ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو تاريخي پسمنظر _ فهيم فدا شورو انهي ڳالهه ۾ سورنهن آنا صداقت آهي ته آزادي قدرت طرفان نه صرف هڪ انمول تحفو آهي. پر هڪ عظيم نعمت پڻ آهي. انهي عظيم نعمت لاءِ قرآن مجيد جي سورت القصص جي رڪوع نمبر 5 ۾ لفظ “مَنّ” آندو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي “احسان”. اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان پروڙ پوي ٿي ته جڏهن سورت النصر (اِذَا جَاءَ نصرُاللهِ وَالفَتحُ) نازل ٿي جنهن ۾ فرمايو ويو ته اي نبي! جڏهن الله جي طرفان مدد ۽ فتح ايندي ته تون ڏسندئين ته ماڻهو ٽولن جا ٽولا، لشڪرن جا لشڪر بڻجي الله جي دين ۾ داخل ٿيندا. انهي ڳالهه جو اشارو فتح مڪه سن 8 هجري طرف هو. ڇاڪاڻ جو جڏهن فتح مڪه ٿي ته ماڻهو ٽولن جا ٽولا، جماعتن جون جماعتون ٿي ڪري الله جي دين ۾ داخل ٿيندا ويا. انهي سورت ۾ “مڪي جي فتح” کي “نصر الله والفتح” سان تعبير ڪيو ويو آهي ۽ اها حقيقت آهي ته دين اسلام کي جيڪا تقويت مڪي جي فتح بعد ملي اها هن کان پهرين ڪڏهن نه ملي سگهي هئي. ڪنهن به خطي، علائقي، ملڪ يا ديس ۾ مذهبي آزادي ۽ اعلاءِ ڪلمة الحق يعني حق ۽ سچ جي آواز کي بلند ڪرڻ تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن اهو خطو، علائقو، ملڪ يا ديس مڪمل طرح آزاد هجي. اتي جا رهواسي بااختيار ۽ آزاد هجن. ڪنهن جي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل نه هجن. ان مان معلوم ٿيو ته ملڪي آزادي کان سواءِ مذهبي آزادي ماڻڻ مشڪل آهي. 14 آگسٽ جو ڏينهن اسان جي لاءِ محظ وات مِٺو ڪرڻ جو قومي ڏينهن نه آهي پر انهي سڀاڳي ڏينهن دنيا جو ننڍو کنڊ برصغير ڌارئي انگريز جي چنبي مان مڪمل طرح آزاد ٿيو. انهي ڏينهن هتي جا رهواسي بنا ڪنهن دين ڌرم، ذات پات، رنگ نسل جي مڪمل طرح آزاد ٿيا. آزادي جي هلچل دوران اسان جي وڏڙن بيپناهه قربانيون ڏنيون. سندن ڏنل قربانين سان پوري تاريخ ڀري پئي آهي. انهي آزادي جي چاشني چکڻ خاطر ڪئين پروانه تخته دار چڙهي ويا. ڪيترن ئي جان نثارن پنهنجي ديس جي خودمختياري خاطر ڦاسي جي ڦندن کي وڏي جرئت، بهادري، دليري ۽ حوصلي سان گلي لڳايو. ڪيترائي قيد و بند جون صعوبتون ۽ سختيون سهندي سهندي جام شهادت نوش فرمائي ويا. برطانيه سامراج ۽ سندن حوارين طرفان آزادي جي جوش ۽ جذبي تي پاڻي ڦيرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. برصغير جي چوٽي جي ليڊرن ۽ اڳواڻن کي طرحين طرحين جون لالچون آڇيون ويون، منجهن فرقيواريت جو ٻج ڇٽيو ويو، غلط فهمين کي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا ويا. مٿن هر قسم جي ظلم و ستم جا پهاڙ ڪيرايا ويا. شهيدن جي لاشن کي وڻن ۾ ٽنگرائي لاشن جي جڳهه جڳهه بيحرمتي ڪئي وئي. نياڻين ۽ عورتن جون عصمتون ۽ عزتون پائمال ڪيون ويون. مذهبي ، سياسي، سماجي اڳواڻن تي طرح طرح جون سختيون ڪيون ويون. مطلب ته پوري برصغير کي رت جو ريج ڏيئي آزادي جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهي سمورا هربا هن مقصد خاطر هلايا ويا ته جيئن برصغير جي باشندن جي گردنن ۾ نسل در نسل غلامي جا طوق ۽ زنجيرون جڪڙيل ئي رهن. پر اها برطانيه سامراج ۽ انهن جي حمايتين جي غلطي هئي. ڇاڪاڻ ته هي خطو هاڻي بيدار ٿي چڪو هو. منجهن آزادي جو عزم، جوش ۽ جذبو گهٽجڻ جي بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو. اهو ئي ته عزم هو جو جڏهن مهاتما گانڌي کان هندستان جي سرزمين تي پيرين اگهاڙي هلڻ جو پڇيو ويو ته پاڻ ورندي ڏيندي چيائين ته، “هندستان جي سرزمين کي شهيدن پنهنجي خون سان رڱي ڇڏيو آهي، گانڌي نٿو چاهي ته هو هن پاڪ ڌرتي کي، جنهن کي شهيدن پنهنجي رت جو ريج ڏنو آهي، جوتين سان هلي پليت ڪري.” امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي کان زندگي ڀر مٿي اگهاڙي رهڻ جو جواز پڇيو ويو ته پاڻ فرمايائون ته “هن وقت اسان جي پڳ انگريز ڌارئي وٽ آهي. جيستائين گورو انگريز هتان نٿو لوڌجي عبيدالله سنڌي مٿي تي پڳ نه پائيندو.” ان وقت هر باشندي جو نصب العين ۽ زندگي جو مقصد پنهنجي ڌرتي تان انگريز ڌارئي کي لوڌي ڪڍڻ هو. ملڪي آزادي ماڻڻ ۽ ڌارئي انگريز کي لوڌي ڪڍڻ جي نقطي تي ئي شروع شروع ۾ جمعيت علماءِ هند، شاهه ولي اللاهي تحريڪ، ندوة العلماءَ، انڊين نيشنل ڪانگريس متفقانه طور گڏيل تحريڪ هلائي جنهن کي 1857ع جي آزادي جي جنگ سڏيو وڃي ٿو. انگريز بزدل انهي جنگ کي “جنگِ غدر” سان تشبيهه ڏني. آزادي جي انهي جاکوڙ ۾ جتي مظلومن جي گهرن ۾ ماتم، روڄ راڙو، آهون ۽ دانهون معمول بڻيل هيون، جيجلن جون هنجون خالي بڻيل هيون، ڪئين ڪونڌر ڪُسجي رهيا هئا، ونين جا وَر ۽ عورتن جا سُهاڳ لُٽجي رهيا هئا. اتي رياستن جا راجا، نواب ۽ حاڪم به انگريز جي ظلم کان بچيل نه هئا. بنگال جي حاڪم نواب سراج الدوله جي ناني نواب علي وردي خان انگريز جي خلاف 1754ع ڌاري جنگ وڙهي. نتيجي ۾ انگريز ڌارئي کي ڪلڪته جي ڊائمنڊ هاربر Diamond Harbour ۽ فورٽ وِليم Forte William تان هٿ ڌوئڻا پيا. انهي جنگ کي تاريخ ۾ آزادي جي پهرين جنگ سڏيو وڃي ٿو. نواب علي وردي خان کان پوءِ نواب سراج الدوله برطانيه سامراج طرفان پلاسي جي جنگ دوران دارالسلطنت مرشد آباد ۾ 1757ع ڌاري شهيد ڪيو ويو. انهي کان علاوه ڌارئي انگريز خلاف راڻي لڪشمي ٻائي عرف جهانسي جي راڻي به وڙهي. نواب حيدر علي خان ۽ نواب فتح علي خان عرف ٽيپو سلطان انگريزن سان چار وڏا معرڪا ۽ لڙايون ڪيون. جن مان ٽن معرڪن ۾ انگريز کي بدترين شڪست ملي ۽ چوٿين لڙائي ۾ انگريز پلاند ڪندي نواب ٽيپو سلطان کي شهيد ڪري ڇڏيو. اهو هو برصغير جي آزادي جو نقشو، جيڪو اوهان جي سامهون پيش ڪيم. آئون پهرين به عرض ڪري چڪو آهيان ته شروع شروع ۾ برصغير جا رهواسي بنا ڪنهن دين ڌرم، ذات پات، رنگ نسل جي ڌارئي انگريز کي نيڪالي ڏيڻ ۾ همه تن ڪوشان هئا. ان ۾ مسلمان، هندو، سک ٻُڌ مت سڀ جا سڀ سرگرم عمل هئا. پر جڏهن تحريڪن جي نتيجي ۾ انگريز ڌارئي جي چيلهه چٻي ٿي پئي، سموري ڌرتي مٿس تپڻ لڳي ۽ هاڻي وڌيڪ هن ڌرتي تي رهڻ سندس لاءِ مشڪل نه پر محال پڻ بنجي چڪو. ان وقت بزدل انگريز برصغير مان نڪرڻ لاءِ پويان پير ڪري ڀڄڻ جا سانباها ۽ اٽڪلون ڪرڻ لڳو. انگريز جو جڏهن برصغير جي ڌرتي تي جيئڻ جنجال ٿي پيو. ان وقت برصغير جي مسلمانن محسوس ڪيو ته برصغير مان انگريز سامراج جي نڪري وڃڻ سان پوري ملڪ تي هندو سامراج مسلط ٿي ويندو ۽ مسلمان جيئن جو تيئن غلامي ۾ ئي جڪڙيل رهندا. ان ڪري ڇو نه مسلمانن جي لاءِ هڪ الڳ رياست حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي. اهو سوچي برصغير جي مسلمانن 1906ع ڌاري ڍاڪا ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو بنياد وجهي مسلمانن جي لاءِ الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. آهسته آهسته آل انڊيا نيشنل ڪانگريس مان مسلمان الڳ ٿي مسلم ليگ جوائن ڪندا ويا. تان جو برصغير جي تختي تي مسلم ليگ هڪ تحريڪ جي صورت ۾ اڀري آئي. مسلم ليگ ۾ محمد علي جناح 1913ع ڌاري ۽ علامه محمد اقبال 1930ع ڌاري شرڪت ڪئي. مسلم ليگ کي ڪامياب بنائڻ ۾ مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي جوهر، شمس العلماءَ مولانا شبير احمد عثماني، مولانا اشرف علي ٿانوي ۽ سندن خليفا، نواب وقار الملڪ، نواب محسن الملڪ، آغا خان، سر سيد احمد خان، علامه محمد اقبال، حسن علي آفندي، قائد اعظم محمد علي جناح ۽ ٻين اهم ڪردار ادا ڪيو. اڳتي هلي 23 مارچ 1940ع ڌاري لاهور ۾ مسلم ليگ طرفان هڪ قرار داد پيش ڪئي وئي. جنهن ۾ چيو ويو ته “مسلمان ۽ هندو ٻه الڳ الڳ قومون آهن. جيئن ته سندن دين ڌرم، رسم و رواج مختلف آهن تنهن ڪري اهي گڏ رهي نٿا سگهن. لهاذا برصغير جي مسلم اڪثريتي علائقن کي پاڻ ۾ ملائي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ملڪ قائم ڪيو وڃي.” انهي قرارداد کي تاريخ ۾ “قرارداد پاڪستان” سڏيو وڃي ٿو. هاڻي سمورا مسلمان پاڪستان جي حصول لاءِ ميدانِ عمل ۾ سرگرم ٿي پيا ۽ جڳهه جڳهه آواز گونجي رهيا هئا. “لي ڪي رهين گي پاڪستان”، “پاڪستان ڪا مطلب ڪيا، لا الھ الا الله.” آخرڪار برطانيه سامراج 6 جون 1947ع تي هندستان کي ٽوڙڻ تي راضي ٿي ويو. اهڙي ريت برطانيه سامراج طرفان مقرر ٿيل هندستان جي آخري وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن 14 آگسٽ 1947ع تي برصغير کي ورهائيندي مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ اسلامي جمهوريه پاڪستان جو اعلان ڪيو. اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ مسلم اڪثريتي صوبن سنڌ، بلوچستان، پنجاب، سرحد (موجوده خيبرپختونخواهه)، ڪشمير، بنگال (موجوده بنگلاديش) شامل ڪيا ويا. پاڪستان جو نالو چوڌري رحمت علي تجويز ڪيو. پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل قائد اعظم محمد علي جناح مقرر ٿيو. اهڙي ريت قدر جي ڀلاري رات دنيا جي نقشي تي مسلمانن لاءِ اسلامي جمهوريه پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو.
سائين هي ته اُھا ئي ڪتابي ڪهاڻي آھي جنهن کي ننڍپڻ کان ڪتابن ۾ پڙھندا پيا اچون تنهن کي اوهان ڏاڍو خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو. پر دل اڃا تائين مطمئن نٿي ٿئي ائين لڳي ٿو ڪهاڻي اڃا ڪا ٻي آھي اصلي ڪردار جن جدو جهد ڪئي انهن جو ذڪر ئي نٿو اچي. ڇا اوهان مطمئن آھيو؟
ادا پاڪستان مذهب جي بنياد تي قائم ٿيندڙ پهرين رياست هئي. هن کان پهرين ڪو به ملڪ مذهب جو بنياد بڻائي وجود ۾ نه آيو هو. انٽرنيشنل سرمائيداري ۽ جگيرداري نظام جو پاڪستان قائم ڪرڻ جو اصل مقصد پسِ پرده مذهب جي آڌار تي رياست قائم ڪرڻ هو. اوهان تاريخ جو مطالعو ڪريو 47ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو آهي ۽ 48ع ۾ اسرائيل قائم ٿيو آهي. انهي حقيقت کان واقف ٿيڻ لاء هن سائيٽ تي منهنجي تحرير ٻه قومي نظريو ۽ اسرائيل جو قيام پڙهي سگهجي ٿو. ……… برصغير ۾ پهرين مسلمان ۽ هندو بنا ڪنهن دين ڌرم، ذات پات رنگ نسل جي انگريز ڌارئي کي لوڌڻ لاء همه تن ڪوشان هئا.………… اچانڪ دو قومي نظريي جي ڍنڍوري پاڪستان جي پُشت مضبوط ڪري ورتي، ۽ افسوس جو جنهن نظريي تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جو وجود عمل ۾ آيو، اهو نظريو وري غير اسلامي نظريو؟ غير اسلامي نظريي جي بنياد تي اسلامي رياست جو وجود ڪيئن ٿو عمل ۾ اچي سگهي؟ ۽ ٻيو ته پاڪستان جن صوبن تي ٺاهيو ويو اهي ان وقت به مسلمانن جي اڪثريت وارا صوبا هئا ۽ اتي جا گورنر ۽ واڳ ڌڻي مسلمان ئي چونڊجي ايندا هئا. انهي لاء اوهان منهنجون ٻه قومي نظريي بابت تحريرون سنڌ سلامت جي هن سائيٽ تي پڙهي سگهو ٿا جيڪي اوهان کي ڪافي قدر حقيقتن کان ضرور واقف ڪنديون. ٻه قومي نظريي کي 11 آگسٽ 1947ع تي جيڻا محمد علي رد ڪري ڇڏيو هو. محمد علي جهرڪ ٺٽه جو خوجو هو، سندس پيءُ پونجو جيڻو آغا خان جي حوارين مان هڪ حواري هو. خوجن ۾ ڏٻري ۽ ڪمزور بدن جي ڪري پونجي جي خاندان وارن کي جيڻا ڪري سڏيندا هئا، جنهن کي پوء جناح جا کنڀ لڳايا ويا.
ادا منهنجا حقيقت سامهون هوندي به جيڪو اکيون ٻوٽي ان کي سمجهاهيڻ تمام ڏکيو هوندو آهي، انگريزن کي ڪو مسلمانن جو لاچار ڪون هو جو پاڪستان جي نالي تي هي جوڙي ڏنائون ان پويان وڏي سازش هئي جيڪا وقت سان گڏ پڌري ٿيندي پئي وڃي، پاڪستان ٺاهيو ان مقصد لاءِ ويو ته ڏکڻ ايشيا جا ملڪ ترقي نه ڪن رڳو پاڻ ۾ وڙهندا رهن سو اهو جاري آهي يهودين جو به لاچار نه هو عيسائين کي پر وچ اوڀر تي به پالتو رکڻون هو.