... هوءَ واقعي بي نظير هئي - فهيم فدا شورو اها ڳالهه حقيقت آهي ته جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام هميشه ڏوهن، گناهن ۽ پاپن کي جنم ڏنو آهي. نه ڪڏهن انهي نظام جو خاتمو آيو آهي ۽ نه ئي انهي ۾ ڪا گهٽتائي. ڏسڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته اهو نظام “پنهنجي ترقي” تي ڏينهون ڏينهن گامزن آهي. اهو نظام ئي آهي جنهن پنهنجي حسين ۽ خوبصورت سماج کي “ڪربلا” جو ويس ڍڪايو آهي. انهي نظام ئي مظلومن جي گهرن ۾ ماتم، روڄ راڙو، آهون ۽ دانهون معمول بنائي ڇڏيون آهن. انهي نظام ڪائنات جي خوبصورتي کي رت سان رڱي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري خوني رت جي سيلاب ڳوٺن جا ڳوٺ، شهرن جا شهر ۽ ملڪن جا ملڪ پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي نيست و نابود ڪري هميشه هميشه لاءِ دنيا جي تختي تان ئي ميساري ڇڏيا آهن. جڏهن به انهي نظام جي خاتمي لاءِ ڪو آواز اٿيو آهي ته انهي کي دٻايو ويو آهي. پوءِ اهو آواز مخدوم بلاول جي صورت ۾ هجي يا شاهه اسماعيل شهيد جي شڪل ۾، شهيد سورهيه بادشاهه جي صورت ۾ هجي يا شهيد شاهه عنايت جي شڪل ۾، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شڪل ۾ هجي يا شهيد مير مرتضيٰ ڀٽي يا وري شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شڪل ۾ هجي. هر وقت ۾، هر دؤر ۾ انهي آواز اٿاريندڙ زبان کي پاڙان ئي پٽيو ويو آهي. ڇوته هتي سچ کي وڏو ڏوهاري بنايو وڃي ٿو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ناحق قتل جي صورت ۾ تازي ظلم حجاج بن يوسف جي ڪرتوتن جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي. حجاج کي مرندي ورهيه گذري ويا آهن پر سندس سوچ، فڪر اڄ به جيئندو پيو اچي. جيڪو ڪڏهن ترخانن، ڪڏهن ارغونن، ڪڏهن مددخانن يا ڪڏهن ٻين جي صورت ۾ دنيا جي سامهون ايندو رهيو آهي. انهي سوچ ۽ فڪر ئي اسان کان واديءَ مهراڻ جي حسين راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کسي ورتي آهي، جنهن تي اڄ نماڻا نيڻ بادل بنجي برسي رهيا آهن، جيءُ جهري پيا آهن، هر معصوم جي ڳلن تان لڙڪ لارون ڪري لڙي رهيا آهن، هزارين خواب اڌورا رهجي ويا آهن. شهيد راڻي بينظير ڀٽو پاڻ سان گڏ اسان کان پنهنجي خوابن ۽ اميدن کي به کڻي اهڙي ڏيهه ڏي راهي ٿي آهي جتان اڄ ڪوبه ڪونه وريو آهي. شهيد راڻي قصور به ڪهڙو ڪيو هو؟ هُن ته هن پاپي سنسار کي بدلائڻ ٿي چاهيو. هن ته انهن ظالمن سان مهاڏو اٽڪائڻ ٿي چاهيو جن عوام ۽ مظلوم ماڻهن کي يرغمال بڻائي رکيو هو. پر افسوس جو زندگي ساڻس وفا نه ڪئي ۽ موت کي پنهنجي آغوش ۾ هميشه هميشه لاءِ سمهاري ڇڏيو. بيشڪ هوءَ جمهوريت بنجي آئي هئي، اها جمهوريت جيڪا کيس ورهين کان ورثي ۾ ملي هئي. پر هاءِافسوس جو کيس بيحد ئي بيدردي سان موت جي مُنهن ۾ ڌِڪيو ويو. شايد هن ڪري جو هوءَ عوام جو آواز هئي. هوءَ قوم جو اڪيلو آسرو ۽ اميد هئي. هوءَ امن ۽ شانتي جي ديوي هئي ۽ بس. هر ساڃاهه وند ذهن ۾ هن سوال جو اڀرڻ لازمي ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ امن جو پکي آخر ڪيستائين ائين بي دردي سان ڪُٺو ويندو؟؟؟ پر ياد رکڻ گهرجي ته ؛ “نا اهل” اسان جو مالهي آ، گل گلشن جو اڄ ڇا ٿيندو؟ “بدذوق” جي هٿ ۾ باغ رهيو، معصوم گُلن جو ڇا ٿيندو؟ “ڪانوَن” کي اجازت “ڪان ڪان” جي، بلبل جي صدا تي آ بندش، هر شاخ تي “چٻرو” ويٺو آ، انجام گُلستان ڇا ٿيندو؟ اَٺَ (8) سال گذرڻ باوجود به شهيد راڻي جي ناحق قتل جي تحقيق اڄ به مونجهارو بڻيل آهي جيڪا رفته رفته شهيد راڻي جي ڪيس ٻوڙڻ جي سنئين سِڌي سازش آهي. الله ائين مَ ڪري شال، جو جهڙي ريت شهيد مير مرتضيٰ ڀٽي جو ڪيس پنهنجي حل لاءِ ايامن کان انتظار ۾ آهي، تيئن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ڪيس به لُڙهي نه وڃي، ڇو ته ؛ اسين اونداهه جا عادي، اسين سڀ رات جا راهي، اسان کي هاڻ يارو ڪنهن “ضياءَ” تي ڀروسو ڪونهي. آخر ۾ اسان جي اعليٰ اختيارين کي دردمندانه اپيل آهي ته، اکين تي پٽيون نه ٻڌيون وڃن، اکٻوٽ وارو روزو ٽوڙيو وڃي. جيڪڏهن ملڪ ۾ امن امان بحال ڪرڻو آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ هر دهشتگردي جي بي نقاب ٿيل چهرن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن اڳتي لاءِ ڪنهن به ونيءَ جو وَرُ گهائل نه ٿئي، ڪنهن به جيجل جي هنج خالي نه ٿئي، ڪنهن به عورت جو سُهاڳ نه لُٽجي، ڪنهن به معصوم جي سِر تان والدين جي شفقت جو پاڇو نه هٽي، ڪوبه پنهنجي اباڻن ڪَکَن مان نه لوڌجي، ڪوبه پنهنجي ڌرتيءَ تان دُور نه ڌِڪجي.
تمام سٺو لکيو اوهان..پر توهان سمجهو ٿا پاڪستان جي موجوده نظام ۾ اھو ممڪن آھي؟ جنهن نظام ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي شخصيت کي ڦاسي ڏني وڃي؟ جتي مير مرتضا جهڙي ڳڀرو نوجوان کي سري عام شھيد ڪيو وڃي؟ جتي بينظير جھڙي بهادر راڻي کي شهيد ڪيو وڃي؟ جتي بشير خان قريشي جهڙي بهادر کي شھيد ڪيو وڃي ۽ نه انصاف ملي نه ئي ڳالهائڻ ڏنو وڃي..اسان صرف سياستدانن کي گاريون ڏيڻ ۾ رڌل هجون جڏنهن ته اصل قاتل ۽ طاقتور ڌريون اسان کي ائين ڪندي ڏسي تاڙيون وڄائيندا هجن..جتي احتساب جي نالي تتي به جوا ٿيندي هجي ۽ دام لڳندا هجن؟ جتي ڪي به برابري جا حق نه ڏنا وڃن؟ هڪ سوال آھي