سوڍل! منهنجي ڳالهه ٻڌي وڃ...! تحرير: فهيم فدا شورو . . . پنهنجي ساڻيهه واسين جي غلامي ۽ بيوسي تي سندس آلاپيل نيڻن مان نه چاهيندي به ٻه املهه ماڻڪ ڪِري پون ٿا جيڪي سندس جنم ڀوميءَ جي سون ورني ڌرتيءَ کي چمندي چمندي منجهس عمر ڀر جذب ٿي هميشه هميشه لاءِ ٿڌا ٿي وڃن ٿا. پنهنجي ديش واسين جي اهڙي ڊگهي ۽ ٿڌي خاموشي تي هو ڪي گهڙيون سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏي وڃي ٿو. سوڍل جي اچانڪ آواز تي هو سوچن جي سمنڊ مان پار ٿي ڇرڪجي پوي ٿو، جيڪو سندس ڪنن ۾ پڙاڏو بنجي گونا گون گونجون ڪري رهيو آهي. ”سنڌ . . . ! سنڌ؟ سنڌ؟!“ سوڍل روئڻهارڪي لهجي ۾ کيس چوي ٿو. ”ڪٿي آهي سنڌ؟ هيءَ چچريل چيريل سنڌ!!! وڍيل ڪپيل سنڌ!!! جنهن تي ڳجهون لامارا ڏيئي رهيون آهن. اها آهي سنڌ؟ اها آهي دودي جي سنڌ؟ اها آهي تماچيءَ جي سنڌ؟ اها آهي دولهه دريا خان جي سنڌ؟ هو ڏس سنڌ جو لاش سڙي رهيو آهي . . . . . “ سوڍل!. ها! سوڍل ها! ماڻهو اڄ وري سنڌ بدران هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي قبيلن، قومن ۽ راڄن جي باري ۾ سوچڻ لڳا آهن. ديش ڀڳتي سڏائيندڙ هر ڌرتي ڌڻي حقيقي معنيٰ ۾”سنڌي“ به ته نه رهيو آهي ادا سوڍا . . . !!! سوڍل! جڏهن کان تون پنهنجي ڌرتي تان سر ڏيئي هميشه هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهين ان ڏينهن کان وٺي تنهنجي سنڌ جو سَنڌ سَنڌ ويرين جي وارن جي ڪري چيرجي ۽ چچرجي پيو آهي. سوڍل! تنهنجي پڄاڻان ڪئين ٻين سوڍن ۽ مٿير مردن پنهنجي جنم ڀوميءَ تان سر ڏئي پنهنجي لبڙن تي مرڪ سجائي موت کي گلي لڳايو آهي. سوڍل! تنهنجو ”باب الاسلام“ اڄ وري هڪ ڀيرو ٻيهر ”باب القتلام“ بنجي پيو آهي. جڳهه جڳهه آيل خوني رت جي سيلاب جي تباهين جا شڪار به ته تنهنجا ئي ڌرتي ڌڻي بڻيل آهن، ڄڻڪه سموري ڌرتي ڪربلا جو ويس ڍڪي پنهنجي سورمن جي اڻ مندائتي موت تي ماتم ڪري رهي آهي. سوڍل! تنهنجي جنهن سنڌ ڌرتي مان ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليه وسلم کي امن ۽ سلامتي جي خوشبو ايندي هئي اڄ ان جي خوشبو کي هٿ وٺي ”بدبوءَ“ ۾ بدلايو ويو آهي. اڄ سنڌ جي امن ۽ سلامتي کي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امن ڏيڻ وارو ڪوبه نه رهيو آهي. سچ ته هي آهي سوڍا! اڄوڪي سنڌ تنهنجي سنڌ نه رهي آهي. اڄ هڪ اهڙو واءُ وريو آهي جنهن سنڌين جي روحن کي به ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو آهي، جن کي اُڻي ”ٻيو جنم“ ڏيڻ وارو به ڪوئي ڪونهي. سوڍل! توکي خبر نه آهي ته سنڌي ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي گردنن ۾ غلامي جو ڳٽ پائڻ تي به مجبور ڪيو ويو آهي. ۽ ها ها سوڍل! تنهنجي سنڌ جي رڙ ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ مان بدلجي هاڻي ”ڀائي ڀائي(؟؟؟)“ ٿي پئي آهي. سوڍل! دادن کي اهو ڏينهن ياد هوندو جڏهن هڪ ترخان مولوي هڪ سنڌي سٻاجهڙي ۽ سندس ونيءَ کي سنگسار جي فتويٰ ٻڌائي تمام مومنن ۽ مسلمانن کي کين سنگسار ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهيو هو. اڄ اهي ئي ترخاني ۽ قنڌاري مولوي وري منهنجي باري ۾ به فتويٰ ڏيڻ لڳا آهن ته ”تون ان ڏينهن کان واجب القتل آهين جنهن ڏينهن کان تو پنهنجي پاڻ کي ”سنڌي“ سڏرائڻ شروع ڪيو آهي، تون پنهنجي پاڻ کي ”ديوبندي يا بريلوي ڇو نٿو سڏرائين؟ شيعو ۽ سُني ڇو نٿو چورائين؟ جيڪڏهن تو پنهنجي پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ بند نه ڪيو ته تنهنجو الهه تلهه تباهه ۽ برباد ڪيو ويندو! ڊڄ ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن توکي آخوند صالح وانگر ٽياس تي ٽنگيو ويندو! مخدوم بلاول وانگر جيئري گهاڻي ۾ پيٺو ويندو! تنهنجي ڄڀ پاڙان ئي پٽي تنهنجي آواز کي هميشه هميشه لاءِ بند ڪيو ويندو.“ سوڍل! ان وقت منهنجي اندر جو سوڍل به جاڳي پيو هو. مون به اکين ۾ اکيون ملائي کين ورندي ڏني هئي ته ”اوهان جو ڏنل موت منهنجي گناهن جي سزا نه پر هڪ بي بها املهه تحفو آهي جنهن کي دل و جان سان قبول ڪريان ٿو بلڪه انهي موت کي پنهنجي لاءِ ”راهه نجات“ سمجهان ٿو هر ان ٻئي ڏينهن جي ڏسڻ کان، جنهن ڏينهن پنهنجي ديش واسين جي گردنن ۾ غلامي جو ڳٽ ڏسندي منهنجي اندر مان ڪا ٿڌي ۽ سرد آهه نڪرندي محسوس ٿئي ٿي ۽ پنهنجي بي وسي ۽ لاچاري تي نيڻن جا بادل زاروقطار برسي پون ٿا! منهنجي روح جو ٻرندڙ جبل به ڦاٽي ريزا ريزا ٿي وڃي ٿو! منهنجي پريت ۽ پيار جو جذبو به بالآخرنفرت جو آڙاهه بنجي پوي ٿو!“ ها سوڍل ها اها منهنجي ورندي دادن کي ضرور ٻڌائجان ته جيئن دادن کي هر سنڌي جو اهو جذبو ٻڌي چوڻ ۾ فخر محسوس ٿئي ته ”سنڌ جي ڪک اڃا سائي آهي.“ نوٽ: مانواري ڀاءُ محمد هاشم شورو (ڪوٽڙي) جي خصوصي ٿورن سان سنڌ جي مشهور ناولنگار ”سراج“ جو ناياب ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ پڙهڻ لاءِ مليو. ان لاءِ ادا هاشم جون لک لک مهربانيون. ڪتاب پڙهڻ بعد منهنجي اندر ما به هڪ آهه نڪري وئي، جنهن کي لفظن جي لڙهيءَ ۾ پُوئي سمورن ساٿين جي خدمت ۾ پيش ڪيو اٿم.