شعور جي ايوان ۾ پلجندڙ “شاعري” تي هڪ نظر - فهيم فدا شورو انسان کي خدا جي بخشش ڪيل خاص عطائن ۾ حواس خمسه (پنج حواسن) کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي نعمتون شامل آهن، جن کي “رئيس عضون” کان به وڌيڪ اهميت حاصل آهي. اهي نعمتون دماغ جي عقل واري ڪابينا جا سينيئر صلاحڪار، مُشير، وزير ۽ ڀروسي جوڳا ڀرجهلا آهن. جهڙوڪ عقل، شعور، ادراڪ، ذهانت، ذڪاوت، فهم، فراست وغيره. انهن مان هر هڪڙي کي الڳ شعبو قرار ڏجي، يا هڙيئي هڪ ئي شعبي جا ميمبر شمار ڪجن ته بجا ٿيندو. جيئن ته منهنجو اڄ جو موضوع شعور جي “شعوري دائري” جو جائزو وٺي ان مان پلجي، نپجي نروار ٿيندڙ شاعري آهي. ان ڪري طوالت کان گُريز ڪندي موضوع جي مناسبت سان گُفت و شُنيد ڪبي. شاعري نه رڳو شعور جي پيداوار آهي پر سالن تائين شعور جي هنج ۾ رهي، پرورش پائي، احساسات جي آڌار تي، پختگي حاصل ڪري، پوءِ الهامي روپ ۾ انسان جي دل تي وارد ٿي، زبان مان ظاهر ٿئي ٿي ته، ان کي “ڪتابي صورت” ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ قلم جُنبش ۽ حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ان کي سهيڙي سموهي، لفظن جي لڙهيءَ ۾ پوئي، پنن تي پکيڙيندڙ شاعر، دفترن جا دفتر، ڪتابن جا ڪتاب لکي دنيا آڏو پنهنجي شعور جي خزاني کي “شاعريءَ جي مڪتوبي ويس” ۾ پيغام طور پهچائين ٿا. شاعري، لاشعور جي “تحت الثريٰ” مان نڪري، هڪ ئي پرواز سان شعور جي “ايوان بالا” جي بلند مينارن کي ڇهي، تصوراتي دنيا جو طائرانه سير ڪري، سنواريل سڌاريل سٽن ۾ “دل جو آواز” ٿي ظاهر ٿئي ٿي. شاعري، جڏهن شعور جي دنيا ۾ داخل ٿئي ٿي ته اتي سندس اک هيءَ ڏسي کُلي پوندي آهي ته، شعوري جهان جو ملڪ ۽ ماحول احساسات جي ڇانيل گهيري ۾ آهي ۽ عقل حواسن مٿان حڪومت ويٺو هلائي. آئون پهرين به عرض ڪري چڪو آهيان ته، انهي عقل جي ئي ڪابينا جا ادراڪ، شعور، فهم، فراست ڄڻ وزير مشير آهن، جن ۾ سينيئر وزير جو عهدو شعور لاءِ “خاص” آهي. ڇوته شعور جي نظرِ عنايت جهڙي ريت ادراڪ سان آهي اهڙي ريت فهم ۽ فراست به هن جي نگاههِ ڪرم کان سواءِ هلي نٿا سگهن. باقي رهيو عقل، سو ته سڀني جو سردار آهي. جيڪڏهن عقل، دماغ واري حڪومت جي ڪابينا ۾ هجي ئي نه، ته پوءِ ٻيا سمورا وزير مُشير ڪنهن به ڪم جا نه رهيا. انهن سڀني وزيرن، مشيرن جي واڳ ۽ لغام عقل جي هٿ ۾ آهي. ڄڻڪه اهو عقل سڀني جو روح بڻيل آهي. باقي ٻيا ان جي وجود ۾ عضون جي حيثيت رکن ٿا. عقل هوندو ئي نه، ته پوءِ سمورن مٿي ذڪر ڪيل وزيرن مشيرن جون ڊيوٽيون ختم ۽ سندن قلمدان منسوخ بنجي وڃن ٿا. پوري ڪابينا ئي ڪَلٽي ۽ ڊسمس ٿيو پوي. منجهائن ڪوبه هٿ نه ايندو. ڪيڏانهن ويو ادراڪ و شعور، ته ڪيڏاهن ويا فهم و فراست. هڙ جا هڙ عقل جي دماغ واري حڪومت مان فرار ٿي سمجهه ۽ سياڻپ جا ست سمنڊ اُڪري “عدم” جي اهڙي بادشاهي ۾ وڃي پناهه گزين ٿين ٿا، جتي انٽرپول ذريعي نه پوليس پهچي سگهي ۽ نه ئي ڪا ٻي فورس جو عمل دخل ٿي سگهي ۽ نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي. شعور جي پيداوار “شاعري” خود هڪ اهڙو اُجهاڳ سمنڊ آهي جنهن ۾ فڪر جي ٻيڙيءَ تي سوار ٿي عوام جي نظرن کان اوجهل ٿي تصور جي دنيا ۾ داخل ٿجي ٿو. هڪ اهڙي دنيا جتي عاشق ۽ معشوق، طالب ۽ مطلوب، قاصد ۽ مقصود ڌاران ٻي ڪا هستي هام ئي نه ٿي هڻي سگهي. انهي وسيع ۽ ويڪري تصوراتي دنيا ۾ عاشق جا سڏ پڙاڏا بنجي گونجڻ لڳن ٿا. پر معشوق “چوڏهين جي چنڊ” جيان پنهنجي چانڊوڪيءَ جي جوت ۽ جلون جا ڏيک ڏيندي به خاموش تماشائي بڻيل هوندو آهي. عاشق پنهنجيون التجائون، آزيون نيزاريون، معشوق جي قدمن ۾ پيش ڪري اميد ڪندو آهي ته، اجهو ٿو سندس عرض اگهامي ۽ سڏڙا صاب پون. پر معشوق اهڙيون سوين التجائون ٻُڌيون اڻ ٻُڌيون ڪري ڪڏهن دم دلاسو، ته ڪڏهن آٿٿ ۽ آسرو، ته ڪڏهن وري “کُتو جواب” ڏيئي عاشق جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيندو آهي. اهڙا اهنج ايذاءَ سر تي سهڻ باوجود به معشوق جون البيلون ادائون عاشق لاءِ خوني خنجر کان به وڌيڪ گهائيندڙ هونديون آهن. اهڙي نازبرداري ۽ نيازبرداري جي ماحول ۾، هڪ طرف نازنين جا هوڏ ڀريا ناز و ادا، ته ٻئي طرف نيازمند عاشق جون نوڙت ڀريون نِگاهون هڪ اهڙي فضا قائم ڪريو ڇڏين، جو اتي وفائن جا وعدا به لڀن ٿا ته جور و جفا ڀريل ڪارونڀار به ڇانيل هوندي آهي. شوخيءَ ڀريون تيز ترين طوفاني هوائون، جهڪون ۽ جهولا به لڳن ٿا ته وري پيار ۽ پاٻوهه، مِيٺ ۽ مُحبت ڀريل ٿڌڙيون هيرون ۽ هوائون به هلڻ لڳن ٿيون. انهي پريمي دنيا ۾ عاشق ڪارين ڪجلين جي تيرن ۽ گهونگهٽ منجهان گهورن جي گهاون جا زخمي به ٿين ٿا ته، وري اهي ئي محبوب زخمن جو مرهم به بنجن ٿا. هجر و فراق جا لمحا به ٻنپهرن جي لڳندڙ لُڪ بنجي عاشق جي دل کي لُوساٽين ٿا، ته وري وصال جي رات جا ميلاپ ڀريا ماڪ ڦُڙا سندس دُوريءَ جي دُکايل دل ۽ اوسيئڙي ۾ واٽون واجهائيندڙ اکين جو ٺار به بنجن ٿا. ڪنهن ڪَويء (شاعر) جي ڪويتا (شاعري) نه رڳو محبت پر زندگي جي هر شعبي بابت خواهشن ۽ احساسن کي اُجاگر ڪري اُتساهه ڏئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سڪ، پريت يا سونهن جي ساراهه سمايل نظم به شاعري آهي، ته ڏُک سک جا احوال، پنهنجا حق ڇني وٺڻ، پنهنجي قومي حيثيت مڃرائڻ، پنهنجي حسب نسب جي سڃاڻپ ڪرائڻ، ڪِرت ۽ ڪاروهنوار جي مذڪور کي منظوم ڪرڻ، ديش جي هاريء ناريء، ڪمي ڪاسبي، ڌرتي، مندن موسمن، فصلن ٻُوٽن، گاهن گسن، گُلن گُلزارن، ماڳن مڪانن، سماج ۾ اهنج انيائن، ظُلم زورين خلاف بيتن جي صورت ۾ بم ڀرڻ، ٻني ۽ ونيءَ، لوئي ۽ لڄ، ننگ ۽ دنگ جي لڄ ۽ ڀرم رکڻ، ساڻيهه جي سڪ، اباڻن ڪکن جي اُڪير، سانگين جي ساروڻين، پنهنجن سان پريت ۽ پيار، ڌارين کان ڌِڪار، قومي حقن تي ڌاڙا هڻندڙ “ديش دروهن” سان منظوم مقابلو ڪرڻ به شاعري آهي. آزادي ۽ انقلاب، تبديلي ۽ ترقي جو نئين نسل ۾ جذبو جاڳائڻ به ته شاعري آهي. ڇوته، شاعري ادب جو هڪ وسيع ۽ گهڻ پاسائو ميدان آهي. شايد انهيڪري ئي شاعري کي مختلف بابن، فصلن، عنوانن ۽ موضوعن ۾ ورهايو ويو آهي. جهڙوڪ حمديه، نعتيه، مدحيه، عشقيه، مرثيه، هجويه، اصلاحي، انقلابي، مزاحمتي، مذمتي، واقعاتي، سماجياتي، تاثراتي وغيره. هينئن کڻي چئجي ته زندگيءَ سان لاڳاپيل جيڪي به پهلو، ضرورتون، خواهشون ۽ خيال آهن سي سڀ شاعري جا مختلف باب ۽ شعبا آهن. دنيا جي غلام توڙي آزاد ملڪن ۾ ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڇپيل شاعري کڻي ڏسبي ته اها ضرور يا ته تعميراتي ۽ اصلاحي پيغام ڏيندڙ هوندي يا ته تخريب ۽ فتنه فساد جي احوال سان ڀريل هوندي. يا ته ڪا سڻائي سمايل هونديس يا ته اڻائي ئي اڻائي. يا ته صحتمند سگهاري سوچ سان انسانيت کي سنواريندڙ هوندي يا ته روڳ ڀريل حيواني جذبن ۽ خواهشن سان ٽمٽار. شاعر پنهنجي موضوع سان ڪيترو انصاف ڪري ٿو اهو پنهنجي موضوع جو پاڻ منصف هوندو آهي.