• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مغل شهزادي زيب النساء

فهيم فدا شورو

سينيئر رڪن
شهزادي زيب النساء
از: فهيم فدا شورو / مسڻ وڏي

شهزادي زيب النساء مشهور مغل بادشاه اورنگزيب عالمگير جي وڏ ور نياڻي هئي. سندس ماءُ جو نالو دلراز بانو بيگم هو. شهزادي زيب النساء 15 فيبروري 1636ع ڌاري پيدا ٿي ۽ 26 مئي1702ع ڌاري وفات ڪيائين. شهزادي زيب النساء مشهور شاعر ٿي گذري آهي. شاعري ۾ سندس تخلص مخفي هو. سندس شاعري جو ديوان آهي جيڪو ديوان مخفي جي نالي سان ناياب بڻجي چڪو آهي. شهنشاه اورنگزيب عالمگير سندس تعليم ۽ تدريس لاء هڪ معلمه حافظه مريم نالي رکي جنهن وٽ شهزادي زيب النساء ستن سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد حفظ ڪري ورتو. شهزادي زيب النساء نه صرف هڪ شاعره هئي پر بهترين خطاط، رياضيدان، فلاسافر ۽ اديب هئي. شهزادي زيب النساء 14 سالن جي ڄمار ۾ فارسي زبان ۾ شاعري شروع ڪئي. شهزادي زيب النساء پوري ڄمار شادي نه ڪئي ۽ ڪنواري رهي.
مون کي سندس هي ٻه بيت وڌيڪ پسند آهن.
دختر شاهم ولیکن رو بفقرا وردھم
زیب زینت بس همین ام نام من زیب النساء

بر مزار ما غریبان نے چراغ و نے گلے
نے پر پروانه سوزد نے صدائے بلبلے
 
Back
Top