ٻه قومي نظريو ۽ اسرائيل جو قيام - : فهيم فدا شورو انهي ڳالهه ۾ سورنهن آنا صداقت آهي ته، برصغير جي سيني تي ڀالو هڻي خلقِ خدا کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جو سبب ”ٻه قومي نظريو“ آهي. جيڪڏهن ٻه قومي نظريو پيش نه ٿئي ها ته برصغير نه ٽُٽي ها. ننڍي کنڊ جي جيڪا هن وقت حالت آهي، هڪ ملڪ ٻي ملڪ جي مٿان ڏند ڪرٽي رهيو آهي اهو ائين نه هجي ها. مون کي برصغير جي تاريخ، خاص ڪري پياري پاڪستان (؟) جي، پڙهي ڏاڍي حيرت ۽ تعجب ٿيندو آهي ته پاڪستان، جنهن کي دنيا جي تختي تي اسلامي رياست جو نانءُ ڏنو ويو اهو غير اسلامي نظريي جي بنياد تي ڪيئن وجود ۾ آيو؟ سندس قائم ٿيڻ سان مذهبي فرقيواريت ۽ جنون پيدا ٿي پوري دنيا جو امن امان تباهه ڪري ملڪن جا ملڪ نيست و نابود ڪري ڇڏيا ۽ نتيجي ۾ ظلم ۽ ڪروڌ جو نه ختم ٿيندڙ باب شروع ٿي ويو. ٻه قومي نظريو جيڪو سراسر غير اسلامي آهي انهي جي پيش ٿيڻ سان نه صرف ننڍي کنڊ جي سونهري تاريخ کي ڇيهو رسيو پر مُني صدي کان وٺي انهي نظريي جي ڀوڳنا سموري اسلامي دنيا اڄ به ڀوڳي رهي آهي. ٻه قومي نظريي مطابق ”هندو ۽ مسلمان ٻه الڳ الڳ قومون آهن.“ جيڪو اسلامي روءِ سان بلڪل غلط آهي. انهي نظريي کي پيش ڪرڻ وارا به اسان ئي مسلمان هئاسين. ٻه قومي نظريي کان پهرين مذهب، دين ڌرم جي نالي تي دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن رياست جو قيام عمل ۾ نه آيوهو. ڪائنات جي پيدا ٿيڻ کان وٺي 1947ع تائين جيڪڏهن تاريخ دهرائجي ته اهو واحد ملڪ پاڪستان (؟) ئي آهي جيڪو مذهب جي بنياد تي قائم ڪيو ويو. اها ڳالهه به مڃڻ جوڳي آهي ته انٽرنيشنل سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام جو مذهب جي بنياد تي پاڪستان قائم ڪرڻ محظ هڪ جواز هو. پسِ پرده ڪا حقيقت ڪجهه ٻي هئي. جيڪا آهسته آهسته ظاهر ٿي. حقيقت هي هئي ته، مذهب جي بنياد ۽ آڙ تي ڪا ٻي رياست دنيا جي تختي تي پيش ڪرڻي هئي جيڪا دنيا جي امن تي راتاهو هڻي پنهنجون من مستيون ڪندي وتي. اها رياست اسرائيل هئي جيڪا يهودي مذهب جي بنياد تي پاڪستان کان هڪ سال پوءِ 1948ع ڌاري قائم ڪري نبين جي سرزمين فلسطين ۽ قبله اول بيت المقدس مٿان مسلط ڪئي وئي. اسرائيل ڄمڻ سان ئي پنهنجون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون. فلسطين جي رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. هر وقت، هر گهڙي انهن جي مٿان قيامت صغريٰ بڻيل آهي. اسرائيل جي قيام کي غير قانوني سڏڻ کان پهرين اسان کي پياري پاڪستان (؟) جي سوچ لڳيو وڃي ته اسان به غير قانوني ۽ غير فطري طور دنيا جي تختي تي نروار ٿيا آهيون. فلسطينين جي نسل ڪُشي ۽ قتلام ۾ ڏينهن رات هڪ ڪندڙ اسرائيل کي روڪڻ ۽ چوڻ وارو به ڪوئي ڪونهي. انسانيت جا علمبرادر ۽ دعويدار ادارا، خود عرب ليگ ۽ اسلامي دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي. موجوده صورتحال اها آهي ته فلسطين کي رت جي ريج سان سيراب ڪيو ويو آهي.پوءِ اهو خون نوجوان فلسطينين جو هجي يا معصوم ابهم ٻارڙن جو، نياڻين جو هجي يا بزرگ پير مردن ۽ عورتن جو. ائين کڻي چئجي ته اڄ فلسطين پوري دنيا ۾ باب القتلام بڻيل آهي جتي جي ڌرتي ڪربلا جو ويس ڍڪي خوني رت جي سيلاب ۾ ٻُڏي پئي آهي. ان وقت اسان جا واڳ ڌڻي اگهور ننڊ سُتل آهن. منجهن نه ايماني غيرت رهي آهي نه ئي ڀائپي واري ساڃاهه. اهو نٿا سوچين ته اڄ جيڪا تلوار اسان جي ڀائرن فلسطينين جو ڪوس ڪري رهي آهي اها سڀاڻي اسان جو به قتل ڪرڻ کان نه ٿي هٽي سگهي. پوءِ اسان جي نه هوندي ڪا واهه ۽ نه ئي ڪو واهرو، بي يار و مددگار بڻيل هونداسين.