… تڏهن گيت اندر ۾ ٺهندو آ (شاعري)

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهيم فدا شورو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2016۔

  1. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    محترمه بينظير ڀُٽو شهيد کي خراج عقيدت
    فهيم فدا شورو

    اڄ نيڻ وري ڪي برسن ٿا،
    هت جيءَ وري ڪي پڄرن ٿا،
    معصوم ڳلن تي رقص ڪري،
    اڄ لُڙڪ وري ڪي لڙڪن ٿا.

    انسانيت اَڌَ ڪري،
    ڪي قهري ڪڙڪِي سچ سِري،
    ڏِس ظالم ڪهڙا ظلم ڪري،
    معصوم هزارين مات ڪري،
    ڪا ظلم جي ڪاري رات ڪري،
    ڪو ”بس ڪريو“ ڪا بات ڪري،
    پيو ظلم گهٽين ۾ رقص ڪري،
    تڏهن ڀِٽَ ڌَڻيءَ کي ڊوهي ڏيئي،
    هيءَ سنڌ رڙيو ٿي رويو چئي،
    ”بي موت جڏهن ڪو مرندو آ،
    تڏهن گيت اندر ۾ ٺهندو آ.“

    مون هوشو بنجي رت ڏنو،
    مون دودو بنجي ستُ ڏنو،
    مخدوم بلاول بنجي مون،
    ڪنهن گهاڻي کي ڪو گهٽُ ڏنو،
    مون ڀٽو بنجي ڀُونءَ انهيءَ ۾،
    ”ذُلفي پنڪي“ صورت ۾،
    مون راڻي بنجي رتُ ڏنو،
    جڏهن قاتل ليگين قهر ڪيو،
    تڏهن روئي مون ٿي هينئن چيو،
    ”جڏهن سُولي تي سچ چڙهندو آ،
    تڏهن گيت اندر ۾ ٺهندو آ.“

    ڏِس کِير کريو ڪو منهنجو هو،
    سو صادق جعفر بنجي هو،
    پيو پنهنجا ڳولي ماري هو،
    هت ڌارين کي جو ڌاري هو،
    اڄ ڪوس ڪري ٿو منهنجو هو،
    تڏهن روئي روئي پنڪي ڪا،
    هڏڪيون ڏيئي ساهه ڏيئي،
    ڄڻ مون کي ڪو ويساهه ڏيئي،
    هينئن چوندي سا آڪاسَ وَئي،
    ”جڏهن باغي ڦاهي چڙهندو آ،
    تڏهن گيت اندر ۾ ٺهندو آ.“

    * صادق مان مراد مير صادق غدار وطن
    * جعفر مان مراد مير جعفر غدار وطن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو