جهانسيء جي راڻي

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهيم فدا شورو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2016۔

  1. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    جهانسيءَ جي راڻي
    - فهيم فدا شورو

    جهانسي جي راڻي جو اصل نالو راڻي لڪشمي ٻائي هو. سندس پيدائش 19 نومبر 1828ع ڌاري ويرانسي هندستان ۾ ٿي. پاڻ ذات جي مرهٽا هئي. سندس وفات 17 جون 1858ع ڌاري 29 سالن جي عمر ۾ ڦُوهه جواني دوران ٿي. جهانسي جي راڻي جي پيءُ جو نالو موروپنٽ ۽ ماءُ جو نالو ڀاڳي راٺي ٻائي هو. جهانسي جي راڻي جڏهن چئن سالن جي هئي ان وقت سندس ماءُ انتقال ڪري وئي. جهانسي جي راڻي پنهنجي تعليم و تدريس گهر ۾ ئي حاصل ڪئي. پاڻ ننڍپڻ کان وٺي آزاد خيالن جي رهي. جهانسي جي راڻي، جهانسي جي مهاراجا گنگادار سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد ٿيو جيڪو چئن مهينن جي عمر دوران گذاري ويو. جهانسي جي راڻي برطانيا راڄ جي ڪٽر مخالف هئي. سندس وفات کان هڪ سال پهرين يعني 1857ع ڌاري پوري برصغير ۾ آزادي جي جنگ شروع ٿي چڪي هئي جنهن ۾ مسلمان ۽ هندو گڏجي ڌارئي انگريز کي نيڪالي ڏيڻ لاء همه تن ڪوشان هئا. انگريزن جهانسي جي قلعي فتح ڪرڻ لاء وڏا جتن ڪيا پر راڻي جي هوندي فتحياب نه ٿي سگهيا. جهانسي جو قلعو هن وقت ڀارت سرڪار طرفان ميوزم بڻجي چڪو آهي. جهانسي جي قلعي فتح ڪرڻ ۾ انگريز سرڪار ۽ جهانسي جي راڻي جي وچ ۾ ڪافي معرڪا ٿيا پر برصغير جي هن عظيم راڻي انهن ڌارين جي سڀني ڪوششن کي ناڪام بڻايو. 17 جون 1858ع تي انگريز فوج ۽ هندستاني فورس جي وچ ۾ وڏو دنگل ٿيو. انگريز فوج جي ڪمانڊنگ ڪيپٽن هني ايج ۽ هندستاني فوج جي اڳواڻي جهانسي جي راڻي ڪري رهي هئي. انگريز فوج وٽ جديد هٿيارن جي سامهون هندستاني جوانمرد هڪٻئي پٺيان پنهنجي وطن سان سرڳواسي ٿيندا رهيا. ڏسڻ ۾ اهو اچي رهيو هو ته انگريز فوج فاتح ٿي رهي آهي. انهي صورتحال کي مدنظر رکندي جهانسي جي راڻي نٿي چاهيو ته سندس زنده جسم انگريز ڌارئي جي هٿ لڳي ان کان پهرين راڻي پنهنجي پاڻ تي پستول شُوٽ ڪري ڇڏيو ۽ سرڳواسي ٿي وئي. انگريز سندس وفات جي ٽئين ڏينهن مڪمل طرح قبضو ڪري ورتو. انگريز ڪمانڊر هفروز راڻي جي مرتئي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جهانسي جي راڻي هڪ محب وطن، بهادر، جنگجو ۽ غيرتمند خاتون هئي.برصغير جي انهي غيرتمند ۽ بهادر نياڻي جهانسي جي راڻي جو مقبرو ڦُول باغ ۾ آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 جون 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو