باغ ارم يعني شداد جو بهشت

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهيم فدا شورو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2016۔

  1. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    باغ ارم يعني شداد جو بهشت
    - از؛ فهيم فدا شورو

    * شداد ڪير هو؟
    شداد عاد قوم مان هڪ فرد هو. ڪتابن ۾ شداد جو نسب نامو هن طرح اچي ٿو. شداد بن عاد بن عوص بن ارم بن سام بن حضرت نوح عليه السلام. ڌرتي تي شداد هڪ سرڪش، انا پرست حڪمران ٿي گذريو آهي. اهو اهو ئي شداد آهي جنهن وقت جي پيغمبر سان ٽڪر کاڌو ۽ سرڪشي ۾ حدون اورانگهيندي اورانگهيندي ايترو ته اڳتي وڌي ويو، جو جڏهن کيس خبر پئي ته، هن دنيا دارالفنا ۾ نيڪو ڪارن ۽ چڱا ڪم ڪندڙن جي بدلي ۾ آخرت ۾ کين ايزد الاهي طرفان انعامات جي بطور جنتون ۽ بهشت ملندا. ته ان وقت کيس روءِ زمين تي پنهنجي لاءِ بهشت جوڙڻ جو خيال آيو. اهڙي ريت ٽن سئو سالن جي عرصي ۾ بهشت ٺهرائي راس ڪيائين. پنهنجي جنت جو نالو سندس ڏاڏي ارم جي نالي سان “باغِ ارم” رکيائين.

    * عاد قوم ۽ سندن رهائش؟
    عاد قوم کي قرآن مجيد ۾ “من بعد قوم نوح” ڪري ڪوٺيو ويو آهي. يعني ته هي قوم حضرت نوح عليه السلام جي قوم کان پوءِ دنيا جي نقشي تي نروار ٿي. عاد قوم هڪ سامي قوم آهي. هن قوم جا سمورا افراد ڏاڍا طاقتور، همت ڀريا ۽ بر سر اقتدار هئا. عربستان جي تاريخ ۾ عاد، ثمود، طسم، جديس ۽ اهڙين ٻين قديم قومن کي “عرب عاربه” يعني خالص عرب يا “عرب بائده” يعني نالو نيشان گم ٿيل قومون ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. عاد جو زمانو تقريبن ساڍا ڇهه هزار سال قبل مسيح سمجهڻ گهرجي. هي قوم احقاف جي علائقي ۾ رهندي هئي. احقاف عربستان جي ڏکڻ ۾ هڪ جزيره نما علائقو آهي. هن جي اوڀر ۾ عمان سلطنت، اولهه ۾ يمن، اتر ۾ ربع الخالي ۽ ڏکڻ ۾ حضرموت جي وادي آهي. عاد قوم اڪيلي الله کي مڃڻ بدران بتن جي پوڄا پاٺ ڪندي هئي، سندن بتن جا نالا ود، سواع، يغوث، صمود، هتار ۽ نسر هو. احقاف لغت ۾ ريتي جا وڏن دڙن کي چئجي ٿو. عاد قوم جا هن وقت انساني ڍانچا، ڳري ويل هڏا ڏسندڙ کي حيران ڪريو ڇڏين ته ان وقت جي انسانذات جو جسم، قد ڪاٺ ڪيڏو نه اوچو هو.

    * احقاف هڪ ريتيلو ريگستاني علائقو
    احقاف هڪ اهڙو ريگستان ۽ برپٽ آهي جو ان جي اندر وڃڻ جي ڪنهن به بني بشر کي طاقت نه آهي. تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته 1843ع ڌاري جرمني جو هڪ فوجي احقاف جي ڏاکڻئين پاسي پهتو هو. ان جي بقول هي صحرا هڪ هزار فٽ تي مشتمل آهي. هي سمورو علائقو سفيد واري سان واريل آهي. جيڪڏهن واري ۾ ڪا شئي ڪري وڃي ته اها ان ريتي ۽ واري ۾ ٻُڏيو وڃي. تجربي خاطر انهي جرمن فوجي ڪا شئي واري ۾ اڇلائي جيڪا پنجويهه منٽن ۾ واري اندر غرق ٿي وئي.

    * شداد وٽ بهشت جوڙڻ جي لاءِ مال ملڪيت ۽ ڌن دولت ڪٿان آئي؟
    هڪ ڪمزور روايت موجب ته عاد وقت جو بادشاهه هو. کيس شديد ۽ شداد نالي سان ٻه پٽ هئا. عاد جي گذاري وڃڻ بعد شديد تخت تي ويٺو، هن 700 سال حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ سندس ڀاءُ شداد بادشاهي تي ويٺو جنهن اڳتي هلي پنهنجي شاهي خزاني، مال ملڪيت ۽ ڌن دولت مان پنهنجي لاءِ ڌرتي تي بهشت جوڙايو. اها هڪ ڪمزور روايت هئي.

    * شداد ۽ شداد جي ماءُ جو قصو:
    تفسير فتح القدير ۾ آيل آهي هڪ ڀيري الله تعاليٰ باوجود ڄاڻ هجي جي، موت جي فرشتي حضرت عزرائيل عليه السلام کان پڇا ڪئي ته توکي ڪڏهن ڪنهن انسان جي روح قبض ڪرڻ وقت ڪجهه رحم، قياس آيو يا نه؟ ملڪ الموت عرض ڪيو ته اي رب العزت! هائو! مون کي ٻن انسانن جو روح قبض ڪرڻ وقت تمام گهڻو رحم آيو. جيڪڏهن تنهنجو حڪم نه هجي ها ته آئون هرگز انهن جو ساهه قبض نه ڪيان ها. انهن انسانن مان هڪ عورت هئي جيڪا بحري جهاز ۾ ڪافي مسافرن سان گڏ سفر ڪري رهي هئي. اها عورت حمل سان هئي. اوچتو کيس ويم جا سُور شروع ٿي ويا ۽ ٻار ڄمي پيو. عين انهي وقت سامونڊي طوفان لڳڻ شروع ٿي ويو ۽ اهو جهاز انهي طوفان جو شڪار ٿي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. انهي عورت کي جهاز جو ٽٽل تختو هٿ آيو ۽ ان جي سهاري سان پاڻ ۽ پنهنجو ننڍڙو ڄاول پٽ ترڻ لڳا. عين انهي وقت مون کي حڪم ٿيو ته انهي عورت جو روح قبض ڪرڻو آهي. انهي وقت مون کي انهي عورت تي ڪهل آئي هئي. ٻيو ان بادشاهه جي روح قبض ڪرڻ وقت مٿس ڪهل آيم جڏهن هن پنهنجي عيش آرام واسطي هڪ عاليشان محل جوڙايو ۽ هو جڏهن پنهنجي جوڙايل محل کي ڏسڻ لاءِ مين گيٽ تي پهتو. سندس هڪ قدم مين گيٽ جي اندر هو ۽ ٻيو ٻاهر. ان وقت مون کي حڪم ٿيو ته انهي جو روح قبض ڪر. مون کي واءِ حسرتا طور ان تي قياس آيو. الله تعاليٰ ملڪ الموت کي فرمايو ته ڇا تون ڄاڻين ٿو ته اهو عاليشان محل جوڙڻ وارو ڪير هو؟ ملڪ الموت عرض ڪيو ته اي الله آئون نٿو ڄاڻان. منهنجو مولا ئي بهتر ڄاڻي ٿو. الله تعاليٰ فرمايو اهو شخص اُهو ئي ٻالڪ هو جنهن جي ماءُ جو روح قبض ڪرڻ وقت توکي قياس آيو هو. مون پنهنجي هن ٻانهي تي وڏا احسان ڪيا، دنيا جو بادشاهه بنايو پر منهنجو شڪر ڪرڻ بجاءِ ڪفر جي راهه اختيار ڪيائين.

    * شداد روءِ زمين جو بي تاج بادشاهه ڪيئن بڻيو؟
    اهو ننڍڙو ٻار اڪيلو ئي اڪيلو سمنڊ جي لهرن ۾ تختي جي واسطي سان لُڏندو اچي ڪناري تي پهتو. جتان کيس ڪنهن ماهيگير کڻي پنهنجو اولاد سمجهي پرورش ڪيائين. انهي ماهيگير کي ڪو اولاد نه هو ان ڪري هي ننڍڙو ٻنهي جو منظور نظر بنجي ويو. ماهيگير سندس نالو شداد رکيو. اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو، آخر اچي ستن سالن جو ٿيو. ستن سالن جي عمر ۾ شداد نهايت چالاڪ، دانا ۽ هوشيار هو. هڪ ڀيري رستي تي ٻارن سان راند ڪري رهيو هو. ته اچانڪ وقت جو بادشاهه شهر جي سير تي پنهنجي وڏي لشڪر سان نڪتو. سڀ ٻار هڪ پاسي ٿي، لڪي شاهي لشڪر جو نظارو ڪرڻ لڳا. پر شداد اتي ئي بيٺو رهيو. جڏهن لشڪر روانو ٿي ويو ته ڪجهه سپاهي لشڪر جي پٺيان پيرين پيادا ٿي لشڪر ڪريل شين جي جائزي وٺڻ لاءِ آيا. هڪ سپاهي زمين تي ڪريل هڪ سرمو سرميداڻي سميت لڌو. پهريائين سوچيائين ته اهو سرمو پنهنجي اکين ۾ وجهان پر پوءِ انهي ڊپ جي ڪري نه وڌائين ته متان سرمو پائڻ سان پنهنجون اکيون نه وڃائي ويهان. ان ڪري ڀرسان بيٺل شداد جيڪو اڃان ٻار هو، کي سرمو پائڻ لاءِ ڏنائين. شداد جڏهن سرمو پاتو ته کيس زمين ۾ پوريل خزانا هڪ هڪ ٿي ڏسڻ ۾ آيا. جيئن ته شداد چالاڪ، هوشيار ۽ ذهين هو ان ڪري سرمو پائڻ شرط وڏيون رڙيون ۽ هاءِ گهوڙا شروع ڪيائين ته منهنجون اکيون ضايع ٿي ويون وغيره وغيره. شداد جي رڙين جو ٻڌي اهي پيادل سپاهي هڪدم اتان ڀڄي نڪري ويا. اهڙي ريت شداد انهي سرمي جي آڌار تي زمين جي اندر خزانا ڏسي انهن کي ڪڍرائي مال ملڪيت ۽ ڌن دولت جو صاحب بڻيو. ۽ وقت اچڻ تي دنيا جو بادشاهه ٿي ويو ۽ پنهنجي عيش آرام جي لاءِ هڪ عاليشان محل جوڙايائين جنهن جو نالو “باغ ارم” رکيائين. عرف عام ۾ انهي کي شداد جو بهشت چيو وڃي ٿو.

    * شداد جي بهشت جا نقش و نگار ۽ چٽساليون
    شداد پنهنجي جوڙايل بهشت ۾ سون، چاندي، مشڪ، عنبر، زعفران، سنگ مر مر استعمال ڪيو. بهشت جو بنياد سنگ مر مر سان زمين جي اندر چاليهه گز سان رکيو ويو. بهشت جون ديوارون چاندي ۽ سون جي سرن سان، ڇت ۽ ٿنڀا زبرجد ۽ زُمرد سبز سان ٺاهيا ويا. پٿرن جي بجاءِ ان ۾ هيرا، لعل، موتي ۽ جوهرات استعمال ڪيا ويا. ٽن سئو سالن ۾ هي بهشت جڙي راس ٿيو. بهشت جي باغات جا وڻ اڌ چاندي ۽ اڌ سون سان، وڻن جا پن زمرد مان، ٽاريون ياقوت مان ٺهي راس ٿيون. بهشت ۾ مٽي جي بجاءِ مشڪ، عنبر ۽ زعفران استعمال ڪيو ويو. پٿر جي بجاءِ اڱڻ ۾ موتي ۽ املهه ماڻڪ لڳايا ويا. بهشت ۾ نهرون شراب ۽ ماکي جون جاري ڪيون ويون. مين گيٽ تي چار ميدان ٺاهيا ويا. انهن ميدانن ۾ ميويدار وڻ لڳايا ويا. هر هڪ ميدان ۾ سون ۽ چاندي جون هڪ لک ڪرسيون لڳايون ويون. پوري دنيا مان حسين و جميل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گهرائي انهن کي بهشت ۾ حورون ۽ غلمان طور رهايو ويو. چاندي ۽ سون جا چاليهه هزار خزانا بهشت جي لاءِ ايڊوانس بجيٽ طور رکيا ويا. مطلب ته روءِ زمين تي دنيا جو هڪ عاليشان محل جوڙايو ويو. شداد جي جوڙايل باغ ارم جي باري ۾ قرآن مجيد ۾ سورت الفجر جي آيت ڪريمه آهي ته “اِرَمَ ذَاتِ العِمَاد. اَللتِي لَم يُخلَق مِثلُهَا فِي البِلَادِ.

    * شداد جو پنهنجو جوڙايل بهشت باغ ارم ڏسڻ
    جڏهن ٽن سئو سالن جي وڏي عرصي بعد باغ ارم ٺهي راس ٿيو ته ان وقت شداد وڏي ناز انداز، هشمت و هيبت سان بهشت کي ڏسڻ لاءِ پنهنجي هزارين ماڻهن سان گڏ پهتو. شداد ۽ ان جي ٺاهه ٺُڪ کي ڏسڻ جي لاءِ هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. سڀ کان پهرين شداد بهشت جي چئن ئي ميدانن ۾ پنهنجا خاص ٻانها۽ غلام موڪليا. خاص الخاص ٻانهي کي پاڻ سان گڏ کڻي بهشت ڏسڻ لاءِ بهشت جي ويجهو پهتو. بهشت جي مين گيٽ جي اندر اڃان پنهنجو هڪ قدم ئي رکيو هئائين ۽ سندس ٻيو قدم گيٽ کان ٻاهر هو ته عين انهي وقت مين گيٽ تي هڪ شخص کي بيٺل ڏٺائين. شداد کانئس پڇيو ته تون ڪير آهين. وراڻيائين ته آئون ملڪ الموت آهيان، تنهنجو روح قبض ڪرڻ واسطي هتي آيو آهيان. اهو ٻڌي شداد کيس عرض ڪيو ته مون کي صرف ايتري مهلت ڏي ته جيئن آئون پنهنجي جوڙايل جنت ڏسان. ملڪ الموت وراڻيو ته خدا جو حڪم آهي ته آئون تنهنجو هن حال ۾ روح قبض ڪريان ۽ خدا پاڪ نٿو چاهي ته تون پنهنجي جوڙايل جنت ڏسين. اهڙي ريت ملڪ الموت شداد جو روح قبض ڪيو. ملڪ الموت کان علاوه حضرت جبرائيل عليه السلام الله جي حڪم سان ظاهر ٿيو ۽ هڪ وڏي هيبتناڪ رڙ ۽ چيخ ڪيائين جنهن سان سمورا ناظرين ۽ جيڪو ڪجهه هو سمورو هلاڪ ٿي ويو. هڪ روايت موجب شداد جو هڪ پير گهوڙي جي رڪيب ۾ هو ۽ ٻيو پنهنجي جوڙايل جنت جي گيٽ تي هو. عين انهي وقت سندس روح قبض ڪيو ويو.

    * شداد جي بهشت جو ڪنهن عيني مشاهدو ڪيو؟
    اموي سلطنت جي باني امير المومنين حضرت امير معاويه جي دور حڪومت ۾ حضرت عبدالله بن قلابه پنهنجي وڃايل اُٺ جي تلاش ۽ ڳولا ۾ نڪتو ۽ عدن جي صحرا ۾ کيس رات ٿي وئي. جتي کيس هيرن جواهرن، روشنين سان هڪ شهر ڏسڻ ۾ آيو. جڏهن اتي پهتو ته کيس عيش و آرام جا سمورا اسباب ڏٺائين. پراتي ڪو بني بشر، انسان کيس ڏسڻ ۾ نه آيو. رات گذارڻ واسطي اتي رهي پيو ۽ يادگيري خاطر چند هيرا جواهر پاڻ وٽ رکيائين. صبح ٿيڻ شرط جڏهن سندس اک کُلي ته پنهنجي پاڻ کي ريگستان ۾ واري تي سُتل ڏٺائين. البته وٽس رکيل هيرا جواهر جيئن جو تيئن پيل رهيا. گهر پهچي عبدالله بن قلابه خليفه امير معاويه جي دربار ۾ پهتو ۽ پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌايائين ۽ ثابتي خاطر پنهنجي پاڻ سان آندل هيرا جواهر پيش ڪيائين. حضرت امير معاويه ان وقت جي مشهور عالم حضرت ڪعب احبار کان معلوم ڪيو ته دنيا ۾ ڪو اهڙو شهر موجود آهي ته ڪعب احبار وراڻيو ته ها آهي اهو شهر، جنهن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ به آيو آهي. انهي کي شداد جوڙايو هو ۽ انهي شهر جو نالو ارم ذات العماد هو ۽ هي اهو ئي شهر آهي جنهن جو بيان الله پاڪ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ آندو آهي. ان وقت جا رهواسي سڀ عذاب الاهي سان هلاڪ ٿي ويا. ڪوبه انهن مان جيئرو نه بچيو ۽ اوهان (امير معاويه) جي زماني ۾ هڪ مسلمان جنهن جون اکيون نيريون، قد ننڍڙو ان جي ڀرونئن تي هڪ تِر هوندو، اهو پنهنجي اُٺ جي ڳولا ۾ انهي ويران شهر ۾ داخل ٿيندو. ايتري ۾ ڪعب احبار عبدالله بن قلابه کي ڏسي چيو ته. والله! جيڪو شداد جي جوڙايل جنت کي ڏسندو اهو هي ئي آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    سائين ! منهنجي مطالعي ۾ ائين آهي ته .....حضرت جبرائيل عليه اسلام کي ان ٻار تي رحم آيو ..جڏهن ان ٻار جي ما۽ُ جو روح قبض ڪيو. ۽ بعد ۾ الله پاڪ فرمايو ته توکي هڪ ئي ما ڻهو۽َ تي ٻه دفعا رحم آيو . ( سائين هي تنقيد ناهي ، صرف معلومات جي ڏي وٺ مقصد آ )
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    سائين تمام بهترين ڄاڻ سان ٽمٽار آرٽيڪل اوهان جو ڏاڍو وڻيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فهيم فدا شورو

    فهيم فدا شورو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جون 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    تعليم کاتي ۾ استاد
    ماڳ:
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    مهربانيون سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو