تِيه جو پوٺو ۽ ان سان لاڳاپيل تاريخي واقعا: - فهيم فدا شورو تيه جي پوٺي کي ادبي ٻولي ۾ ”دشتِ تيه“ سڏجي ٿو. دشت فارسي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي پوٺو، تيه علائقه جو نالو آهي. دشت تِيه يعني تِيه جو پوٺو. حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي قوم کي فرعون کان آزاد ڪرائي تيه جي پوٺي ۾ آيو هو. دشت تِيه مصر جي صحراء سينا جو اهو وچ وارو علائقو آهي جنهن کي بائبل ۾ ”بيابان سِين“ سڏيو ويو آهي. هي مشهور طور سينا جبل جي اتر ۾ صحراءِ سينا جو ڏاکڻو حصو آهي. لفظ تِيه جي لغت ۾ معنيٰ آهي ڀٽڪڻ. جيئن ته هن علائقي ۾ بني اسرائيل قوم سانده 40 سال ڀٽڪي رهي هئي. کين ڪو رستو، گس يا واٽ نه ملي رهي هئي ان ڪري هي علائقو تِيه جي نالي سان مشهور ٿيو. دشت تِيه سان لاڳاپيل تاريخي واقعا: * بني اسرائيل قوم جي سمورن ٻارهن قبيلن جي لاء حضرت موسيٰ عليه السلام جي هٿان قدرت جو اهو معجزو ظاهر ٿيو جو ٻارهن ئي قبيلن لاء هڪ وڏي پٿر منجهان پاڻي جا ٻارهن چشما جاري ٿي پيا. * بني اسرائيل قوم جي مٿان قدرتي کاڌ ۽ خوراڪ جو انتظام پڻ دشت تيه ۾ ٿيو. قرآن مجيد ۾ ان غذا جو نالو مَنّ ۽ سلويٰ آيو آهي. مَنّ ماکي وانگر هڪ غذا جڏهن ته سلويٰ هڪ پکي هو. بني اسرائيل رات جي وقت پنهنجا ٿانو ۽ برتن ٻاهر رکي ڇڏيندا هئا ۽ فجر جي وقت اهي ٿانو قدرتي ماکي سان ڀرجي ويندا هئا. ان ماکي جو نالو مَنّ هو. سلويٰ قدرت جي طرفان آسمان مان تيار ٿيل پڪل سيڪيل پکي وڏي تعداد ۾ بني اسرائيل قوم تي برسات وانگر برسي پوندو هو جنهن کي هو کاڌي طور ڪم آڻيندا هئا. * بني اسرائيل قوم جو نهايت ئي هڪ مالدار شخص قتل ٿي پيو. جنهن جي قاتل جي خبر نه هئي ته کيس ڪنهن قتل ڪيو آهي. حالانڪه حقيقت ڪجهه هن ريت هئي ته کيس سندس ڀائٽي مال ملڪيت جي حاصل ڪرڻ ۽ سندس نياڻي سان شادي جي لالچ ۾ قتل ڪيو. پر قاتل جي ڳولا ڪندڙن ۾ اهو ڀائيٽو به شامل هو، حالانڪه قاتل خود پاڻ هو. بهرحال مقتول جي قاتل جي ڳولا لاء سموري قوم حضرت موسيٰ وٽ ڪَهي آئي ۽ کيس عرض ڪيائون ته سائين خدا پاڪ کان پڇي ڏيو ته هن کي ڪنهن قتل ڪيو آهي. حضرت موسيٰ کين خدا پاڪ کان ورندي وٺي ڏني ته ڍڳي (ڳئون) کي ذبح ڪري ان جي زبان جو ٽڪرو مقتول جي جنازي سان لڳايو ته مقتول زنده ٿي پنهنجي قاتل جو نالو ٻڌائيندو. آخرڪار ڳئون جي ڳولا جي سلسلي ۾ پوري بني اسرائيل قوم حضرت موسيٰ کي بار بار تنگ ڪندي رهي ته خدا پاڪ کان پڇي ڏيو ته ڳئون جو رنگ ڪهڙو هجي، نسل ڪهڙو هجي، عمر ڪيتري هجي، هَرَ ۾ وَهي هجي يا نه، سندس جسم تي ڪهڙا چِٽ هجن. وغيره وغيره. جيئن جيئن سوال پڇندا ويا تيئن تيئن قدرت جي طرفان شرط شروط لڳندا ويا. آخرڪار حالت اها وڃي بيٺي جو اهڙي رنگ، نسل واري ڳئون کين ملڻ مشڪل ٿي پئي. ڳئون جي ڳولا ڪندي ڪندي کين گهڻو وقت لڳو. آخر کين اهڙن پارن پتن واري ڳئون هڪ يتيم ٻار جي جهوپڙي ۾ ملي جنهن کان وڏو ملهه ڏيئي اها ڳئون خريد ڪئي وئي ۽ ان کي ذبح ڪري مقتول جي لاش کي زبان وارو حصو لڳايو ويو. نتيجي ۾ مقتول زنده ٿي پنهنجي قاتل جو نالو ٻڌايو ۽ دوباره مري ويو. قاتل کي شريعت موجب سزا ڏني وئي. اهو واقعو دشت تِيه ۾ پيش آيو. اهو سمورو واقعو قرآن مجيد جي سورت بقره ۾ ذڪر ڪيل آهي. جيئن ته عربي ۾ ڳئون کي بقره سڏجي ٿو. انهي ڳئون واري واقعي جي ڪري ئي سورت جو نالو البقره آهي. هي سورت قرآن مجيد جي وڏي ۾ وڏي سورت هجڻ سان گڏوگڏ 40 رڪوعن تي مشتمل آهي. * دشت تيه جي علائقي ۾ بني اسرائيل قوم جي نهايت ئي هٺيلي، متڪبر ۽ مالدار شخص قارون جو انت آيو. قارون حضرت موسيٰ عليه السلام جو سڳو سئوٽ هو. شروع شروع ۾ هي نهايت ئي غريب، مسڪين ۽ مفلسي واري زندگي گذاريندو هو. سندس جسم تي پورو ڪپڙو به نه هوندو هو. آخرڪار هڪ ڏينهن حضرت موسيٰ کي ڪشادي رزق لاء دعا جي درخواست ڪيائين. حضرت موسيٰ عليه السلام دعا گهري. خدا پاڪ قارون کي مال ملڪيت، ڌن دولت سان ايڏو ته نوازيو جو هن کان پهرين ۽ پوء دنيا ۾ ڪير به ايترو مالدار نه ٿيو. قارون جي خزاني جي ته ڪا ڪَل ئي ڪانه هئي. صرف خزاني جي چاٻين کي رکڻ ۽ سنڀالڻ لاء هڪ روايت موجب چاليهه ڪوٺيون ۽ ٻي روايت موجب چاليهه خچر مقرر ٿيل هئا. ايتري مال ملڪيت هوندي به قارون خدا جي فرض زڪوات، غريبن مسڪينن ۾ خير خيرات ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ حضرت موسيٰ جي چوڻ کي ٺُڪرايائين. آخرڪار خدا پاڪ مٿس ڏمريو ۽ زمين کيس دشت تيه واري علائقي ۾ ڳيهي ورتو. قارون جڏهن چيلهه جيترو زمين ۾ دٻجي ويو ان وقت حضرت موسيٰ تي الزام لڳايائين ته تون مون کي ماري منهنجي ملڪيت ڦٻائڻ ٿو چاهين. اهو ٻڌي حضرت موسيٰ زمين کي حڪم ڪيو ته قارون کي ڳيهڻ بند ڪر. زمين حڪم جي تعميل ڪئي. پوء قارون جو سمورو خزانو چاٻين سميت قارون جي مٿان اڇلايو ويو ۽ پوء حضرت موسيٰ عليه السلام زمين کي قارون ۽ سندس ملڪيت کي ڳيهڻ جو حڪم ڪيو. بالآخر زمين قارون کي خزاني سميت ڳڙڪائي وئي. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته هر ڏينهن قارون هڪ روايت موجب ڏھ هٿ ۽ ٻي روايت موجب ڏھ گز زمين ۾ اندر دٻجي ٿو. * بني اسرائيل قوم جڏهن تِيه جي پوٺي ۾ کُلي آسمان تي اچي ويٺي ان وقت پوري قوم مٿان قدرت جي طرفان اهو ڪرم ۽ احسان ٿيو جو مٿن ڪڪرن جي ڇانو ڪئي وئي. * تيه جي دشت ۾ رهندي ئي حضرت موسيٰ عليه السلام جو وڏو ڀاءُ ۽ الله جو نبي حضرت هارون عليه السلام هن دنيا مان 123 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو.