو دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن صه اعلان ڪيو ته، - جيڪو شخص پنهنجي گهر جو دروازو بند ڪري ويهندو. ان لاءِ امان آهي. - جيڪوشخص ڪعبت الله شريف ۾ داخل ٿيندو ان لاءِ امان آهي. - جيڪو شخص ابوسفيان جي گهر ۾ داخل ٿيندو ان لاءِ امان آهي. - جيڪو شخص هٿيار ڦٽا ڪندو ان لاءِ امان آهي. تاجدار دو عالم صلي الله عليه وسلم جي زبان مبارڪ مان پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيندڙ لاءِ امان جو اعلان ٻُڌي حضرت ابوسفيان خوشي مان ٻهڪي اٿي ٿو ۽ مڪي جي ماڻهن ڏانهن ڊوڙي کين چوي ٿو ته منهنجي گهر ۾ داخل ٿي وڃو اوهان لاءِ امان آهي، ڪعبت الله شريف ۾ داخل ٿي وڃو اوهان لاءِ امان آهي. پنهنجي گهرن جا دروازا بند ڪري لڪي وڃو اوهان لاءِ امان آهي. پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪريو اوهان لاءِ امان آهي. سبحان الله ! شهنشاهه رسالت جي بارگاهه رسالت جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ هڪ پاسي مجاهدين جو لشڪر، ٻي پاسي مجرمن ۽ ڏوهين جون قطارون. پاڻ سڳورن صه هزارن جي مجمعي تي هڪ نگاهه وڌي ته فورن سمورن ڏوهارين جا گردن جهڪي پيا، سندن نيڻ نيچ ٿي پيا، خوف و حراس جي ڪري سمورن جو جسم ڏڪي رهيو هو. هر نفس انهي نفسانفسي ۾ هو ته خبر ناهي ساڻن ڇا برتاءُ ڪيو ويندو. مجرمن ۽ ڏوهارين مان هر هڪ جو ڏوهه ۽ جرم نبي پاڪ کي ٻڌايو ويو ته ؛ اي الله جا رسول صلي الله عليه وسلم! - هي اهي مجرم آهن جن مڪّي زندگي دوران اوهان صه جي رستن تي ڪنڊا وڇايا هئا. - هي اهي مجرم آهن جن پيغمبر خدا صه جي مٿان پٿر برسايا. - هي اهي خوني سفاڪ آهن جن پيغمبر صه تي قاتلانه حملا ڪيا. - هي اهي بي رحم ۽ بي ڪِياساآهن جن پيغمبر صه جا ڏند مبارڪ به شهيد ڪيا ۽ سندن چهره پُر نور کي رتورت ڪيو. - هي اهي اوباش ۽ ڪريل ذهنيت واراآهن جن پيغمبر صلي الله عليه وسلم کي گنديون غليظ گاريون ڏيئي پنهنجي زبان کي ناپاڪ ڪيو . - هي اهي درنده صفت وحشي آهن جن پيغمبر خدا صه جي گردن مبارڪ ۾ چادر جو ڦندو وجهي گلي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي. - هي اهي ظلم و ستم جا مجسما ۽ پاپ جا پُتلاآهن جن پاڪ پيغمبر صه جي صاحبزادي بيبي زينب رضي الله عنها کي نيزو هڻي اُٺ تان ڪيرائي حمل ڪيرايو. - پاڻ سڳورن صه جي خون جا هي اهي اُڃارا آهن جيڪي پنهنجي اُڃ ۽ پياس فقط خونِ رسالت سان اُجهائڻ لاءِ آتا بنيل هئا. - هي اهي خونخوار آهن جيڪي مديني منوره تي ڪئين بار حملا ڪري خوني ويڙهه وڙهي چڪا آهن. - هي اهي ستم نگار آهن جيڪي شمع رسالت صه جي پروانن حضرت بلال حبشي، حضرت صهيب رومي، حضرت عمار بن يسار، حضرت خباب بن ارت، حضرت خبيب، حضرت زيد بن دثنه کي رسن سان ٻڌي، ڪوڙا هڻي، تتل واريءَ تي ليٽائيندا هئا، باهه جي ڪوئلن تي سمهاريندا هئا، تڏن ۽ تئنورين ۾ وجهي کين دونهون ڏيندا هئا. - هي اهي ظلم و ستم جا پيڪر آهن جن جي جسم جا وار وار ظلم ۽ زيادتي، هٺ ۽ وڏائي ۽ هر قسم جي ڏوهه ۽ گناهه ۾ ٻُڏل آهن. ڏوهارين جو اهو ايڏو وڏو مجموعو اڄ ڏهه هزار مهاجرن ۽ انصارن جي لشڪر جي گرفت ۾ بي يار و مددگار بيوس بنيل آهي. انهي خوف و حراس جي ڪري ڏڪي رهيا آهن، سندن دلين ۾ ڊپ ۽ ڊاءُ جا طوفان اٿي رهيا هئا، سندن نظرن جي سامهون آسمانن سان ڳالهيون ڪندڙ باهن جا شعلا ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. سوچي رهيا آهن ته ؛ - اڄ اسان جي لاشن کي ڪُتن کان کارايو ويندو. - اڄ اسان جي گوشت کي ڳڀا ڳڀا ڪري پکين ۽ پرندن جو قُوت بنايو ويندو. - اڄ اسان کي مهاجرن ۽ انصارن جون فوجون هميشه هميشه لاءِ ختم ڪري نيست و نابود بنائي ڇڏينديون. - اڄ اسان جي ٻارن ٻچن کي يتيم بنايو ويندو. - اڄ اسان جي وَنين جا سُهاڳ لُٽيا ويندا. - اڄ اسان جي جيجلن جون هنجون خالي ڪيون وينديون. - اڄ اسان جي نسلن کي هميشه هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو. - اڄ اسان جي واهڻ ۽ وستين کي تاراج ڪري دنيا جي تختي تان ئي مسخ ڪيو ويندو. انهي مايوسي ۽ نااميدي جي عالم ۾ شهنشاهه دو عالم صلي الله عليه وسلم جي نگاه رحمت انهن پاپين ۽ ڏوهارين جي مٿان پوي ٿي ۽ پاڻ سڳورن صه کانئن پڇن ٿا ته، “ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته، اڄ آئون اوهان سان ڪهڙو معاملو ڪرڻ وارو آهيان؟” انهي دهشتزده ۽ خوفناڪ سوال انهن کي يڪدم بدحواس بڻائي ڇڏيو. پر پيغمبر صه جي نگاهه رحمت ۾ وڏي اميد ۽ آسرو رکي هڪ آواز ٿي چون ٿا ته، “اوهان اسان جا ٻاجهارا ڀاءُ ۽ ٻاجهه ڪندڙ پيءُ جا پٽ آهيو.” سڀني جون پُر اميد نظرون شهنشاهه دو عالم جي چهره پُر نور تي ڇانيل هيون. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي جواب جي انتظار ۾ سندن بيچيني وڌندي ٿي وئي. قريب هو جو خوف ۽ ڊپ وگهي سندن دليون ٽٽي وڃن ۽ موت کين پنهنجي آغوش ۾ سمهاري ڇڏي ؛ پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ؛ “اڄ اوهان تي ڪا ميار نه آهي، وڃو ! اوهان سڀ آزاد آهيو.” اوهان ڇا سمجهو ٿا ته انهن مجرمن ۽ ڏوهارين جڏهن پيغمبر سڳوري صه جي زبان مبارڪ مان عام معافي جو اعلان ٻڌي ڇا محسوس ڪيو هوندو، سندن دلين ۾ پيغمبر صه سان ڪيڏو لڳاءُ پيدا ٿيو هوندو. ان ڳالهه جو تصور ئي نٿو پيدا ٿي سگهي. اڃان به مجرمن ۽ ڏوهارين جي اکين ۾ لڙڪ موجود هئا. پر اهي لڙڪ غم ۽ ڏک جا نه بلڪه خوشي جا ڳوڙها هئا.