عبدالله جماريءَ جو ناحق خون

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهيم فدا شورو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2016۔

  1. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    هڪ سچو واقعو
    عبدالله جماري جو ناحق خون
    _ فهيم فدا شورو

    هي ڳالهه حقيقت آهي ته جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام هميشه ڏوهن، گناهن ۽ پاپن کي جنم ڏنو آهي. نه ڪڏهن انهيءَ نظام جو خاتمو آيو آهي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا گهٽتائي آئي آهي. ڏسڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته اهو نظام ڏينهون ڏينهن ”پنهنجي ترقي“ تي گامزن آهي. اهو نظام ئي آهي جنهن پنهنجي حسين ۽ خوبصورت سماج کي ڪربلا جو مقام ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ نظام جي ڪري ئي مظلومن جي گهرن ۾ ماتم، رڙيون ڪوڪون، آهون دانهون، گولين جا گهوگهاٽ معمول بنجي ويو آهي. انهيءَ نظام ڪائنات جي خوبصورتي کي رت سان رڱي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري روڊن تي رت، رستن تي رت، مڪانن تي رت، دڪانن تي رت، ماءُ جي جهوليءَ ۾ رت، ڀيڻ جي پوتيءَ تي رت، ڀاءُ جي چادر تي رت، رڳو رت ئي رت آهي. ڇا اهو رت مردار وحشي ڦاڙيندڙ جانورن جو آهي؟ نه نه!! اهو رت انسانيت جو رت آهي جنهن جي وهڪري ڳوٺن جا ڳوٺ، شهرن جا شهر، ملڪن جا ملڪ نيست و نابود ڪري دنيا جي تختي تان ئي ميساري ڇڏيا آهن.
    هتي به پڙهندڙن لاءِ ڪجهه اهڙو درد ڀريو داستان لکجي ٿو جنهن کي ٿيندي ته تقريبن 10 کان 12 سال گذريا آهن پر انهي واقعي تي هر آلي ٿيندڙ اک لاءِ ڪلهه جي ڳالهه آهي.
    اهو درد ڀريو داستان عبدالله نالي ان ويهن سالن جي حسين ڳڀروءَ نوجوان جو آهي جيڪو اسان جي ناناڻي ڳوٺ وڏيري قائم شوري (ميرپور ساڪرو) جي ڀرواري ڳوٺ بيگ جماري جو رهاڪو هو. هي اهو بيگناهه نوجوان هو جنهن هن پاپي سنسار ۾ اڃا ڪي چند پساهه ئي مَس کنيا هئا. هو ته دنيا جي درشن لاءِ آتو رهندو هو. هن ته جيئڻ ٿي چاهيو پر موت کيس پنهنجي آغوش ۾ هميشه هميشه لاءِ سمهاري ڇڏيو. هن ته پيار جي پيچرن تي پنهنجا پير رکي دوستي جا دامن پکيڙيا هئا. هو ته وفائن جي واٽن تي ويندڙ هڪ واٽهڙو هو. هن ڏوهه به ڪهڙو ڪيو هو؟ جنهن جي بدلي هن کي جانورن ڪتن، ٻلن وانگر موت جي ننڊ سمهاريو ويو. ها! هن ڏوهه صرف اهو ڪيو هو ته هو هن پاپي سماج ۾ مسڪين ۽ غريب هو. غريبي کيس ورثي ۾ ملي هئي. غربت ۽ مسڪيني جي ڪري هن پنهنجي چُلهه کي اجهاميل ڏسي اندر مان ضرور ڪا آهه ڪڍي هوندي جيڪا ست آسمان، لوح، ڪرسي چيري سڌو رب پاڪ وٽ پهتي هوندي جنهن پنهنجي هن بيگناهه ٻانهي کي پاڻ وٽ گهرائي دنيا جي ظلمن، ايذائن، تڪليفن کان هميشه هميشه لاءِ نجات ڏياري ڇڏي.
    انهي غربت ۽ مسڪيني جي ڪري هن کي ڪڏهن به ڪو سک نصيب نه ٿيو. عبدالله هن دنيا ۾ اچي ڪري ڏٺو به ڇا هو؟ جي ڪجهه ڏٺا به هئائين ته اهي ڏک هئا جيڪي ڪڏهن ظالم سماج جي صورت ۾، ڪڏهن بيروزگاري جي صورت ۾، ڪڏهن فاقن جي شڪل ۾. ۽ بس. انهي غربت مسڪيني کيس سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو. هو مزدوري ڪندو هو، جنهن سان پنهنجي، پنهنجي پوڙهن ماءُ پيءُ ۽ ٻارن جو پيٽ گذر ڪندو هو.
    جن ڏينهن عبدالله کي قتل ڪيو ويو هو اهي ڪڻڪ جي لاباري جا ڏينهن هئا. هن انهن ڏينهن کي پنهنجي لاءِ سکيو سمجهيو هو، ته انهن ڏينهن ۾ لاباري جي مزدوري ڪري ڪجهه وقت تائين پنهنجي گهر جي گاڏي کي هلائي سگهندو. پر ڪهڙي خبر ته اهي ڏينهن هن جي زندگي جا آخري ڏينهن هجن. بقول ته:
    “بندي جي من ۾ هڪڙي، رب ڪري ٻي”
    انهن لاباري وارن ڏينهن ۾ عبدالله ڪنهن زميندار کان ڪڻڪ جا ڪجهه ايڪڙ لاباري لاءِ ورتا هئا. ڪڻڪ جي لاباري جي باري ۾ سوچيندي هن ڏينهن کي پورو ڪيو تان جو رات ٿي وئي. نه ڄاڻان ته رات جو هن کي سوچيندي سوچيندي ڪيڏي مهل ننڊ آئي هوندي. اها رات ان نڀاڳي ڏينهن جي پرهه ڦٽيءَ جي هئي جنهن ڏينهن ظالمن هن جي سيني تي چڙهي ٽنگون ٻانهون ٻڌي کيس جيئرو ڪات سان بيدردي سان ڪُٺو هو.
    پرهه ڦٽندي ئي پيءُ جي جاڳائڻ تي هن ننڊ مان اٿي چانهه جا ٻه ٽي ڍُڪ ڀري باقي نيرن ٻنيءَ تي کائڻ جو سوچي پنهنجي پوڙهي پيءُ ۽ ننڍڙي ڀاءُ سان ڏاٽا ۽ نيرن کڻي روانو ٿيو.
    ظالمن کي هن جي سنبت جي پهرين ئي ڪا خبر هئي، سي پنهنجي ”مڪمل بندوبست“ سان هن جي ڪڍ هلڻ لڳا. گهڻي پنڌ لاءِ هنن ظالمن پهرين ته ڊاٽسن جو سفر طئي ڪيو جنهن ۾ هي جمله 7 – 8 ڄڻا همراهه هئا. هنن سان گڏ ”مڪمل بندوبست“ ۾ بندوق، ڪهاڙي، ڇُرا، ڪات، رسا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هو. ويجهو پهچي هنن عبدالله (جيڪو پنهنجي پوڙهي پيءُ ۽ ننڍي ڀاءُ جي پويان پٽڙي تان پيادل هلي رهيو هو) کي هڪڙي گوليءَ هنئي، جيڪا کيس ٻانهن ۾ لڳي، ٻي گولي کيس ٽنگ ۾ لڳي، ٽي ۽ آخري گولي کيس ڪنڌ ۾ لڳي جنهن هن کي پٽڙي تان هيٺ ڪيرايو. جيئن ئي عبدالله هيٺ ڪريو، اهي ظالم هن تي شڪاري ڪتن وانگر چڙهي ويا. ڪن ٻانهون ٻڌيون، ڪن ٽنگون، ڪي سيني تي چڙهي ويٺا. تان جو هڪڙي ڄڻي سوگهو ڪيل عبدالله جي سري ڪات سان لاهي خوشي مان ٽهڪ ڏيئي سري سندس ڀاءُ ڏي اڇلائي، جنهن ڊوڙي وڃي پنهنجي مظلوم ۽ بيگناهه ڀاءُ جي سري کڻي چُمي ۽ ڌار ٿيل ڌڙ ڏانهن ڊوڙڻ لڳو. انهن پيءُ ۽ پٽ لاءِ ته قيامت کان اڳ ئي قيامت اچي ويئي هئي. ڌڙ وٽ پهچي هنن جا هوش و حواس ختم ٿي ويا، ڇوته، عبدالله جي جسم مان ڦوهارا ڏيئي نڪرندڙ رت پوري ڌڙ کي ڳاڙهي ڪنوار بڻائي ڇڏيو هو. جڏهن ڌڙ ڇڙيون هڻڻ بند ڪيون تڏهن وڃي ڪي ماڻهو پهتا جن سري کي ڌڙ سان گڏ رکيو. انهي مهل پوڙهي پيءُ ۽ ننڍڙي ڀاءُ سان ٿيل قهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جيڪي اهو منظر ڏسي چريا ٿي ويا هئا.
    بيگناهه ۽ مظلوم عبدالله جي انهيءَ ڌڙ واري جڳهه تي اڄ به مٽيءَ جو قبر نما وڏو ڍِڳ ڏسڻ ۾ ايندو جيڪو عبدالله جي جسم مان ڦوهارا ڏيئي نڪرندڙ رت کي بند ڏيڻ لاءِ ڏنو ويو هو.
    عبدالله ته شهيد ٿي موت جو دروازو ٽپي ان ڏيهه ڏانهن روانو ٿي ويو جتان اڄ ڪوبه ڪونه آيو آهي. پر پويان انيڪ اڌورا خواب ڇڏي ويو جيڪي ڪڏهن به ساڀيان ٿي نه سگهندا. جيڪي پوڙهي ماءُ پيءُ، ننڍڙي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي چريي ٿيڻ ۽ عبدالله جي نوجوان زال بيوهه ٿيڻ ۽ ٻارن جي يتيم ٿيڻ جي صورت ۾ دنيا جي سامهون بيک منڱي رهيا آهن. اڄ سندن گهر مڪمل طرح تباهه ٿي ويو آهي. ڄڻڪه اهو گهر عبدالله جي موت تي ماتم ڪري رهيو هجي ۽ دنيا واسين کي کُلي عام اعلان ڪري رهيو آهي ته ”اي هن پاپي سنسار ۾ انصاف جي اميد رکندڙو! توهان جي اها اميد ڪڏهن به پوري نه ٿي سگهندي ڇوته هي ظلم جو گهر آهي جتان انصاف جي اميد رکڻ سراسر بيوقوفي آهي، ائين نه ٿئي جو توهان جو حال مون جهڙو ٿي وڃي.“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    سائين واردات جو سبب چٽو نه هئڻ ڪري سمجھ ۾ نه آيو ؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو