ڪوٽڙيء ڏي ڪُوچ (سفرنامو)

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهيم فدا شورو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2016۔

  1. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    ڪوٽڙي ڏي ڪُوچ
    فهيم فدا شورو- مسڻ وڏي

    شايد قدرت واري طرفان حياتي جا ڪي پل، پرهه ۽ قُوت ڪوٽڙي شهر ۾ لکيل هئا.
    ڪوٽڙي شهر نه صرف جاگرافي بيهڪ جي ڪري پنهنجي غير معمولي سڃاڻپ جو حامل آهي پر هي شهر تاريخي حوالي سان به پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. ڪوٽڙي جي شاندار ماضي ۽ تاريخ لکڻ کان ڪناره ڪش ٿي پنهنجي سفر کي مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ها ڪوٽڙي ۾ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ۽ اديب، مانواري دوست محترم هاشم شوري کان جڏهن ڪوٽڙي شهر تي نالي پوڻ جو سبب پڇيم ته پاڻ وراڻيائين جيتري قدر منهنجو علم ۽ ڄاڻ آهي ته ڪوٽڙي اکر ڪوٺڙي جي بگڙيل صورت آهي، مون کي سائين هاشم جي ڪجهه قدر ڳالهه درست لڳي ڇاڪاڻ ته اسان جي سنڌ سونهاري جا ڪافي شهر آهن جن جا نالا بگڙيل صورت ۾ ملن ٿا جيئن ڪراچي لفظ ڪولاچي جي بگڙيل صورت آهي. مڪلي ”مڪه+لي“ جي بگڙيل صورت. يا ٻيا به ڪافي تاريخي حوالا موجود آهن.
    ڄامشوري جون ٿڌڙين هوائون ۽ هر ڏينهن جي الوداعي سج جي ٽِڪي، سنڌو بادشاهه جي ڪپن سان ڪُڏندڙ شهر ڪوٽڙي کي قدرتي حسن سان تڏهن رڱي ڇڏيندي آهي جڏهن چانڊوڪي راتين ۾ دريا بادشاهه جون رقص ڪندڙ ڇوليون، چنڊ جي تصوير کي سنڌوءَ جي هنج ۾ لوليون ڏيندي، ڪوٽڙي شهر جي منظر نگاري کي ڏسندڙ جي لاءِ ورونهن پيدا ڪريو ڇڏي. ڄڻڪه ڪوٽڙي شهر ۽ قدرت جي منظرنگاري عاشق ۽ معشوق بڻجي پيار جا ڪي جام ڀري رهيا هجن. بقول استاد بخاري؛

    چانڊوڪي چُم چُم
    عاشق ۽ معشوق ٻئي
    هڪٻئي ۾ گُم سُم.

    ڪوٽڙيءَ ۾ ادا هاشم شورو:
    ڪوٽڙي سان منهنجو قرب ۽ ورونهنءَ تڏهن وڌي جڏهن هتي جي مڪين محمد هاشم شوري سان شرف ملاقات ۽ عليڪ سليڪ ٿيو. ادا هاشم جي قرب ڀري ڪچهريءَ جو اکر اکر اڄ به هوبهو دل تي نقش بر سنگ آهي. ساڻس مختصر ملاقاتن جا پَل پَل، گهڙيون ۽ ساعتون اڄ به پيار ۽ پريت، چُسڪي ۽ چاهت جا جام پياري مدهوش ڪري رهيون آهن.
    ادا هاشم شورو هميشه مرڪون وکيڙيندڙ هڪ اعلي ظرف انسان آهي. سندس قرب ۾ ته بي پناهه قرب آهي. سندس قرب جو مقتول ته وٽس بار بار قتل ٿيڻ لاءِ پيو ايندو رهندو، جيستائين پنهنجو وجود ئي وڃائي نه ويهي. جتي ادا هاشم جي ذات ۾ ماڻهپي ۽ پنهنجائپ جو عڪس ڀريل آهي اتي اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته ادا هاشم هڪ ئي وقت بامعنى ۽ تجسس ڀري ڪهاڻي به آهي.
    مشهور ليکڪ علي بابا جون هي سٽون ته استاد بخاري جي لاءِ لکيل آهن پر منهنجي نظر ۾ ادا هاشم به انهن سٽن جو هوبهو مصداق آهي؛

    ”. . . . . . . جڏهن به مليو ته ايڏو پنهنجو لڳو جو ايڏو ڪو پنهنجو ٿيندو ئي نه آهي.“

    اڳي وانگر اڄ به ادا هاشم ڪوٽڙيءَ آمد لاءِ چيو. ادا هاشم جي حڪم جي تعميل ڪرڻ واسطي کيس ڪوٽڙي اچڻ جي پروگرام کان واقف ڪرايم. ادا هاشم کان سواءِ ڀاءُ سالم شوري به فون ذريعي پنهنجي اندر جي اُڻ تُڻ ڏيکاري ته ”ڀاءُ فهيم! اوهان لاءِ من ماندو آهي. اوهان سان ملاقي ٿيڻ لاءِ دل ڏاڍو چاهي ٿي. ڪڏهن ٿا ور ڪريو“ ڀاءُ سالم کي وراڻيم ته ادا هاشم سان ملاقي ٿيڻ لاءِ ڪوٽڙي اچي رهيو آهيان اميد ته اوهان سان به ملاقات ٿي ويندي. ڀاءُ سلام ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ ڪوٽڙي آمد لاءِ دل و جان سان ڀليڪار چيائين. ادا سالم سان به ڪي قربائتيون ڪچهريون ۽ اندر جا حال اورڻ نصيب ۾ لکيل هو جو ساڻس به ڪوٽڙي ۾ ملاقات ٿي.
    مقرر پروگرام خميس جو ڏينهن هو. ۽ خميس جي ڏينهن اسان جي ڳوٺ مسڻ وڏي جي فلڪ تي جهڙ ۽ بونداباري موسم کي وڌيڪ پُر لطف بڻايو بيٺي هئي. فورن ادا هاشم کان ڪوٽڙي جي موسم بابت پڇا ڪيم. سائين هاشم صاحب وراڻيو ته، ڪوٽڙي جو موسم سازگار آهي اوهان ڀلي اچو.
    گهران نڪرندي نڪرندي صبح جا 9 ٿي ويا. خيرن جو ساڍي نوين وڳي اسان جي مين اسٽاپ سلطان آباد (ميرپور خاص حيدرآباد ون-وي) تي پهتس. مون کي موٽر سائيڪل تان لهڻ جي دير هئي ته حيدرآباد طرف ويندڙ ڪوسٽر به ڪَرُ کڻيو ڊوڙندي پئي آيو.
    *****
    ڪوسٽر ۾ ويهڻ لاءِ ٻي هنڌ جاءِ نه ملي. مجبورن بانٽ تي ويهڻو پئجي ويو. منهن ڪيم پيسينجرس جي سامهون، بالم ٿي ويهي رهيس.

    لاريءَ ۾ ناري:
    قديم تاريخي حوالن ۾ (جيتري قدر مون پڙهيو آهي) مذڪر ۽ مؤنث، نر ۽ مادي کان سواءِ ٻيا ڪي خاص لفظ جنسن لاءِ نه ڳالهايا ويا آهن. نه ڪي انهن کان وڌيڪ ڪي خاص الخاص لفظ ڪٿي پڙهڻ ۾ به اچن ٿا. ٽي جنس جيڪا ڪائنات جي تختي تي آزاد رياست جي صورت ۾ ظاهر ٿي اها هئي خنثيٰ. جيڪا اڄ ڪلهه اصل صورت ۾ ته تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر مذڪوره جنس جون ”ڊُپليڪيٽ ڪاپيون“ ڪافي جاين تي ڏسي اکيون ٿڌيون ضرور ٿي وڃن ٿيون. ياد رهي ته اها اُها ئي جنس آهي جنهن کي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي سابق چيف جسٽس ڀرپور نموني حقن ڏيڻ جي حوالي سان زور ڀريو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس حڪمنامي تي ڪن جاين تي ته عمل پيرا به ٿيو البته ڪٿي ڪٿي سندس حڪمنامو ڌانڌلين جو شڪار به رهيو.
    پر جڏهن کان دنيا ۾ فلسفي دؤر ۽ منطقي دؤر کي مات ڏيندڙ، ٽڪنالوجي دور متعارف ٿيو آهي تڏهن کان ته ٻُڏيءَ جا ٻِيڻا ٿي ويا آهن. هن دؤر ته اڳين دؤرن جي حوالي سان سون تي سُهاڳي جو ڪم ڪيو آهي. ٽيڪنالوجي دؤر ۾ پير پائڻ سان نه رهيو مذڪر مذڪر، ۽ نه ئي رهي مؤنث مؤنث. جنسون صفا مذڪر مونث ۽ نر مادي مان ڦري ”پوڙهو پوڙهي“ ۽ ”نارو ناري“ تائين پهتيون. ٽي جنس ته هن دور ۾ ”خنثى مشڪل“ بڻجي اڃا به وڌيڪ هيٽرڪ ڪري ڏيکاري. اصل جنس بدلائڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي. بس جا ۽ آ جو کيل. همراهه تيار.

    قصو ڪوتاهه، ڳالهه هلي پئي ڪوسٽر جي. جيئن ته منهنجو منهن هو پيسينجرس جي سامهون. منهنجي سامهون اڄوڪي ٽيڪنالوجي دؤر جي ”ناري“ ويٺي هئي. منهنجي خماريل نيڻن جي نظر به وڃي مٿس کُپي. نظر مٿس اهڙو ته ٽِڪ ٻڌو جو اصل ٽِڪ تي ٽِڪ.

    ننڍڙي غلطي به پاپ ٿي وئي،
    زندگاني سراپ ٿي وئي،
    هڪڙي ”دل ڦينڪ“ مون ڏي دل اڇلي،
    ڪيچ مون کان ”ڊراپ“ ٿي وئي.

    ڪافي وقت تائين انهي چنچل ۽ شوخ نگاهن واري ناري جي خمار ۽ نشي ۾ مست و مگن رهيس. سوچيم ته،

    اڄ جيڪڏهن مصر جي قلوپطره هجي ها!
    فرهاد جي شيرين هجي ها!
    ميهار جي سُهڻي هجي ها!
    مجنون جي ليلا هجي ها!
    رانجهي جي هير
    ۽
    پنهونءَ جي سسئي هجي ها!
    حسن ۽ خوبصورتي جي مقابلي ۾
    کين هميشه هميشه لاءِ
    مات اچي وڃي ها!

    بقول فارسي شاعر جي ته؛
    شنيده ڪي بود مانند ديده
    ترا ديده و يوسف را شنيده.
    يعني؛ ٻُڌل جو ڇا مقام؟ جو ڏٺل سان منهن مقابل ٿئي.
    اي محبوب! تو کي ڏٺم ۽ يوسف کي ٻڌم.
    (تون ئي ٻڌاءِ ته ٻڌل ڳالهه جو درجو مٿانهون يا ان جو جنهن کي پل پل پسان ويٺو.)
    ناريءَ کي ڏسڻ وقت منهنجو حال هي هو جو،

    ”جا سدائين گڏ رهي، سا ڊائري وسري وئي،
    مون کان منهنجي دوستو! سڀ شاعري وسري وئي.“

    ناري سان اهڙي ريت همسفري جو سفر حيدرآباد بدين اسٽاپ تائين پنهنجي پوري آب و تاب سان جاري رهيو. بدين اسٽاپ تي اکين ئي اکين ۾ الوداع ٿيڻو پيو.

    ”تون وڃين ٿو؟ وڃ ڀلي! پر هي ٻُڌاءِ؟
    پنهنجي زنده لاش کي ڪيڏانهن ڪريان.“ (حميد شهيد هالائي)

    *****
    خير خوبي جو ڪوٽڙي جي آخري اسٽاپ سڪندر هائيٽس يعني منهنجي منزل تي منجهند ڌاري پهچي ادا هاشم شوري کي فون ڪيم. ادا هاشم شورو به سُتت ئي پهچي ويو. وڏي قرب سان ٻانهن جا وراڪا ورائي ڀاڪر پائي مليو. سلام دعا کان پوءِ سائين جي جاءِ جي طرف قدم وڌائڻ لڳاسين. سائين هاشم صاحب وٽ منجهند جي ماني ٽِڪي جو بندوبست رٿيل هو. ڪجهه وقت ساهي پَٽِيسين ته ڀاءُ سالم به اچي ويو. ڏاڍي پيار ۽ محبت سان مليو. ساڻس ملي ڏاڍي خوشي ٿي. ادا سالم جو ئي انتظار هو، دسترخوان تي ماني لڳي وئي. ۽ ادا هاشم جهڙي پياري ماڻهو خوب ميزباني جو حق ادا ڪيو.
    ماني کان پوءِ بزم شعر و سخن جو وارو شروع ٿيو. ننڍڙي ادبي محفل ڏاڍي وڻي. ادا هاشم پنهنجي شاعري پڙهي ٻڌائي جنهن ۾ چوسٽا، ٽيڙو ۽ علم عروض جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ٿيل هئي. مون هن محفل ۾ پنهنجي پاڻ کي ظاهر ڪرڻ نٿي چاهيو پر ادا سالم جي بار بار چوڻ تي مون کي به چپ چورڻا ئي پئجي ويا.

    اڄ وري هيهات ڏسان ٿو،
    ڪيڏي هي ظلمات ڏسان ٿو.

    ظلم جا ڇانيئي ڪارا بادل،
    اونداهي ڏينهن رات ڏسان ٿو.

    ظالم اڳيان مظلومن جي،
    ”بند ڪريو“ ڇو بات ڏسان ٿو.

    ظلم ستم جا پيڙهيل مارُو،
    مري ويل مرهيات ڏسان ٿو.

    ڪارو ڪاري رسمون قهري،
    ”قوم مٿان هي ڪات ڏسان ٿو.“

    چوي ”فدا“ ٿو ظالم تو لئه،
    جلندا ڪي جذبات ڏسان ٿو.

    ان کان علاوه سنڌو درياءَ تي پنهنجي شاعري به ٻڌايم. شاعري ٻڌائڻ بعد ادا هاشم ۽ ڀاءُ سالم کي ڪجهه ادبي ڪتابن جو تحفو به پيش ڪيم جن ۾ پير اشرف شاهه ڪاماري واري جي شاعري تي والد صاحب مولانا محمد يامين شوري جو ترتيب ڏنل رسالو، والد صاحب جو استاد محترم مولانا عبدالڪريم لغاري جي زندگي تي لکيل ڪتابچو، مولانا عبدالڪريم لغاري جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيل قصيده برده شريف، پنهنجي ڳوٺ مسڻ وڏي جي موجوده تاريخ جي حوالي سان منهنجو (فهيم فدا شورو) خود جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”پکا ۽ پنهوار“ شامل هئا. البته هن کان پهرين ادا هاشم کي پهرئين ملاقات ۾ والد محترم مولانا محمد يامين شوري جو لکيل سفرنامه حج ”مسڻ کان مديني تائين“ به هديو ڪيو هئم. ادا سالم لاءِ نه کڻي اچي سگهيس ڇاڪاڻ ته اهو ڪتاب سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن بُڪ اسٽالن تي وڪرو ٿي ختم ٿي چڪو آهي. جنهن لاءِ ادا سالم وٽ معذرت قبول پوي. ياد رهي ته والد صاحب جو هي ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي طرفان ڇپرايو ويو آهي. مذڪوره ڪتاب چار سئو کان به ڪجهه وڌيڪ صفحن تي لکيل آهي.

    ڳالهه پئي هلي ادبي رنگ رهاڻ جي، ته ادا هاشم شوري انهي رنگ رهاڻ ۾ پنهنجي ادبي ڪاوشن، سنڌ جي اهم وڏين سياسي، سماجي، ادبي شخصيتن سان ڪيل ملاقاتن ۽ وٽانئن ورتل آٽوگرافس ڏيکاري دل خوش ڪري ڇڏي. سچ پڇو ته انهي محفل جي چُسڪي ۾ مست ٿي دل بي ساخته چئي ڏنو ته،

    ”علم و ادب جو گلشن آباد شل هجي هي
    چنگيز جي چنبن کان آزاد شل هجي هي.“

    ادا هاشم سان ملاقات کي مختصر ڪري ڀاءُ سالم ڪمپني ڏني ۽ پنهنجي ڳوٺ گهمائڻ لاءِ چيائين. مون به ادا سالم کي جواب ڏيڻ مناسب نه سمجهيو. ۽ ساڻس سندس موٽرسائيڪل تي سوار ٿي سندس ڳوٺ وياسين. ادا سالم جي جاءِ تي پهچي ڀاءُ سالم به ميزباني جو حق بجا آڻڻ لڳو پر سالم کي چيم ڀاءُ ادا هاشم وٽ ڪافي کاڌ پيت ٿي، پيٽ ۾ هاڻي وڌيڪ گنجائش نه رهي آهي ان ڪري ڪولڊ ڊرنڪ تي اڪرام کي مختصر ڪريو. ڀاءُ سالم منهنجي دل رکي ائين ئي ڪيو، ڪافي وقت تائين قربائتيون ڪچهريون ڪندا رهياسين ۽ اندر جا حال هڪٻئي سان اوريندا رهياسين. ڀاءُ سالم کي جڏهن خبر پئي ته منهنجو شورا قبيلي ۾ علڻ پاڙو آهي ته وڌيڪ خوش ٿيو ۽ ٽِڙِي پيو ۽ ٻڌندي ئي چيائين ڀاءُ فهيم منهنجو چاچي حاجي عبدالله جي ته علڻ وارن سان چڱي ڏيٺ ويٺ آهي. نه صرف ايترو پر چاچا ته پاڻ کي علڻ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو رهندو آهي. ڀاءُ سالم سندس چاچي سان ملائڻ جي حب ڏيکاري ۽ اهڙي طرح اسان ٻئي سالم جي چاچي حاجي عبدالله شوري سان ملي خوب ڪچهري ڪئي.
    حاجي عبدالله شوري سان ڪچهري بعد واپس ادا هاشم وٽ آياسين. ادا هاشم جي جاءِ جي ڀرسان پراڻي مشهور ”ڍول هوٽل“ تي گڏجي چاءِ به پيتيسين. ڪنهن وقت ادا هاشم جي چواڻي ته ڍول هوٽل جو وڏو عروج هوندو هو. هتي ادا سالم جي ڪافي رشتيدارن، دوستن سان ميل ملاقات جو شرف به حاصل ٿيو جنهن ۾ علي شورو، سندس ڀاءُ سهيل شورو، علي شورو جو والد صاحب ۽ ٻين سان ملاقات ٿي.
    ڀاءُ هاشم، ادا سالم، ادا علي ۽ ٻين دوستن سان ايڏو ته لطف، مزو ۽ پنهنجائپ جو احساس مليو جو وقت گذرندي دير ئي نه گذري. رات جا تقريبن ڏهه اچي ٿيا. آخر ڪار ملاقاتن جي سلسلي کي ختم ڪري سڀني دوستن يارن کان موڪلايم. ادا هاشم کي به حيدرآباد هلڻو هو جو کيس صدر حيدرآباد ۾ ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکارڻو هو. ادا هاشم ۽ آئون سالم ۽ علي شوري کان موڪلائي حيدرآباد پهتاسين. صدر حيدرآباد ۾ ادا هاشم سان تيستائين گڏ هئس جيستائين پاڻ ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرائي ڪلينڪ کان ٻاهر نڪتو. پوءِ دعا سلام ڪري موڪلايوسين. مون کي برادرم وسيم جي جاءِ حيدرآباد تي وڃڻو هو. آئون اوڏانهن نڪري پيس ۽ ادا هاشم پنهنجي جنم ڀوميء ڪوٽڙي ڏانهن نڪري پيو. اهڙي طرح سان ادا هاشم، ڀاءُ سالم وٽان ڀيرو ڀڃڻ جو خوب مزو ۽ لطف آيو.

    ڪوٽڙي جي ننڍڙي سفر کي هن بيت سان تمت بالخير ڪريان ٿو.
    ”نه گهرجن غير جا هيرا جواهر،
    اسان لئه سنڌ جي مِٽي سُٺي آ.“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مختصر پر سهڻو سفرنامو وڻيو

    اوهان جي لکڻ جو ڏانءُ به وڻيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    مهرباني سائين سليمان وساڻ صاحب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو